اسد چانڊيو گذريل ٽن سالن ۾، مان ٽَي ڀيرا کُلي رنو هان. صفا پاڻ کي جهلي نه سگهيو هان. پنهنجي اظهار جا ٻيا سمورا دڳ، اڻ پورا محسوس ڪري، پاڻ تي پاڻ ئي رنو هان، اندر جي بي چيني ڳوڙهن ڳاڙڻ بنا گهٽ ناهي ٿي. اکين جا بند ڀڃڻ بنا، ٿيل نقصان جي تلافيءَ جو ٻيو دڳ نظر ناهي آيو. بيوسيءَ جو احساس، سڏڪن کان سواءِ ٻي ٻولي ڳالهائي ناهي سگهيو. پهريان سُڏڪا ۽ڳوڙها مان ”امرتا جي هڪ افساني جو موتُ“ جي شڪل ۾ سنڌ تائين پهچايا هئا. صوفيا منهنجي فيس بوڪ جو هڪ ڪردار هئي ۽ فيس بوڪ جو هڪ ڪردار بڻجي ئي ختم ٿي وئي. مون وٽ رهجي ويو ته اهو روئڻ، جيڪو سندس موت جي اطلاع تي، پوري گهر ۾ گونجي رهيو هو، پورو گهر پريشان هو، پوءِ مان فقط ايترو ئي ڪري سگهيس جو، صوفيا جي، مٿس ”افسانو ضرور لکڻ“ جي خواهش مان، ”امرتا جي هڪ افساني جو موت“ جي شڪل ۾ پوري ڪري ڏيکاري، پر اها خواهش پوري ڪندي، مان ڪٿي- ڪٿي پاڻ ئي ”پورو“ ٿي ويس، ان کي شايد ڪو به سمجهي نه سگهي. روئڻ جو ٻيو دور ”امرتا جي هڪ افساني جو موت“ جي صدقي مليل پيار ڪري آيو. ساهه نپوڙبو رهيو، مان پاڻ نپوڙبو رهيس، منهنجي وجود جي نپوڙجڻ جا ٺڪاءَ مفاصلن کي مات ڏئي ويا ۽ هاڻ علي حسن. علي حسن جو اوچتو موتُ، زندگيءَ کي ڇرڪائي ڇڏيندڙ موتُ، زندگيءَ مان ڇرڪ ڪڍائي ڇڏيندڙ موتُ، مون کي به ايئن ئي اڪيلو ڪري ويو جو، دل سچل ڳوٺ جي آسپاس کان ڀڄي وڃڻ ٿي چاهي، بَر ُمنهن ڪرڻ ٿي چاهي، هتي ته هاڻ رهڻ ڄڻ ”زهر ڍُڪ پيَڻ“ آهي. علي حسن جي ڪچهرين کان، يادن کان، پيار کان، اعتماد کان ته، هتي رهندي ڀڄي سگهڻ ممڪن نه آهي. بنا دَر ۽ دريءَ وارو منهنجو ڪمرو، در ۽ دريءَ سان گڏ بنا بلب ۽ پکَي وارو منهنجو ڊرائنگ روم، گهر جي درَ ٻاهران رستو، رستن سان ملندڙ رستا، اوڙو، پاڙو سڀ وڃي ٿا اُتي دنگ ڪن، جتي علي حسن هر طرف نظر پيو اچي. صبح جو اک کلڻ سان ئي علي حسن جي مس ڪال ۽ ميسيج جو انتظار ٿو رهي، اهڙو انتظار، جيڪو هاڻ ڪڏهن به پورو ٿي نه سگهندو، ڪڏهن به پورو ناهي ٿيڻو. علي حسن کي ذهن ۾ رکي، ڳالهه ڪٿان شروع ڪجي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي. ڪجهه سالن اندر ئي علي حسن سان ايترو وقت گڏ گذاريو، ايئن جدوجهدون گڏ ڪيون، ايئن سفرَ جا ساٿي رهياسين جو، ”علي حسن جي ڳالهه شروع ڪٿان ڪجي؟“، جَي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. گذريل رات ئي دوستن سان گڏ ويٺو هوس جو، علي حسن جو ذڪر ڇڙيو. منهنجي خيال ۾ ڳالهه اتان ئي شروع ڪجي، ڇو ته اهو ذڪر ئي اوهان کي منهنجي ۽ علي حسن جي دوستيءَ ۽ اعتماد جي رشتي ۾ ڳنڍجي وڃڻ کي سمجهائي سگهندو. منهنجو دوست ۽ سينئر ساٿي ڀائو ذلف، گذريل رات منهنجي ۽ علي حسن بابت ڪجهه هن ريت انڪشاف ڪري رهيو هو: ”علي حسن به منهنجو پراڻو دوست ته، مظفر ڪلهوڙو به. علي حسن ايس ٽي پيءَ جو سينئر وائيس چيئرمين ۽ مظفر ڪلهوڙو پريس ترجمان. ٻنهي جي مون کي فون مٿان فون ته:” اسد اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو. اسد عوامي تحريڪ جو ماڻهو آهي، ان اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو!“. مٿان وري ڏاڏي قادر رانٽي جي فون : ”اسد اسان کي تباهه پيو ڪري- خبر ناهي ڪنهن جو ماڻهو آهي جو، اسد اسان کي تباهه پيو ڪري!“. مون علي حسن ۽ مظفر کي چيو :”اوهان چئو ٿا ته اسد عوامي تحريڪ جو ماڻهو آهي. عوامي تحريڪ چوي ٿي ته اسد الائي ڪنهن جو ماڻهو آهي!، پهرين اوهان ٻئي تنظيمون طئي ڪري وٺو، اسد ڪنهن جو ماڻهو آهي؟“. ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڌرڻي لاءِ ايندي ايس ٽي پيءَ جا ٻه ڪارڪن پوليس هٿان ماريا ويا، ان سانحي تي تو تجزيو لکيو ۽ ٻئي ڏينهن علي حسن جي فون مون وٽ آئي:” اسان اسد کي غلط پئي سمجهيو. مان اسد لاءِ پنهنجي راءِ بدلائڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ۽ بدلائي رهيو آهيان. اسد اهو نه آهي، جيڪو اسان سمجهيو پئي“. مان خاموشيءَ سان ڀائوءَ جي ڳالهه ٻڌندو به رهيس ۽ پوءِ جا واقعا ذهن ۾ ورجائيندو به رهيس. هڪ ڏينهن مان جيئن ئي معمول جيان آفيس پهتس، رسيپشن تان ئي پيغام مليو:” ڊاڪٽر خير محمد جوڻَي جي ڪمري ۾ اوهان جا مهمان، اوهان جو انتظار پيا ڪن“. ۽ مان جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيس، علي حسن به ويٺو هو ته ان سان گڏ ٻه ٽي ٻيا دوست به. منهنجي علي حسن سان به اها پهرين ملاقات هئي ته، سندس ساٿين سان به. ايس ٽي پيءَ جي پاڻ مٿان ڪاوڙيل هئڻ جا سنيها ته ملندا ئي رهندا هئا، سو، سوچيم ته، دوستن وٽ ”غلط فهمي“ هاڻ شايد ”سنيهن“ کان چڙهي وئي آهي جو، پاڻ پنڌ ڪري پهتا آهن!. ايئن مون به مناسب سمجهيو ته، اڄ ڳالهيون صاف ٿي وڃن ته بهتر. علي حسن پنهنجي ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ خاموش ٿيو ته، مان بنا ڪنهن رک رکائي جي ساڻس اهي سموريون ڳالهيون جيئن جو تيئن ڪري ڇڏيون، جيئن منهنجي ذهن ۾ هيون. هو خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو، سندس چهري تي سياسي ضد نظر نه آيو. خير، ڪچهري پوري ٿي. هو اٿيو ۽ گرمي جوشيءَ سان موڪلائي روانو ٿي ويو. مون به ڳالهه کي ”آئي وئي“ سمجهي وساري ڇڏيو - پر پوءِ علي حسن جو خبرن، چارن لاءِ رابطو شروع ٿيو، سندس آفيس اچڻ تي ملڻ جي واٽ نڪري پئي، پاڙيسري هئڻ ڪري، ڪڏهن فون ڪري پهچي وڃڻ ۽ ڪڏهن :”اچ ته ڪچهري ڪريون“ جو سلسلو شروع ٿيو. هڪ ٻئي تي اعتماد ڪرڻ شروع ڪيو، هڪ ٻئي کي، هڪ ٻئي جي جوهر کان واقفيت ملڻ شروع ٿي. هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ به شايد ضروري هجي ته، منهنجا ڪيترائي دوست، جيڪي علي حسن سان ايس ٽي پيءَ جو شروعاتي سرگرم دور گڏ گذاري چڪا هئا، سَي ”مون جيان ئي هئڻ ڪري“، مون سان ڪڏهن به علي حسن جي تعريف ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندا هئا، هميشه گڏيل سياسي سفر دوران، سندس اوڻائين جو ئي ذڪر ڪندا هئا، پر مان ڪڏهن به علي حسن کي، ڪنهن به ٻئي جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي. زندگيءَ ۾، مان هميشه پنهنجي وجدانَ تي ئي اعتبار ڪيو آهي. جڏهن شيون پاڻ سامهون هجن ته، ٻين جي لفظن کي ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي، پر ڏسڻ هميشه پنهنجين اکين سان ئي گهرجي. سمجهڻ پنهنجي ذهن سان ئي گهرجي. مون کي خبر هئي ته، مون سان ڪنهن ڪرپٽ ۽ منافق جو ڊگهو سفر ممڪن نه آهي. علي حسن جي اڃا تائين ايئن ئي آهي، جيئن ٻڌايو پيو وڃي ته، اسان جي دوستيءَ جو ”انجام“ به جلد ئي ٿي ويندو، ۽ جَي هو تجربن جي بٺيءَ ۾ پڪو آهي ته، ماضيءَ بجاءِ کيس حال ۾ ڏسڻ گهرجي. مستقبل طرف سندس کڄندڙ قدمن تي ئي نظر رکڻ گهرجي. ماضيءَ کي لٺيون هڻڻ سان مستقبل بهتر ناهي ٿيندو، بهتر مستقبل لاءِ ”حال“ جا قدم صحيح هئڻ ضروري آهن، نه ڪي ”ماضيءَ کي ميارون ڏيڻ“. - ۽ پوءِ علي حسن سنڌ نيشنل موومينٽ جو بنياد وجهي الڳ سياسي سفر جي شروعات ڪئي. ڊگهي سياسي سفر باوجود، اهو سندس پهريون تجربو هو جو، هو پاڻ هڪ سياسي ٽيم جو حصو نه پر، سياسي ٽيم جوڙيندڙ هو، اهو به اهڙين حالتن ۾ جڏهن، سنڌ ۾ لفظ ”سياست“ ٺڳن ۽ ٺڳيءَ طور پنهنجي مضبوط سڃاڻپ بڻائي چڪو هو. ان عرصي ۾ ئي ساڻس ملاقاتون وڌي ويون، 35 سال سرگرم سياست ڪرڻ باوجود، هن ”سنڌ“۽” سياست“ کي نئين سر سمجهڻ ٿي چاهيو، جنهن مان به هُن ”قومي سوچ“ ۽” قومي سمجهه“ ملڻ جو آسرو پئي ڀانئيو، پاڻ ئي ان جي در تي لڙي ٿي ويو. هڪ شاگرد جيان ذهن ۾ موجود سوالن کي اڇلائي، پاڻ خاموشيءَ سان ٻڌڻ ٿي چاهيو، سمجهڻ ٿي چاهيو، سمجهي عمل ڪرڻ ٿي چاهيو. سنڌ جي هڪ مظلوم نياڻي رنڪل ڪماري، جيڪا مارئي جيان اڄ به عمر جي ڪوٽ ۾ قيد آهي!، پنهنجن ۾ هوندي به، پراون ۾ آهي!، غلام سنڌ جيان، غلاميءَ جو اهڃاڻ بڻجي ويل آهي، تَنهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ، صحافت جي دنيا ۾ پاتل پيرَ بعد، پنهنجي صفا سوشل نه هئڻ واري اڳ جي ڪردار کي لت هڻي، سرگرم ٿيڻ دوران، سنڌ جي جيتري قيادت سان ”آمهون سامهون“ ٿيڻ جو موقعو مليو، مون علي حسن کي سڀني کان مٿڀرو ڏٺو. هو ٻار جيان سکڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ پاڻ کي سرگرم رکڻ لاءِ اتاولو هو. هو عمل جي واٽ تي، پيرين پنڌ به نڪري پوندڙ هو. هُن مان سماج کي ڏيڻ جو جذبو نه رڳو مئو نه هو، پر جوان به هو. هو سماج کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ لاءِ هر وقت، هر وک کڻڻ لاءِ تيار هو، اهڙي وک جيڪا ظاهري طور سندس ذميواري نه به هجي، پر پوءِ به هو کڻڻ چاهي!، ڪجهه ڪرڻ لاءِ، ڪجهه ڪري سگهڻ لاءِ کڻڻ چاهي!. ڪٿي اوهان کي اهڙي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي، اچو ته هڪ مثال ذريعي اوهان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي. گذريل اپريل جي ئي ڳالهه آهي. سنڌ جي هڪ سرگرم قومي تحريڪ کي دهشتگرد قرار ڏئي پابندي مڙهي ڇڏڻ جو رحمان ملڪ جي دور ۾ ڪيل فيصلي جو، وفاقي گهرو کاتي جو نوٽيفڪيشن، عمل لاءِ سنڌ حڪومت وٽ اچي پهتو ۽ ايئن اخبارن تائين به پهچي ويو. جڏهن 2 – اپريل تي اهڙي خبر اخبارن ۾ شايع ٿي، ۽ جنهن وقت اڃا پابنديءَ هيٺ آيل قومي تحريڪ جو ردِ عمل به نه پهتو هو، آفيس ۾ هوس جو سيل فون تي علي حسن جو نالو ظاهر ٿيو. فون ٻڌڻ لاءِ ڪن تي رکيم، آواز آيو :”هيٺ بيٺو هان، اچُ“. مان ڪم کي ڇڏي وڃي وٽس پهتس. پاڻ، پنهنجي وفادار دوست ۽ مائٽ اعجاز کي ڊرائيور بڻائي ڪار جي ڀر ۾ بيٺل، چيائين :” ڇا ڪجي؟“. مان سندس اشارو سمجهي ويس ۽ چيم:” جَي سنڌ ۾ سياسي ۽ قومي سوچن تي پابنديون لڳڻ شروع ٿيون ته، ڪو به پاڻ کي بچائي نه سگهندو، مفاهمت جي دينَ کي مڃي ويٺل سنڌ جي سياست، ويتر پنهنجي ڀاڙيائپ لاءِ دليل گهڙي وٺندي. معاملو هڪ تنظيم تي پابندي جو آهي، تون هڪ تنظيم جي اڳواڻ طور، ڪنهن به تنظيم تي پابندي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگهين!. ڳالهه ڪنهن سان، ڪن به اختلافن جي ناهي، ڳالهه سنڌ جي سياست کي ڏوهه بڻائڻ جي آهي. سنڌ جي سياست کي ان” ڏوهه“ جو حصو ٿيڻ بجاءِ، ان جي ڀرپور مزاحمت ڪرڻ گهرجي“. چيائين :”ٻيا ڇا ڪندا؟“، مان کيس آڱرين جي پورَن تي سمورا نالا ۽ سندن سياست جا محورَ ڳڻائي چيو :”مون کي نٿو لڳي ته ڪو ٻيو اڳواڻ يا تنظيم ان فيصلي جي مزاحمت ڪندي، پر تو کي ڪرڻ گهرجي. اسان ڏک ۽ مصيبت جي گهڙيءَ ۾، هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندڙ سماج جا نمائندا آهيون. اسان کي ان تڪليف ۾، تڪليفن ۾ آيلن سان گڏ بيهڻ گهرجي، ٻيو ڪو بيهي يا نه؟“. ۽ پوءِ هن مون سان گڏ بيٺي ئي فون تي ڪنهن سان ڳالهايو ۽ مان جڏهن واپس پنهنجي ڪم تي ويٺس مس ته، فيڪس مان ايس اين ايم جو موقف نڪري رهيو هو: ”رياست جو فيصلو قبول نه ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي تحريڪ سان گڏ بيهڻ جو“. ايئن سنڌ ۾ جسمم تي پابندي خلاف پهريون سياسي اڳواڻ، جيڪو اهڙي فيصلي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪندڙ بڻيو، سو علي حسن چانڊيو ئي هو. علي حسن جي بهادريءَ جي اها مڃتا ئي هئي جو، 25 -اپريل تي سائين جي ايم سيد جي مزار جي ڀر ۾، سرڪاري پابندي بعد پهريون سياسي ميڙاڪو ڪرڻ لاءِ علي حسن وٽ جسمم جي دعوت پهچي وئي- ۽ جڏهن قومي تحريڪ جي اڻ ڳڻين ڌڙن ۽ اڳواڻن مان ڪو به، پنهنجي مصيبت هيٺ آيل تنظيم جي جلسي ۾ وڃڻ ته ڇا پر کُلي حمايت ڪرڻ کان به محروم نظر ٿي آيو، علي حسن چانڊيو سن ۾ جسمم جي ڪاڄ ۾، ساڻن هڪ هئڻ جو اعلان ڪري رهيو هو. علي، جڏهن نئين ”ايس اين ايم“ ٺاهي هئي، ۽ هو اڃا سياسي وجود ثابت ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف هو جو، سنڌ ۾ مڪاني نظام جي معاملي تي قوم پرستن جو اتحاد جڙي ويو. هڪ سياسي اڳواڻ طور سندس به خواهش هئي ته سنڌ جي مکيه قوم پرست پارٽين جي ان اتحاد ۾ سندس ڪردار به هجي، پر سنڌ جي سياست پنهنجي بد بختيءَ واري روايت تي قائم رهندي، ”مخالف“ کي پنهنجي پاسي ۾ ويٺل ڏسڻ لاءِ تيار ئي نه هئي!، مقابلي جي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ بجاءِ، مقابلي کان ئي ٻاهر ڪري ڇڏڻ جي سازش تي هلندڙ هئي. ايس ٽي پيءَ کي ايس اين ايم نه پئي وڻي، عوامي تحريڪ کي عوامي جمهوري پارٽي ۽ جسقم کي جيئي سنڌ تحريڪ..!!. ۽ علي حسن هڪ ڀيرو وري پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ چانهن جو ڪوپ مون ڏانهن سيريندي، پنهنجي پراڻي سوال کي ورجايو:” ڇا ڪجي؟“، مون سگريٽ جو ڪش هڻي سندس اکين ۾ ڏسندي چيو :”پاڻ کي طاقت بڻائجي، سنڌ جي هر معاملي تي پاڻ کي متحرڪ ڪجي، پاڻ کي منظم ڪجي، ايئن ڪري ڏيکاريئه ته، هي توکي نظرانداز ڪرڻ چاهيندا به ته، نظر انداز ڪري نه سگهندا. هي بي عمل آهن. کين تُنهنجي ئي عمل جي ضرورت پوندي“. وري سوال ٿيو :”پوءِ؟“.، مون چيو :”سنڌ جي هڪ نياڻي رنڪل جي اشوءَ کي سنڌ جي سياست سمجهي ئي نه سگهي. ان جي طاقت جو اندازو لڳائي ئي نه سگهي. 18 اپريل تي سپريم ڪورٽ واري ڪاري فيصلي بعد، جيئن ئي تنظيمن پاڻ کي ان جدوجهد کان پري ڪيو، تيئن ئي پوري سنڌ ۽ خاص طور گهوٽڪي ضلعي ۾ مايوسي پکڙيل آهي. ماڻهو لڏپلاڻ پيا ڪن. جيڪڏهن اوهان انهن مظلومن جو آواز بڻجو ته، رنڪل معاملي ۾ اڄ به ايتري قوت آهي جو، اهو اوهان جي سياسي سگهه بڻجي وڃي“. گذريل جولاءِ جو مهينو هو جو، علي سنڌ جي هندن سان ظلم ۽ رنڪل سان انصاف لاءِ، گهوٽڪي ۾ ريليءَ ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو. اتفاق سان اڄ 30 جولاءِ تي، جڏهن مان علي حسن جون يادگيريون لکي رهيو آهيان، گذريل سال 29- جولاءِ تي، اسان گهوٽڪيءَ شهر ۾ احتجاج ڪري رهيا هئاسين. 28 – جولاءِ تي ڪراچيءَ کان شروع ڪيل سفر ڪري ٿڪجي- ٽٽي گهوٽڪي پهچڻ بعد، رات دير سان سمهڻ کان اڳ، صبح جو ٿيندڙ ريلي ۽ ڌرڻي کي آخري شڪل پئي ڏني سين جو، مون علي حسن کان سوالُ ڪيو:” هيءَ جدوجهد جي پڄاڻي آهي يا شروعات؟“، چيائين :”ڇا مطلب؟“. چيم:” صبح جو احتجاج ۽ ڌرڻو ته ٿي ويندو. پر ڇا اهو هڪ احتجاج توکي منزل تي پهچائي ڇڏيندو؟ پاڻ هت جن مظلومن کي آٿت ڏيڻ آيا آهيون، تن کي آٿت ملي ويندو؟. هيءَ جدوجهد ڪنهن منزل لاءِ هوندي يا هڪ اخباري خبر لاءِ؟“. سمهڻ جو خيال ڇڏي، هو مون ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ مون پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو :”سنڌ جي سياست کي ناڪاميون ان ڪري ناهن مليون جو، ان ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ته ڪئي، پر ڪامياب ٿي نه سگهي. سنڌ جي سياست ڪنهن هڪ پروگرام کي ئي فرض ادائگي سمجهي پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري ويهي رهي ٿي ته، ”اسان ته سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو، اڃا وڌيڪ ڇا ڪريون؟. ڪاميابي نه ملي ته مظلوم قوم جو نصيب!. سو تون به جي سمجهين ٿو ته، تنهنجو گهوٽڪيءَ وارو هڪ پروگرام ئي توکي ۽ مظلومن کي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندو ته، غلط ٿو سمجهين. هي پروگرام ته صبح جو ٿيندو ئي ٿيندو، پر هن وقت ئي ٻڌايو، اوهان جو ٻيو احتجاج ڪٿي ٿيندو؟ ۽ اهو سلسلو جاري رهندو يا نه؟“. پوءِ ان وقت ئي علي حسن فيصلو ڪيو :” رمضان بعد، سندس ٻيو احتجاجي ڌرڻو ٺُل ۾ لڳندو ۽ پوءِ جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾“. گهوٽڪيءَ جي اڪيلي احتجاجي ڌرڻي ئي، علي حسن جو سنڌ ۾ ايترو نالو ڪري ڇڏيو جو، ڪجهه ڏينهن بعد هو ان اتحاد جو حصو هو، جنهن ۾ نه کڻڻ جي هن مون سان شڪايت پئي ڪئي. سندس مصروفيتون وڌي ويون، پر هن ٺل واري احتجاجي ڌرڻي کي نه وساريو. ٺل واري احتجاجي ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ سکر مان فون ڪيائين: ”سڀاڻي پهچ “.چيم :” نه پهچندس. نه ئي پهچي سگهان ٿو. هڪ ته منهنجي بائيڪ ۾ ايتري طاقت نه آهي جو اها صبح تائين، مون کي ڪراچيءَ کان ٺل پهچائي سگهي. ٻيو، سياستدان تون آهين، مان نه. سنڌ جا هندو ڀائر ذهني طور مون کي پنهنجي ڀر بيٺل محسوس ڪن ٿا، ”مان توسان“ ۽ ”تون مون سان“ گڏ بيٺل هئڻ جو پيغام، گهوٽڪيءَ ۾ سنڌ جي هندو ڀائرن کي ڏئي چڪا آهيون. هاڻي اها جدوجهد توکي ئي ڪرڻي آهي“. ۽ پوءِ نه رڳو هن ٺل ۾ به سنڌ جي هندن جي حمايت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڏيکاري پر پوءِ رنڪل کي اغوا ڪرڻ واري ڏينهن، 24 مارچ تي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ به سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ، رنڪل خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي واري ڏينهن 18 – اپريل تي ڪراچيءَ ۾ سيمينار ڪرائڻ، هيمون ڪالاڻيءَ جي حيدرآباد ۾ سالگرهه ملهائڻ سان گڏ، حيدرآباد ۾ ڪرايل ڪيترن ئي سيمينارن جو ميزبان به رهيو ته مهمان به. هن گذريل ٻه جولاءِ تي شهيد را جا ڏاهر جي ڏينهن تي سيمينار به ڪوٺائڻ چاهيو ٿي، پر مُنهنجي ڪوتاهيءَ ڪري ايئن ٿي نه سگهيو. هڪ ڏينهن جيئن ئي منهنجي اک کُلي، علي حسن جي سيل فون تي مس ڪال موجود هئي. کيس فون ڪيم، چيائين :” خبر آهي دير سان سمهندو آن. مان اچان ٿو تو ڏي“- ۽ پوءِ، علي مون وٽ آيو، انتهائي خوشگوار موڊ، مان حيران ته آخر اوچتو ڪهڙي ڳالهه ٿي پئي جو هو ملڻ آيو به آهي ۽ هميشه جيان ڪنهن سوچ – ويچار جو ماحول ٺاهڻ بجاءِ، مذاق پيو ڪري. نيٺ چيائين، هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ ٿو پر نالو نه پُڇجانءِ :” منهنجي هڪ پارٽي اڳواڻ مون کي چيو، اسد هندن کان پئسا ته پاڻ پيو وٺي پر استعمال توکي ٿو ڪري“، سو مان کيس پاڻ سان گڏ آندو ۽ تنهنجي گهر ٻاهران بيهي تُنهنجي گهر جي در جي ٽٽل دڪي ڏيکاريندي چيومانس:” ڏس، اسد کي هندن کان مليل پئسو. جي تسلي ٿي ويَئه ته ٺيڪ، نه ته گهر اندر وٺي هلانءِ“، پر منهنجي اڳواڻ جي تُنهنجي در جي دڪي ڏسي ئي تسلي ٿي وئي آهي“. علي حسن جي ياري ۽ اعتبار جي رشتي کي نباهيندي، اهڙو الزام پهريون ڀيرو يا سندس پارٽيءَ مان ئي نه آيو هو، نه ئي ٻين يارن سان نڀايل ياريءَ ئي مون کي ڪي گل ڏنا هئا. ايس ٽي پيءَ جو خيال هو ته مان ايس اين ايم جو آهيان، عوامي تحريڪ کي يقين هو ته مان عوامي جمهوري پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهيان، جسقم کي پڪ هئي ته مان جيئي سنڌ متحدا محاذ جوآهيان ۽ ڪڏهن- ڪڏهن سندن ڌيان جيئي سنڌ تحريڪ ڏانهن به پئي ويو، پر اهڙيون سمورين ڳالهيون مون کان منهنجا فرضَ، هڪ لمحو به وساري سگهڻ تي مجبور نه ڪري سگهيون، نه ئي ڪري سگهنديون، نه ئي مون کي ذري جيتري به پرواهه آهي ته، ايس اين ايم جي ڪنهن اڳواڻ جا مون بابت ڇا خيال هئا ۽ آهن!. ڪنهن مون سان ڳالهايو ۽ ڪنهن نه ڳالهايو؟، يا مخالفن مان سمجهيو!. سماج جا جيڪي ماڻهو مون سان ڳالهائڻ چاهيندا، مان ڪيئن چوندس ته” نه ڳالهايو!“، جيڪي نه ڳالهائڻ چاهيندا يا مخالفن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيندا، مان کين ڇو چوان ته :”ڇا پيا ڪريو؟“.مان فقط هڪ ئي ڳالهه چئي سگهان ٿو ته:” مان ڪڏهن به اهڙين ڳالهين جي پرواهه ڪئي آهي، نه ئي وري ڪڏهن ڪندس“. 14 ڊسمبر 2012ع تي حيدرآباد ۾ پاڳاري جي جلسي ۾ شرڪت بعد واپسيءَ تي، مان عليءَ کي چڙيل به ڏٺو ته مايوس به. هن اتي قوم پرستن جي جيڪا حالت ٿيندي ڏٺي،” جُتيون لاهيندي“ ۽ ”با ادب بيهندي“ ڏٺو، هو اتي پنهنجي هئڻ تي شرمندو هو. پوءِ جيئن – جيئن هي اتحاد، ”اليڪشني اتحاد“ ٿيندو ويو، مان کيس جيترو ممڪن هجي، ان اتحاد کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو. مون کي لڳي رهيو هو ته هي اتحاد، هاڻي سنڌ جي نالي ۾، سنڌ خلاف ئي استعمال ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. علي حسن پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ ڊگهو عرصو ”استعمال“ ٿي چڪو هو، مون نٿي چاهيو ته هڪ ڀيرو وري ”استعمال“ ٿي وڃي. هو به جيئن ته هر وقت سمجهڻ ۽ پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو، سو فورن ڳالهه کي سمجهي ويو. پوءِ مان کيس” وڏين وڏين پريس ڪانفرنسن“ ۾ وڏي قيادت“ پويان بيهي، ڪنهن فوٽو گرافر جي اک ۾ اچي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي نه ڏٺو. علي حسن کي احساس هو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي تربيت وارو دور هاڻي ڀتاگيري ۽ سياسي جهالت واري دور جو روپ وٺي چڪو آهي. هن نه رڳو پاڻ شين کي سمجهڻ ٿي چاهيو پر پنهنجن ڪارڪنن تائين به سمجهه پهچائڻ ٿي چاهي. مان کيس سچل ڳوٺ کان وٺي چڪرا ڳوٺ ۽ چڪرا کان ويندي ۽ فقيرا ڳوٺ تائين ليڪچر ڪرائيندي ڏٺو. ڪڏهن ڪنهن يار کي هُج ذريعي ڪارڪنن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪري وٺڻ ته، ڪڏهن ڪنهن ٻئي دوست کي. مان گذريل سال – ٻن ۾ فقط ٻن ڌرين کي سکڻ جو خواهشمند ڏٺو آهي، هڪ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڪارڪنن کي، ٻيو سنڌ نيشنل موومينٽ جي اڳواڻ علي حسن چانڊيي کي. ٻنهي ٻه ڏهاڪا اڳ واري دور جي نه رڳو ياد پئي ڏياري پر دليان ان جي ضرورت هئڻ جو احساس به پئي ڏنو . جيڪو سکندو، سيکاري به اهو ئي سگهندو، ميدان ماري به اهو ئي سگهندو. هڪ ڀيري علي حسن سان اُتي ئي ويٺو هوس، جتي هاڻ ويهي سندس يادون لکي رهيو آهيان، جو چيائين: ”عوامي جمهوري پارٽيءَ سان ايس اين ايم جي گڏجڻ جون ڳالهيون پيون هلن. باقي سڀ ڳالهيون طئه ٿي ويون آهن، پر ”آزاديءَ“ واري ڳالهه تي بحث هلي پيو. مون سندس پوري ڳالهه ٻڌي ۽ چيو:” مسئلو، عوامي جمهوري پارٽي جي قيادت جو توکي قبول ڪرڻ يا تنهنجو انهن کي قبول ڪرڻ جو نه آهي. مان ان معاملي کي اهميت نه پيو ڏيان، اصل مسئلو هي آهي ته، ٻئي تنظيمون بلڪل ٻن مخالف سوچن مان نڪتل آهن. ٻنهي تنظيمن جي ڪارڪنن جو مزاج به مختلف آهي ته، ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ به. قيادت سطح تي هڪ ٻئي کي قبول ڪرڻ سان، اوهان جا ڪارڪن به هڪ ٻئي کي قبول ڪري وٺندا..؟ گڏ هلي سگهندا..؟، يا وري ڪو نئون حادثو ٿيندو؟“. فورن ڳالهه سمجهي ويو، چيائين :” صحيح ٿو چئين. ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ، اسان کي ڪارڪنن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻو پوندو“. پوءِ مان کيس اهڙا پروگرام به ڪندي ڏٺو. اهڙا احتجاج به منظم ڪندي ڏٺو، جن ۾ ايس اين ايم ۽ اي جي پي ڪارڪن هڪ ٻئي سان گڏ ويٺا هئا، گڏ نعرا هڻي رهيا هئا، گڏ تقريرون ڪري رهيا هئا. علي حسن جو اي جي پيءَ سان فقط هڪ نڪتي بحث هلي رهيو هو، ”پنهنجي پروگرام ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه رکڻ“، ان ڪري جو، علي حسن سنڌ جي آزاديءَ تي ايمان رکندڙ هو. ترقي پسند سياست کان شروعات ڪندڙ علي حسن، سنڌ جي غلاميءَ خلاف پنهنجي اندر ايتري نفرت رکندڙ هو، جيتري ڪنهن غلام قوم جي فرد کي رکڻ گهرجي، غلام قوم جي اڳواڻ ۾هئڻ گهرجي. علي حسن، سنڌ نيشنل موومينٽ ٺاهيندي فقط پنهنجي لاءِ هڪ سياسي پليٽ فارم پيدا ڪرڻ کي ذهن ۾ نه رکيو هو. علي حسن، سنڌ لاءِ، سنڌين لاءِ، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ پليٽ فارم بڻائڻ ٿي چاهيو ۽ ان کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ ٿي چاهيو. سنڌ جي غلام حيثيت، ۽ ان ۾ به ڪراچيءَ جو دشمن جي هٿ ۾ هليو وڃڻ، ۽ ان کي وري واپس ورائڻ، علي حسن جي سياست ۽ سوچ جا محور هئا. هن سمورين ترقي پسند تدبيرن کي قومي سوال سان ڳنڍڻ ٿي چاهيو. علي حسن جي وڇوڙي بعد حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ ساڻس گڏ موجود دوست ٻڌايو:” علي حسن ان پروگرام ۾ تقرير دوران جذباتي ٿي، پنهنجي فوج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو“. مان ان دوست کي، ان وقت ئي احساس ڏياريو:” علي حسن اهڙي ڳالهه رڳو جذباتي ٿي نه چئي هئي، سندس ذهن ۾ سنڌ جي فوج جو تصور موجود هو، جيڪو لفظن جي شڪل ۾ زبان تي اچي ويو“. علي حسن ڪراچيءَ سان ايترو پيار ٿي ڪيو جو، هن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيڻ به ٿي چاهيو، مرڻ کان پوءِ به ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو محور رهڻ ٿي چاهيو، سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ ٿي چاهيو، هاڻي هو وٺندڙن مان نه پر ڏيندڙن مان هو، پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ لاءِ ڏئي ڇڏڻ جو جذبو رکندڙن مان هو. سنڌ جي اڪثر سياستدانن جيان، ڪجهه به نه ڪرڻ جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ ”بيمار“ ٿي پوَڻ واري روش ابتڙ، هر ڪم ڪرڻ لاءِ بيمار هوندي به، پاڻ کي ”صحتمند“ سمجهندڙ علي حسن کي زندگي مهلت نه ڏني. هن سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ بنا، وڃڻ نٿي چاهيو، پر هو وڃي چڪو آهي. ڪالهه تائين مان جنهن ڪمري ۾ ويهي ساڻس ڪچهري ڪندو هوس، اڄ ان ئي ڪمري ۾ ويهي سندس ڳالهيون لکي رهيو آهيان. سنڌ پنهنجي هڪ سپاهيءَ کان محروم ٿي چڪي آهي. سنڌ جو هڪ سپاهي پنهنجي ڌرتي ماءُ جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪو آهي. پنهنجي آئڊيل اڳواڻ نيلسن منڊيلا کي به، موت جي گوءِ ۾ مات ڏئي، وڃي چڪو آهي، سنڌ اسان جي حوالي ڪري. اسان سندس مقصد کي اڳتي وڌائي سگهون ٿا؟، يا کيس ”سرخ سلام“ ڏئي، پوءِ ٿڪُ ڀڃڻ لاءِ، آرام جو موقعو ڪڍي ٿا وٺون؟، علي حسن جي اک اسان کي ضرور جاچيندي هوندي، ضرور جاچيندي رهندي۔۔