انگن اکرن جي ليکي کان سواءِ سنڌ کي ڪيئن بچائي سگهبو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2010۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انگن اکرن جي ليکي کان سواءِ سنڌ کي ڪيئن بچائي سگهبو؟
    ڊاڪٽر ايوب شيخ​

    هر سال سنڌ توڙي مرڪزي سرڪار ان ڳالهه لاءِ پابند آهي ته اها پنهنجي سالياني ترقي جي باري ۾ انگن اکرن جو ڪتاب شايع ڪرائي. سنڌ سرڪار جو آخري ڪتاب اپريل 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن سان ان ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته اسان جي صوبائي سرڪار جي ڪا به پلاننگ لکت ۾ ڪانهي ۽ نه ئي ان جا ڪي ٽارگيٽ مقرر آهن. سڄي دنيا ۾ انگن اکرن وارو کاتو يا Statistical Department اڪيلو کاتو هوندو آهي، جنهن وسيلي ملڪ ۽ قومون ۽ اتي رهندڙ عوام پنهنجي پنهنجي ضرورتن توڙي هوند ۽ اڻهوند جو ساليانو مڪمل مشاهدو ڪري اڳتي وڌندا آهن. ان کاتي وسيلي ملڪن جا ملڪ ”گهڻين ويهين سئو آهي“ کان به واقف رهندا آهن ته سندن گدام ۾ پيل مال جي کوٽ واڌ جي به کين اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي. اڄ جي سڌريل دنيا کان اڳ جڏهن لکت جو حساب نه هوندو هيو ته ماڻهو آڱرين تي ليکي چوکي وسيلي پنهنجي پنهنجي گهرن جا حساب هلائيندا هئا. جڏهن جيوميٽري عام نه ٿي هئي ته عوام جي اڪثريت وقت جا اٺ پهر توڙي رات جو طرف ڏسڻ لاءِ ڪتيءَ ۽ ٽيڙو، ستارن ۽ ڪهڪشائن جي بيهڪ سان رخ معلوم ڪندا هئا. ان ليکي يا حساب ڪتاب وسيلي هر شيءِ سامهون هجي ٿي. ملڪ پاڻ وٽ موجود مال يا وکر کي ماڻهن جي آدمشماري جي حساب سان ورهائڻ جي ترڪيب سوچين ٿا. اسان وٽ پاڪستان ۾ ”انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين“ واري ڪار رهندي آئي آهي. اسان وٽ جي فصل گهٽ ٿئي ته به کوٽ، جي وڌيڪ ٿئي ته به کوٽ. مهانگائي ٻنهي صورتن ۾ عام جام. ٻنهي صورتن ۾ کوٽ هجڻ جي ڪري اهو سوال بنهه اهم ٿي وڃي ٿو ته ٻه ابتڙ حالتون آخر ساڳيو نتيجو ڪيئن ۽ ڇو ٿيون مهيا ڪن؟

    سنڌي ۾ هڪ اهم پهاڪو آهي ”ٻه ڀائر ٽيون ليکو“ يعني ليکي ڪرڻ مهل ڀائپي نه، پر اصل سچائي سامهون رکڻ جو چيل آهي. يا ٻئي پهاڪي ۾ چيل آهي ته ”لٺ کڻجي ڀاءُ واسطي پر ليکو ڪجي الله لڳ“ معنيٰ ته حساب ڪتاب مهل ڪنهن جي به سفارش ۽ دٻڙدئونس نه هجڻ گهرجي، جيڪو سچ آهي، اهو سامهون رکڻ گهرجي.لکت، لکيو، ۽ رڪارڊ ڪڏهن به ضايع نٿو ٿئي. شاهه لطيف سائين ان ليکي جي باري ۾ چيو آهي:

    توڻي هلين تڪڙو، توڻي هلين وک،
    لکئي منجهان لک، ذرو ضايع نه ٿئي!

    سنڌ جي سرڪار؛
    سنڌ ۾ رٿابندي ۽ ترقيات جي کاتي هيٺ انگن اکرن جو کاتو ”بيورو آف اسٽيٽسٽڪس“ موجود آهي. ان پاران سنڌ ۾ جيڪي به شعبا آهن تن جي باري ۾ هر ادارو ان کي پنهنجا انگ اکر فراهم ڪندو آهي. انهن اکرن کي سهيڙي هر سال هڪ ڪتاب ”ترقيءَ جا انگ اکر“ شايع ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هر سال اهو کاتو پنج سئو ڪاپيون شا يع ڪرائي ٿو، جيڪي واپس انهن کاتن ۾ ۽ مختلف تحقيق ڪندڙ ريسرچرز کي ملي سگهنديون آهن. ان کاتي جو ڪم آهي ته هر سال سنڌ جي تعليم، صحت، زراعت، صنعت، روڊن، بلڊنگس وغيره جي باري ۾ انگ اکر فراهم ڪري. کيس اهو سڀ ڪجهه هر سال ڪرڻو آهي، پر ان کاتي جو آخري ايڊيشن اپريل 2008ع کانپوءِ نه اچي سگهيو آهي. ان مان اسان جي اوليتن جي باري ۾ خاص اظهار ٿئي ٿو. منهنجو پراڻو خواب آهي ته سنڌ جو عوام ذاتي طور ۽ سنڌ جي سرڪار سرڪاري طور پنهنجي رٿابندي ۾ رڳو ”انگن اکرن“ جي شعبي يا Statistical Department کي مضبوط ڪري. ان کي معياري، وقتائتو ۽ سچو بنائي. ان وسيلي پنهنجي گهر اندر توڙي سنڌ جي سروي ڪري ته سنڌ کي ”ڇا گهرجي؟“ ۽ ”ڇا نه گهرجي؟“ ان حساب سان انگ اکر سامهون آڻي ته خبر پئجي ويندي ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ ڪيڏانهن سفر ڪرڻ گهرجي؟ سنڌ جي سرڪار اهڙي خواب جي تعبير ۾ رڳو پنهنجي خيال کي ٺاهي عوام جي اڳيان سامهون آڻي ته ”صوبائي سرڪار سنڌ کي ڇا بنائڻ گهري ٿي؟“ سنڌ سرڪار ڪهڙو نظام آڻڻ گهري ٿي؟ ان جمهوريت معرفت ڪهڙيون ڪهڙيون سماجي تبديليون چاهي ٿي؟ جڏهن ٽن ورهين کانپوءِ چونڊون ٿين ۽ سنڌ سماجي طور ساڳئي انداز ۾ هجي، ان ۾ ڪي به صفتي تبديليون نه اچي سگهن ۽ ان پاسي ڪو سفر به شروع نه ٿئي ته پوءِ ”سماجي بهتري“ لاءِ ڪنهن به رٿابندي جي باري ۾ آخر ڪير سوچيندو؟ ڏهه هزار ڪلوميٽرن جو سفر به پهرين وک سان شروع ٿئي ٿو، اها وک ڪهڙي پاسي کڻڻ گهرجي، اهو سڀ ڪجهه ته انگن اکرن جي شعبي کي معياري بنائڻ کانسواءِ نه ٿي سگهندو. دنيا جا سڌريل ملڪ ان کاتي معرفت پنهنجي عوام جي زندگي بهتر بنائڻ جا جتن ڪندا آهن. سنڌ ۾ انگن اکرن واري شعبي جي فعال نه هجڻ ڪري اسان کي کربين رپين جي نقصانن جي پرواهه به نٿي رهي، ڇو ته اسان اهو کاتو ئي نه رکيو آهي ته ڪهڙي شيءِ ڪڏهن ڪجي ۽ ڪڏهن نه ڪجي؟ بنگلاديش ۾ ڪو زمانو هو جڏهن گهرج جي حساب سان ميڊيڪل ڊاڪٽرن جو انگ وڌي ويو هو. سرڪار جو انگن اکرن جو کاتو حرڪت ۾ اچي ويو، پاليسي ٺهي وئي. سرڪار اعلان ڪيو ته ”ٽن سالن لاءِ ميڊيڪل جا شاگرد اڌو اڌ گهٽايا ويندا“ اسڪيم ڪامياب ٿي ان ڪري نه سرڪار تي وزن، نه ماڻهن کي پريشاني. وري ضرورت وڌي ته سرڪار پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي ڪري ڇڏي. اسان وٽ هڪڙي سال بصرن يا ٽماٽن جو اگهه وڌي ٿو ته سنڌ جي آبادگارن کي مارڪيٽ جي رفتار ۽ ”ڇا پوکڻ ۽ نه پوکڻ“ لاءِ رهنمائي زرعي کاتو ڪري ئي نٿو. آبپاشي کاتو پاڻي جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو ڏس نٿو ڏئي، ته ٻئي سال سڀ پنهنجون زمينون بصرن ۽ ٽماٽن سان ٽمٽار ڪري ڇڏين ٿا. مارڪيٽ ۾ اگهه اهڙو ٿو بيهي جو آبادگار اهي بصر زمين ۾ پورڻ جو اگهه به نٿا ڀري سگهن. اسان گهمندي، ڦرندي سانگهڙ ۽ ٺٽي جي روڊن تي اهي منظر به ڏٺا آهن، جڏهن ڪاٺ جي پيتين ۾ بند ٽماٽا روڊ جي ڪنارن تي مفت پيل هجن ٿا، ڇو ته آبادگارن کي انهن جي مارڪيٽ ڏانهن کڻائي وڃڻ جا پيسا به نٿا هجن!

    سنڌين جو هڪ گهر؛

    هاڻي اها ڳالهه بنهه ضروري ٿي پئي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر گهر جا ماڻهو خاص ڪري ننڍن شهرن ۾ رهندڙ مڊل ڪلاس جا ماڻهو پنهنجو ليکو ٺاهين. ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق کي سامهون رکن. ڪالهه ڇا نه هيو ۽ اڄ ڇا آهي، انهن ٻنهي جي فائدن جي باري ۾ سوچ ويچار ڪن. مثلن هڪ گهر ۾ پنجن کان ست ڀاتي رهن ٿا. جيڪڏهن 30 سال اڳ به ڪمائيندڙ هڪ هيو ۽ کائڻ وارا ست هئا ته ان گهر جي تقدير ڇو بدلجندي؟ اهو ڪو وڏو سوال ناهي. گهر جا اهي ڀاتي اهو پڻ سوچين ته جي 10 سال اڳ سندن گهر ۾ پڙهيل رڳو ٻه ڄڻا هيا ۽ اڄ به ٻه ڄڻا آهن ته ان ليکي جو مطلب اهو بيٺو ته ان هڪ گهر ۾ تعليمي طور تي ڪي وڏا ڇال نه آيا آهن، يا ان گهر تعليم حاصل ڪرڻ جي باري ۾ نه سوچيو آهي. جي سندن گهر ڊيگهه ويڪر ۾ اڳي به ايترو هيو، جيترو اڄ آهي ته اها ڳالهه صاف بيٺي ته ان گهر وارن کي اها اضافي رقم بچي ئي نه ٿي، جنهن مان هو پنهنجي گهر جي واڌ ۽ تعمير وغيره جي باري ۾ سوچي سگهن. اهو پڻ سندن ليکي لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ مٿان گذريل قرض مان ڪيتري حد تائين جند ڇڏائي سگهيا آهن يا ڪنهن حد تائين هو وڌيڪ وڪوڙجي ويا آهن. اهو پڻ سوچڻ گهرجي ته جنهن ڌيءَ ۽ پٽ يا اولاد تعليم حاصل ڪئي انهن جي محنت سان سندن سماجي زندگين ۾ جيڪي اهم ۽ وڏا ڇال آيا آهن ۽ هو پنهنجي اولاد کي ڏياريل تعليم وسيلي وڌيڪ مانوارا ٿي ويا آهن ته پنهنجي ان اهم ترين تجربن جي باري ۾ پنهنجي پاڙي واري کي پڻ ضرور ٻڌائين. پنهنجي زندگين ۾ هڪ خاص رخ ۾ گذرسفر ڪندي هنن جيڪي تجربا پرايا آهن، جيڪي حاصل ڪيو آهي، تن جي باري ۾ يا ننڍن شهرن مان ڪراچي، دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا وڃڻ جي ڪري جيڪي کين فائدا پيا آهن، تن جي باري ۾ غور ويچار پڻ ڪن. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي مڊل ڪلاس جا ماڻهو ان باري ۾ پڻ خيال ڪن ته سندن اولاد مان ڪو پٽ ۽ ڌيءُ زبردست سياسي ڪارڪن بڻيو آهي يا نه؟ ڪنهن اين جي او ۾ وڃي هن پنهنجي ڏات جا ڪي جوهر ڏيکاريا آهن؟ ڪهڙي ڪهڙي هنڌ تي پاڻ کي سوڀارو ڪيو آهي؟ ان باري ۾ پاڻ ۾ ويهي سوچين.

    سنڌ ۾ موجود هڪ پارٽي؛

    سنڌ ۾ جيڪي به سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ سياسي پارٽيون آهن، اهي ان باري ۾ پنهنجو پوتا ميل ٺاهين ته هنن پنهنجي سڄي سياسي ۽ سماجي ڄمار ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون منزلون طئي ڪيون آهن. مزو ٿيندو، جڏهن اها ڳالهه سامهون اچي ته ڪجهه سياسي گروپن ۽ تنظيمن جي هجڻ ۽ نه هجڻ سان ڪو فرق به پوي ٿو يا نه؟ مثلن هڪ پارٽي اهو سوچي ته سندس پارٽي/تنظيم ۾ سياست جي نرسري يا نوجوان نسل ڀرتي ٿئي پيو يا نه؟ جي ٿئي پيو ته اهو ان ساڳئي جوش ۽ جذبي سان پيو ٿئي يا اڳي کان اهو انگ بنهه گهٽ آهي. اهڙي طرح هڪ پارٽي سوچي ته جي انهن کي سڀاڻي ئي اقتدار ملي وڃي ته انهن وٽ اهي گهربل ماڻهو ۽ ماهر آهن جيڪي سرڪار جي چرخي کي هلائي سگهن. جي اهي گهربل ماهر ڪنهن به پارٽي ۾ ناهن ته اها ڳالهه پڪ سمجهو ته انهن ۽ اهڙين پارٽين ۽ گروپن کي ڪڏهن به اقتدار نه ملندو ۽ انهن جا ڪارڪن پنهنجون زندگيون اتي ڏئي خواب جي تعبير جي اوسيئڙي ۾ باقي ڏينهن گذاريندا رهندا.

    هڪ سياسي پارٽي کي اهو پڻ سوچڻ گهرجي ته هن عوام کي ”ننڍي مدي وارا“ ۽ ”وڏي مدي وارا“ حاصل ٿيندڙ يا طئي ڪيل جيڪي مقصد ٻڌايا هئا، انهن ۾ اهي ڪامياب ٿيا آهن يا ڳالهه اڃا پوئتي پوندي ٿي وڃي. ان پارٽي کي اهو پڻ سوچڻ گهرجي ته سندن ڪم رڳو نعرا هڻڻ، ڀتيون ڪاريون ڪرڻ ۽ پريس رليز ڏيڻ کان اڳيان به ڪجهه آهي يا نه؟ هڪ سياسي پارٽي اهو پڻ ويچار ڪري ته سندس وجود جي ڪري تعليم، صحت، روزگار، امن امان ۽ ترقي ءَ جي باري ۾ هو سنڌ سان هٿ ونڊائڻ وارا رهيا آهن يا هو سنڌ جو هٿ ڪپڻ وارا رهيا آهن. سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ ۾ پنهنجي توانائي استعمال ڪئي آهي يا اها تعليم وڌائي آهي؟ هنن وٽ سنڌ واسطي سوچڻ ۽ انهن سوچن جي واسطي پهرين ۽ ٻئين قطار جي ليڊرشپ آهي يا ناهي؟ انهن سياسي پارٽين وٽ سماجي ادارا، دفتر ۽ سماجي خدمتگاهون آهن يا ناهن؟ انهن سياسي تنظيمن جا رڳو ليڊر اڳتي وڌيا آهن يا ڪارڪنن جو به هڪ وڏو انگ اڳتي وڌيو آهي؟ هڪ سياسي تنظيم ۽ گروپ کي نيٺ سوچڻو پوندو ته اها تنظيم ۽ گروپ سماجي ۽ فطري پيداوار آهي يا هنن جو وجود ڪنهن ”اشاري“ جو محتاج آهي؟ جي سنڌ ۾ هر سياسي گروپ پنهنجو ليکو انتهائي ايمانداري سان ڪري عوام آڏو پيش ڪيو ته گهڻيون وبائون پاڻمرادو سنڌ جي ڳچيءَ مان ڪري هيٺ پونديون. انگن اکرن سان صفائي پڻ ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ اجائي سياست، اجاين نعرن ۽ بي وقتي راڳڻين مان جان ڇڏائي سگهي ٿي.

    سنڌ جي هڪ يونيورسٽي؛

    دنيا ۾ يونيورسٽيون ملڪن جا نظام هلائڻ جو ڏس ڏينديون آهن. عوام جي نفسيات کان ويندي پرڳڻن ۽ صوبن جي سماجي حالتن آهر گس ٻڌائينديون آهن. ان جي ابتڙ هتي اسان کي خبرون لاشن جون ملنديون آهن. اهڙو ڏينهن به اچڻ گهرجي جڏهن اسان جا شاگرد پاڻ ۾ نه وڙهن، هاسٽل جي ڪمري، ميس جي ڪرسي، بس جي سيٽ تي وڙهي لاشن جي صورت ۾ گهر نه پهچن. ڪڏهن اهو ليکو به ٿيڻ گهرجي ته ان بندوق بازي جو سنڌ کي ڪهڙو فائدو پهتو؟ سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ انهن جا پروفيسرز، ڊين ۽ استاد انگن اکرن جي شعبن مان فائدو وٺي قوم کي ٻڌائي سگهن ته انهن يونيورسٽين جي ڪري جيڪي به اهم ترين ڀلا ڪم ٿيا آهن، سي هي آهن، جيڪي غلط رواج ۽ ڪم ختم ڪرڻا هئا، تن مان هيترا ختم ٿيا ۽ باقي هيترن سان منهن ڏنو پيو وڃي. ڪڏهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا استاد ۽ انهن جون تنظيمون پاڻ ۾ ويهي سوچين ته ڪٿي هنن تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ پاڻ ۾ اڻ چيو ڪو ”اتحاد“ ته نه ڪيو آهي؟ اهي پروفيسرز تنظيمون، انهن جا ڪم، انهن جو تعليم ۾ بهرو ۽ ان مان نڪرندڙ ڪامياب ترين شاگرد يا انهن وسيلي تباهه ٿيندڙ هزارين شاگرد وغيره جو حساب ڪتاب سامهون اچڻ گهرجي. ڪڏهن اسان کي اها خوشي به ملڻ گهرجي جڏهن اسان جي ڪا يونيورسٽي پنهنجي تعليمي قابليتن جا جيڪي به ڪم آهن، سي عوام کي ٻڌائي سگهي. اهو پڻ ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي ڪا به يونيورسٽي اسان کي سماجي طور ٻڌائي سگهي ته ”سنڌ جي ڀلائي فلاڻي نظام ۾ آهي“ ۽ ان فلاڻي نظام جي قائم ڪرڻ لاءِ ”فلاڻا فلاڻا ڪم“ ڪرڻ گهرجن.

    سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين جي هجڻ ۽ مالڪي جي سوال، ان باري ۾ انگ اکر اسان جو آئينو آهن. انگ اکر مستقبل جو بنياد آهن. جي اسان جا انگ اکر اسان جي سامهون هوندا ته اسان بهتر نموني ۽ وڏي شان سان رهي سگهنداسين. اچو ته 10 هزار ڪلوميٽرن جي مفاصلي طئي ڪرڻ لاءِ پهرين وک کڻڻ جي شروعات ڪريون.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انگن اکرن جي ليکي کان سواءِ سنڌ کي ڪيئن بچائي سگهبو؟

    دوست سلطان اهو مضمون نظر مان گُذريو آهي۔ بس هڪڙو شعر جيڪو سکڻو آهي، پنهنجو آهي
    هتي لکي پنهنجي جند آجي ٿو ڪرايان ته
    انت آڻي غلاميءَ جي ماحول جو،
    نت نوان ڪي جشن هوجمالا ڪيون
    ”ناز“ سنڌ جي حفاظت جو کائي قسم
    ڇو نه جيجل مٿان گهورجي گهورجون​
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انگن اکرن جي ليکي کان سواءِ سنڌ کي ڪيئن بچائي سگهبو؟

    تمام سٺو آرٽيڪل آهي
    اسان جي سنڌي حڪومت اڃ تائين ڪو اهڙو قدم ناهي ورتو جو انٽرنيٽ جي ذريعي به اسان کي پوري معلومات ملي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انگن اکرن جي ليکي کان سواءِ سنڌ کي ڪيئن بچائي سگهبو؟

    دوستو! هڪ ڏينهن هڪ بزرگ هستي سائين جي ايم سيد وٽ آئي، بحث دوران اها ڳالهه نڪتي ته سنڌ جا نوجوان بي راهه روي جو شڪار آهن، سنڌ جا سياستدان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ بي ايمان ٿيو وڃن، سنڌي ڪامورا راشي ۽ خودپسند ٿيو وڃن، سنڌ جي تعليمي ادارن سميت سمورا ادارا پنهنجون ذميواريون نٿا نڀائن، سماج ۾ سنڌي انسان جهالت طرف هلندو نه پر ڊوڙندو پيو وڃي، ڌاڙا ڦريون، روڊ رستا به هلڻ جي قابل نه رهيا آهن، بي جا قتل عام، ڪارو ڪاري ۽ ٻيا انيڪ قسم جا ڏوهه ٿين ٿا ۔۔۔ ان سڄي ڀيانڪ معاشري کي ڪيئن سڌاربو ۽ ڪيئن اڳتي وٺي وڃبو؟

    سائين محترم جي ايم سيد ۔۔۔ پهريان ته هي شعر پڙهيو

    جيهـــــا ڪــــي تيهـــا، مــــــون مـــــارون مڃيـــــان،
    مــــون جيڏيون ملير ۾، چـــــونڊن مـــــوڪ ميهــا،
    منهنجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي۔

    شعر پڙهڻ کانپوءِ هڪ ٿڌو ساه ڀري چيائين ته؛ اسانجي قوم جي ان حالت جو مثال ان سرطان جي بيمار جيئان آهي جو ڪنهن تمام موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو هجي، ۽ جڏهن ڪو انسان موذي مرض ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته کيس هڪ نه کوڙ ساتريون بيماريون ساڳئي وقت وڪوڙي وينديون آهن ۽ جسم جو سمورو نظام بي چيو ۽ بيڪار ٿي پوندو آهي ۔۔۔ ساڳئي طرح قومون پڻ اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن ۽ سندن قومي جسم جو هر ڪارائتو عضوو بيڪار ۽ بي چيو ٿي پوندو آهي ۔۔۔ اهو ساڳيو حشر سنڌي قوم سان ٿي چڪو آهي ۽ بيمارين ۾ وڪوڙجي وئي آهي ۔۔۔ پر ان جو مقصد هر گز ۽ هرگز به اهو ناهي ته انجو ڪو علاج ناهي ۔۔۔ قومن جي تاريخن ۾ اهڙا علاج ٿيندا رهيا آهن ۽ موجود آهن ۔۔۔ بس اسانکي صرف انهن کي سڃاڻي علاج ڪرڻ جي نيت مضبوط ڪري عمل ڪرڻو آهي ۔۔۔“

    ادا سلطان؛ ڪاوش ۾ ايوب شيخ جو هي موڪليل ليک پڻ انهيءَ سوال جي هڪ ڪڙي آهي، اهو ساڳيو سوال لڳ ڀڳ پنجاهي سالن کان مختلف رنگن ۽ لفظن ۾ ٿيندو اچي ٿو ۔۔۔ پر اڃان تائين حل ڪونه نڪتو آهي ۔۔۔ ۽ هاڻ ته اسانجي عمرين جهڙا ماڻهون جي ڪڏهن جوان هئاسون ۽ اڄ پوئتي پير آهن ۔۔۔ مايوس ٿيندا پيا وڃون جو سنڌين جي وات مان ئي ڪجهه هن قسم جا جملا ٻڌڻ ۾ اچنٿا ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو