امر جليل سنڌي پڙهندڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول ليکڪ آهي.اها هڪ عام راءِ آهي.ان عام راءِ سان سنڌيءَ جا اهي ليکڪ به متفق آهن جيڪي امر جليل جي لکڻين کي ڀلي پسند نه ڪندا هجن پر پڙهندڙن سان گڏ ليکڪن طرفان اها مڃتا هڪ وڏي ڳالهه آهي جيڪا نثر نگاريءَ ۾ فقط امر جليل کي حاصل ٿي آهي. سنڌي معاشري ۾ شاعريءَ جون پاڙون بڙ جي جهوني وڻ وانگر صدين تائين پکڙيل آهن.سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعرن کي ڳايو وڃي ٿو،انڪري جيڪي ماڻهو شاعري پڙهي نٿا سگهن ،سي به لطف اندوز ٿين ٿا ۽ گهڻن شاعرن جي نالن کان واقف آهن.سنڌي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثر جي عمر تمام ننڍي آهي ۽ خاص طور افساني ۽ ناول جي عمر عمر سو سال کن ٿيندي.سنڌ ۾ تعليم جي ڳڻتيءَ جوڳي گهٽ تناسب سبب ادب سان دلچسپي رکڻ ۽ ڪتاب پڙهندڙن جو تعداد هزارن ۾ مس هوندو.ان تعداد ۾ به جيڪي پڙهندڙ آهن انهن ۾ امر جليل سنڌي نثر ۾ هڪ اهڙو لقاءُ(Phenomenon)آهي جنهن کن انڪار ممڪن ناهي. امر جليل ٻين سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن،پر ان بنياد تي ائين چوڻ ته گهڻي لکڻ سبب هو پڙهندڙن ۾ پاپولر آهي،اها ڳالهه صحيح ڪانهي جيڪڏهن ڪو ليکڪ پنهنجين لکڻين ۾ پڙهندڙن جي لاءِ دلچسپيءَ کي قائم رکي نٿو سگهي ته پڙهندڙن جي به ان ليکڪ ۾ دلچسپي نه رهندي آهي.انڪري ڪنهن ليکڪ جي گهڻي لکڻ سان ڪو فرق نٿو پئي.امر جليل نه رڳو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ کي قائم رکيو آهي پر پنجاهه سالن تائين پڙهندڙن جي مختلف نسلن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رکيو آهي ۽ هو ڪنهن به مرحلي تي انهن کان ٽٽي ڌار نه ٿيو آهي.60 يا 70 سالن جي پڙهندڙ سان گڏ 20 سالن جي عمر جو پڙهندڙ به امر جليل کي اوترو ئي پسند ڪري ٿو. امر جليل کي پڙهڻ وقت جيڪا ڳالهه سڀ کان زياده پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي اها سندس اسٽائيل آهي.طنز ۽ مزاح جي رنگ ۾ سمايل ننڍا تيز ۽ چڀندڙ جملا هن جي اسٽائل جي خصوصيت آهن. امر جليل جي اسٽائل ۾ ايتري انفراديت آهي جو سندس نالو لکيل نه به هجي تڏهن به پڙهندڙ سمجهي ويندو ته هيءَ لکڻي امر جليل جي آهي يا امر جليل جي انداز ۾ پئي ڪنهن لکي آهي.جيتوڻيڪ ڪجهه نون ڪهاڻيڪارن امر جليل جي اسٽائل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا .هنن سرڪس جي ڪرتبن ۽ قلابازين وانگر جملن ۾ لفظن جا ڪرتب ۽ قلابازيون ڏيکاريون پر امر جليل رڳو هڪڙو ئي پيدا ٿيو آهي ٻيو امر جليل ٿي نه سگهندو. امر جليل لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هال ڪين ۽ ارنيسٽ هيمنگوي کان متاثر ٿيل آهي ۽ هن انهن ليکڪن جي اسٽائل کي پنهنجو انفرادي رنگ ڏنو.هاني ان ڳالهه جي اوک ڊوک ته نقاد ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي سنڌي ادب ۾ اڃا ڄايا ڪونه آهن،جيڪي ڄميا سي به Malnutritionسبب ٻاروتڻ ۾ گذاري ويا.هال ڪين جو ته اسان نالو ٻڌو ئي امر جليل ۽ قمر شهباز کان.جن کي وري خواجه صاحب هاءِ اسڪول واري زماني ۾ ٻڌايو هو ته”هال ڪين کي ضرور پڙهو“قمر شهباز جو چوڻ آهي ته”هال ڪين جي سولي ،جذباتي ۽ ڏکاري اسٽائل اسان کي بيحد متاثر ڪيو جليل ته سندس رنگ ۾ رچجي ويو.انکانپوءِ هيمنگوي ۽ ٻين جو مٿس گهڻو اثر ٿيو.“ امر جليل ۽ قمر شهباز جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل به هرکي ته هال ڪين کي پڙهجي.هن جا ناول گهڻو تڻو رومانٽڪ آهن جن جو بنياد پيار جي ٽڪنڊي تي رکيل هوندو آهي. هال ڪين پنهنجي دور ۾ انتهائي ڪامياب ۽ مقبول ليکڪ هو جنهن جي هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا انبوهه سندس گهر جي اڳيان گڏ ٿي ويندا هئا.پر هاڻي حالت اها آهي ته هال ڪين هڪ وسري ويل ليکڪ آهي جنهن کي انگريزي ادب جا پڙهندڙ به ڪونه ٿا سڃاڻن. باقي ارنيسٽ هيمنگوي ته سدا بهار ليکڪ آهي جنهن جي اسٽائل جو جادو جھڪو ڀلي ٿي ويو هجي پر اڃا ختم نه ٿيو آهي. آئون جڏهن امر جليل ڱي ڏسندو آهيان ته مونکي هيمنگوي ياد اچي ويندو آهي.هيمنگوي پوئين دور ۾ اهڙي ڏاڙهي رکي هئي خبر ناهي امر جليل پنهنجو اهو ٻاهريون روپ هيمنگوي کان متاثر ٿي رکيو آهي يا ٿي ويو آهي اها خبر هوندي پر پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان اها خبر پئي آهي ته هن هينگوي جي پيروي ڪندي البت سندس شوق اختيار ڪونه ڪيا.هيمنگوي شراب ايترو گهڻو پيئندو هو جو ڪري پوندو هو پر امر جليل صفا صوفي آهي جنهن کي انگريزي ۾ Teetotaler)(چئبو آهي.هيمنگوي شڪار ڍڳن جي ويڙهه (Bullfighting)۽ باڪسنگ جو شوقين هو.امر جليل رڳو ڏسڻ ۾ باڪسر لڳندو آهي باقي ماڻهو کي ڌڪ هڻڻ ته وڏي ڳالهه آهي هن ڪڏهن ماڪوڙي کي به شعوري طور ڪونه چيڀاتيو هوندو.اشوڪا وانگر شڪار توڙي ماڻهن ۽ جانورن جي ويڙهه کان پري ڀڄندڙ آهي.البت هن سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڍڳي جي سڱن کي اهڙي مضبوطيءَ سان جهلي رکيو آهي جو سندس هٿ پنجاهه سالن تائين انهن ۾ کتا رهيا آهن. هيمنگوي کي نقادن کان سخت چڙ هئي.هن ايزرا پائونڊ کي هڪ خط ۾ لکيو ته”ڍڳا ڪهڙين ڳالهين ۾ نقادن کان بهتر آهن؟“هيمنگوي لکي ٿو ته”ڍڳا تبصرو نه ڪندا آهن 25 سالن جا ڍڳا 55 سالن جي پوڙهي عورت سان شادي ڪونه ڪندا آهن ۽ نه وري ڊنر جي دعوت جي اميد رکندا آهن.ڍڳا طلاق جي ڪيسن ۾ ڌر ڪونه بڻبا آهن.ڍڳا قرض ڪونه وٺندا آهن.ڍڳا مرڻ کانپوءِ کائڻ جي لائق هوندا آهن جڌهن ته نقاد ڪنهن ڪم جا ڪونه هوندا آهن.“ هيمنگوي شادين جي سلسلي ۾ مسلمانن جي روايت جو پيروڪار هو هن مسلمان بادشاهن ۽ اسان جي وڏيرن وانگر هڪئي وقت تي نه نه پر مختلف وقتن تي چار شاديون ڪيون سندس اهي ”پرڪار ته مسلمانن وارا هئا پر بدنصيبي وچان ڪافر ئي رهجي ويو هيڏانهن امر جليل رڳو هڪڙي شاديءَ تي صبر شڪر ڪري ويهي رهيو.باقي عشق جي سُتي ننڍي هوندي کان پيل اٿس.هونءَ به امر جليل تصوف ڏانهن وڌيڪ مائل آهي ۽ ان لاءِ شروع ۾ مجازي عشق ضروري چيو ويو آهي.امر جليل جا عشق آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن يا انهن جو ڪاٿو ئي ڪونهي.ان بابت وڌيڪ پاڻ ڄاڻندو هوندو اهو يقين آهي ته عشق جي معاملي ۾ امر جليل هيمنگوي کان پڪ سان اڳيان هوندو ڇو ته اسين مشرق جا ماڻهو صنف نازڪ جي رڳو نازڪ چيچ ڏسي به عشق ڪري ويهندا آهيون. اسان نوجوان ڪهاڻيڪار امر جليل جي تقليد ڪن يا هيمنگوي جي اها سندن چونڊ هوندي جيسيتائين هيمنگوي جو تعلق آهي ته هن جون ٻيون ڳالهيون سڀ ڀليون پنهنجي پڄت آهر ڪنهن کي کُٽي کڻي ته انهن جي تقليد ڪرڻ ۾ به هرج ڪونهي پر هن جي هڪڙي ڳالهه کان پاسو ڪرڻ ۾ عافيت آهي.هيمنگوي جنهن بندوق سان سوين جانورن جو شڪار ڪيو هو،ان سان ئي پنهنجو انت آندو. امر جليل جي لاءِ اسان جي دعا آهي ته هو سٺي ذهن ۽ جسماني صحت سان گڏوگڏ وڌي ڄمار ماڻي ۽ پنهنجين بي بها لکڻين جي وسيلي سنڌ جي هارايل ،ويڳاڻن ،هيڻن ۽ نٻل ماڻهن ۾ جيئڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ جو اتساهه ڀريندو رهي.
امر جليل کي مان به گهڻو پڙهندو آهيان ۽ سندس ڪهاڻين جا سمورا ڪتاب ۽ ناول نيٺ گونگي ڳالهايو پڻ پڙهيو اٿم ۔۔۔۔ هو جملن ۾ وڏيون ڳالهيون لکي ويندو آهي۔ سهڻو ليک