مهربان ساٿيو السلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته سنڌ سلامت جي ساٿين جي مدد جي ضرورت آهي۔ سائين ، مونکي سنڌي ۾ ڪمپوزنگ لا اسلامي سمبل رضي الله عنها، رضي الله عنهما ، رضي الله عنهم، عليها السلام، ڪرم الله وجهه ، قدس الله سره، دامت برڪاته، مدظله وغيره جي ضرورت آهي، سنڌي جي ڪهڙي فونٽ ۾ اهي آهن، ان سلسلي ۾ سڀ دوست خاص ڪري سائين ابو واصف م، ايس ايم صارم ، ابوزين ۽ شبيرصاحب منهنجي مدد ڪري سگهن ٿا۔
سائين سڪندري صاحب انهن نشانين لا مختلف اردو ۽ عربي فونٽن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي سنڌي۾ صلي الله عليه وسلم عليه السلام ۽ رضي الله عنه آساني سان ملي ويندا باقي نشانين لا اوهان جميل نوري نستليق فونٽ استعمال ڪريو جنهن ۾ اوهان جو مسئلو آساني سان حل ٿي ويندو
ايم بي لطيفي، خورشيد توڙي منهنجن فانٽس ۾ (رضي الله عنه، صلي الله، رحمت لله عليه ۽ بسم الله جا معياري لگيچرز) نشانيء طور شامل آهن
سائين ٿر ۾ هئڻ ڪري ڪافي وقت کان غير حاضر رهيو آهيان، جتي نيٽ جي سهولت ڇا اڃان تائين بجلي به پهتي ناهي۔ اوهان جا قرب جو ياد ڪيو۔