ڪالھ ڪلاچي ويا، ڇَتيون کڻي ڇُڳيرَ ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، ادن ڪئي اويرَ اهڙي خاصي کَيرَ، ڪُنَ ورائي جهلِي۔ ڪالھ ڪلاچي ڪن ۾، مانجهي وِيَڙا ميرَ ڪُنَ ورائي جهليا، سَٽُون ڏيندي سيرَ نيڻين وهايان نِيرَ، اونهي ويا اوهري۔ ڪالھ ڪلاچي ويا، گهاتو ڪري گُهورَ مادر! ملاحن جا، ويٺِي سهان سُورَ مون کي ڪري ملُور، اُونهي ويا اوهري۔