عيد جو چنڊڪيئن ٿو نظر اچي! ادريس راجپوت مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس ان جي صدر مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ اڄ 18 آگسٽ 2012ع تي ڪراچي ۾ گهرايو ويو آهي، جيڪڏهن اڄ چنڊ نظر اچي ويو ته عيد آچر 19 آگسٽ تي ٿيندي پر جيڪڏهن نظر نه آيو ته عيد سومر 20 آگسٽ تي ٿيندي. اسلامي ملڪن ۾ عبدالفطر 29 روزا پوري ٿيڻ کانپوءِ چنڊ ڏسڻ کانپوءِ ملهائي ويندي آهي ۽ انهيءَ عيد جو مزو به تڏهن آهي، جڏهن 29 روزن کان پوءِ چنڊ نظر اچي، عام ٻولي ۾ چئبو آهي ته ڪيا مزا اُس يار ڪا، جو يار هو دس بيس ڪا، هي مزا اُس چاند ڪا، جو چاند هو اُنتيس ڪا. معنيٰ مزو انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته 29 روزن وارو چنڊ نظر اچي. چنڊ نظر اچڻ جو مدار ٻن ڳالهين تي آهي، هڪڙي اها ته آسمان چٽو هجي، ٻي اها ته چنڊ بالغ ٿي چڪو هجي. جيڪڏهن مند جهڙالي آهي ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانيل هجن ته چنڊ نظر نه ايندو. وري جيڪڏهن چنڊ ڪچو هجي ته اهو به نظر نه ايندو. اچو ته چنڊ جي بالغ (Mature) هجڻ بابت ڪجهه ڄاڻ وٺون. سج لهڻ کانپوءِ يڪدم اونداهي نٿي ٿئي، بلڪه ڪافي روشني رهي ٿي، جنهن کي شفق چئجي ٿو، انهيءَ کي هوريان هوريان روشني گهٽ ٿيڻ ڪري ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين ڇهن ڊگرين تائين کي شهري شفق چئجي، انهيءَ عرصي ۾ ڌرتي تي ڪافي روشني رهي ٿي، روشني لاءِ ڪنهن ڏيئي يا بتي ٻارڻ جي ضرورت نٿي پوي، رستي تي گاڏيون بنا بتيون ٻاري هلنديون آهن. ٻيو درجو آهي ڇهن کان ٻارنهن ڊگرين جو، جنهن کي بحري شفق چئجي ٿو. انهيءَ وقت شيون بنا بتيءَ جي نظر ته اچن ٿيون پر تفصيل چٽا نظر نٿا اچن. ٽيون درجو آهي 12 کان 18 ڊگرين جو، جنهن کي فلڪياتي شفق چئجي ٿو. انهيءَ وقت ۾ هلڪي روشني رهي ٿي، جنهن ۾ آسمان تي اوندهه ڇانيل رهي ٿي. 18 ڊگرين کان مٿي صفا اوندهه ٿي وڃي ٿي. شفق جو وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿئي ٿو، خط استوا تي اهو وقت 20 منٽ ٿئي ٿو، جڏهن ته خط استوا کان مٿي قطبن ڏي اهو وڌيڪ ٿو ٿئي. ڪن ملڪن ۾ اهو ڪلاڪن ۾ وڃي پهچي ٿو، جنهن ڪري اتي چنڊ ڏسڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ۽ ڪن ۾ ته اهو نظر به نٿو اچي. چنڊ ڌرتي جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ اسان جي ڌرتي نه رڳو سج جي چوڌاري چڪر هڻي ٿي پر پنهنجي محور تي به گول ڦري ٿي. چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري اٽڪل ساڍا 29 ڏينهن ۾ چڪر هڻي پورو ڪري ٿو ته اهو سج ۽ ڌرتي سان سڌي لائين ۾ اچيو وڃي، ان وقت سج جي روشني جيڪا چنڊ تي پوي ٿي، اها ڌرتي تان نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ جو چنڊ جو اهو سڄو اڌ جيڪو روشن آهي، ان جي اونداهين پٺ ڌرتي ڏي آهي. چنڊ جو اونداهون اڌ ڌرتي ڏي هجڻ ڪري چنڊ جي موجودگي جي خبر نٿي پوي، ان وقت کانپوءِ چنڊ ڌرتي جي چوڌاري نئين چڪر جي شروعات ڪري ٿو، ان وقت کي چنڊ جو ڄم به سڏجي ٿو، پر ان گهڙي واري چنڊ کي نئون چنڊ به چئجي ٿو. ان گهڙي کان اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪن تائين اهو نئون چنڊ موجود هجڻ باوجود نظر نٿو اچي، چاهي اکين سان ڏٺو وڃي يا دوربين سان. انهيءَ چنڊ کي ”نظر نه ايندڙ“ Invisible چنڊ سڏجي ٿو. مئچوئر ٿيڻ يعني 17 ڪلاڪن کان وڌيڪ عمر ٿيڻ تي اهو چنڊ ۽ شفق جي 6 کان 9 ڊگري واري درجي ۾ هجڻ کانپوءِ جنهن کي بحري شفق Nautical Twilight چئجي ٿو، اهو چنڊ زمين وارن کي نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو. بشرطيڪه افق تي مٽي، ڌنڌ، ڪڪر نه هجن. سج پهرين مشرق وارن ملڪن ۾ نظر اچي ٿو، پوءِ هوريان هوريان مغرب ڏانهن نڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ملڪن ۾ وقت جو فرق آهي، مثال طور پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ پنجن ڪلاڪن جو فرق آهي، يعني سج پاڪستان ۾ انگلينڊ کان پنج ڪلاڪ اڳ اڀري ٿو، جاپان اسان کان مشرق ڏي آهي، سمجهو ته جاپان ۾ سج لٿي مهل ان نئين ڄاول چنڊ جي عمر ويهه ڪلاڪ آهي ۽ اتي نظر اچي ويو آهي. اسان وٽ اهو چنڊ 24 ڪلاڪن جو هوندو، يعني اڃا وڌيڪ چٽو نظر ايندو ۽ سعودي عرب تائين پهچندي 26 ڪلاڪن جو ٿي ويندو، لنڊن تائين 29 ڪلاڪن جو، نيويارڪ تائين 33 ڪلاڪن جو ۽ هر هنڌ نظر ايندو. وري ٻي صورتحال ڏسون، سمجهو ته چنڊ ٽوڪيو ۾ ڄائو، ڪراچي تائين پهچندي اهو چئن ڪلاڪن جو ٿي ويو، سعودي عرب تائين 6 ڪلاڪن جو، لنڊن تائين 9 ڪلاڪن جو، نيويارڪ تائين 13 ڪلاڪن جو، لاس اينجلس تائين 17 ڪلاڪن جو ۽ هوائي رياست جي شهر هونو لولو ۾ 22 ڪلاڪن جو ٿي ويو. چنڊ جي بالغ ٿيڻ جي عمر 17 ڪلاڪن کان 23 ڪلاڪ هجڻ ڪري اهو ڪراچي، جده، لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ نظر نه ايندو، کڻي دوربينن سان ڏٺو وڃي، پر لاس اينجلس ۾ نظر اچي سگهي ٿو ۽ هونو لولو ۾ ته پڪ نظر ايندو، جيڪڏهن آسمان صاف آهي ته وري هي چڪر پوروڪري ٽوڪيو پهچندو ته 24 ڪلاڪن جو ٿي ويندو. ڪراچي ۾ 28 ڪلاڪن جو، جده ۾ 30 ڪلاڪن جو، لنڊن ۾ 33 ڪلاڪن جو، نيويارڪ ۾ 37 ڪلاڪن جو ٿي ويندو ۽ هر هنڌ چٽو نظر ايندو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چنڊ وڏو ڏسي چوندا آهن ته چنڊ هڪ ڏينهن اڳ جو آهي ۽ روزا هڪ ڏينهن اڳ رکڻ کپندا هئا يا عيد هڪ ڏينهن اڳ ڪرڻ کپندي هئي. ائين ناهي، اهو چنڊ جي عمر تي آهي. سمجهو ته هڪڙي ڀيري چنڊ ٽوڪيو ۾ 16 ڪلاڪن جو ٿيو ته ڪراچي ۾ 20 ڪلاڪن جو ٿيو ۽ نظر اچي ويو، جو عمر 20 ڪلاڪ ٿي. ٻئي دفعي سمجهو ته انهيءَ جي عمر ٽوڪيو ۾ هئي ٻڙي، ته ڪراچي ۾ ٿي 4 ڪلاڪ ۽ نظر نه آيو جو نظر اچڻ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 17 ڪلاڪ آهي، اهو سڄي دنيا ۾ ڦري وري ٽوڪيو پهچڻ ۾ 24 ڪلاڪن جو ٿي ويندو ۽ اتي نظر ايندو. ڪراچي پهچڻ تي 28 ڪلاڪن جو ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن موسم صفا آهي ته نظر اچي ويندو. اسان عيد جو چنڊ ڏسڻ وارو سلسلو سعودي عرب سان ڳنڍيون ٿا جو مسلمانن جو قبلو ۽ ڪعبو اتي آهي، وري اتي وارياسو ملڪ هجڻ ڪري آسمان تي ڪڪر به گهڻو ڪري نٿا هجن ۽ آسمان سج لهڻ کانپوءِ صاف ٿئي ٿو. اسان جو سعودي عرب سان وقت جو فرق 2 ڪلاڪ آهي. سمجهو ته ڪنهن سال پاڪستان ۾ چنڊ جي عمر 17 ڪلاڪ آهي ۽ آسمان به صاف آهي ته پاڪستان ۾ چنڊ نظر ايندو. وري ان جي عمر سعودي عرب ۾ ٿي ويندي 19 ڪلاڪ، اتي گهڻو ڪري آسمان صاف رهي ٿو، تنهن ڪري چنڊ نظر اچي ويندو، معنيٰ پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ساڳئي ڏينهن عيد ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان جي اترين علائقن وارا ماڻهو سعودي عرب سان ساڳئي ڏينهن عيد ملهائين ٿا. وري سمجهو ته صورتحال اها آهي ته پاڪستان ۾ چنڊ جي عمر 15 ڪلاڪ آهي، اتي هي نظر نه ايندو. ان جي عمر سعودي عرب ۾ ٿي ويندي 17 ڪلاڪ معنيٰ چند بالغ ٿي ويندو ۽ اتي نظر اچي ويندو ۽ پاڪستان ۾ عيد ٻئي ڏينهن ٿيندي، جڏهن 24 ڪلاڪن جي ڦيري کانپوءِ ان جي عمر 39 ڪلاڪ ٿي ويندي ۽ اتي چٽو ڏسڻ ۾ ايندو. هن سال سعودي ۾ رمضان جا روزا اسان کان هڪڙو ڏينهن اڳ شروع ٿيا آهن ۽ اتي 29 روزا پوري ٿيڻ کانپوءِ چنڊ 17 آگسٽ تي ڏٺو ويو ۽ نظر نه آيو، رمضان جو چنڊ 29 ڏينهن کانپوءِ ڏٺو ويو هو، تنهن ڪري 18 آگسٽ تي ڇنڇر تي سعودي عرب ۾ عيد نه ٿيندي ۽ 30 روزن کانپوءِ آچر 19 آگسٽ تي ملهائي ويندي. جڏهن سعودي عرب ۾ اها صورتحال آهي ته پاڪستان ۾ به 19 آگسٽ ڇنڇر تي چنڊ نظر اچڻ ڏکيو آهي ۽ عيد 30 روزا پورا ڪرڻ کانپوءِ سومر 20 آگسٽ تي ٿيندي. پر ڳالهه تڪرار واري ناهي، اسان جي پيغمبر صه جي هڪڙي حديث ۾ فرمايل آهي ته چنڊ ڏسي روزا رکو ۽ چنڊ ڏسي عيد ڪريو. عيد ته ملهائڻي ئي آهي. عيد جنهن ڏينهن به ٿئي، منهنجي طرفان سڀني سنڌ وارن کي اڳواٽ عيد مبارڪ. گذريل سال رمضان جي عيد تي لکيل مضمون جيڪو ڪاوش ۾ ڇپيو _____