• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
غزل​
شاعر وفا ناٿن شاهي
deep.gif


مونکي ڏيئي طويل تنهائيون
ويو هليو گهر وڄائي شهنائيون

تجربو تجربو گواهي آ
عاشقي جو حصول رُسوايون

سارو عالم رُٺل رُٺل آهي
ڪنهن سان پرچون ۽ڪنهنکي پرچايون

هڪ نه ٻئي جي ضرور لڄ رکندو
دوستو! گڏجي هُن کي سمجهايون

جنهن جي پرچڻ جو شرط موت هجي
اهڙي ظالم کي ڪيئن پرچائيون

مون محبت سان جنهن جا پير جهليا
ويو هليو نفرتن سان ٺُڪرايون

حُسن دولت جي چيچڙي ۾ وفا
فاقه ڪش حسرتن جون پسپايون
.................................................................

دل جي بندوق هڻي ڇڏ مون کي
اک جي رستي تا ن کڻي ڇڏ مونکي

ڇو ٿو ٺُڪرائين ننڌڻڪن وانگر
ڪنهنجي ڌڻ سان ته ڌڻي! ڇڏ مونکي

پيار جا پنڌ ، جبل جون چاڙهيون
آهه تڪليف گهڻي ڇڏ مونکي

فصل گل تائين رهي جا آئي
ويئي پن ڇڻ ۾ ڇڻي ڇڏ مونکي

گهر نه ڇڏ آ رُڃن جو راهي
ڇا ڪندينءِ هڪڙي ڄڻي ڇڏ مونکي

مونکي پيشاني تي لائڻ ڏي وفا!
پنهجي پيرن جي پڻي ڇڏ مونکي.
.................................................................

تون ۽ مون سان پيار ڪندين،هل ڪوڙا!
گهور سڄو سنسار ڪندي هل ڪوڙا

سڀني کي ٺُڪرائيندي مون خاطر
رنجيده هر يار ڪندين ، هل ڪوڙا!

سڀ ڪجهه گهوري سر جو سانگو لاهي
چاهت جو اقرار ڪندي ، هل ڪوڙا!

مونسان گڏجي مظلومن جي حق ۾
هر ظالم تي وار ڪندي، هل ڪوڙا!

ڪيئن ڪندي آباد وفا جو جيون،
پن ڇڻ کي گلزار ڪندي، هل ڪوڙا!
.................................................................​
 
Back
Top