
ونڊوز ايڪس پي ۾ عام طور انٽرنيٽ ايڪسپلورر 6 شامل هوندو آهي ۔۔۔ پر انٽرنيٽ تي مختلف سافٽويئرز ۽ برائوزر جي مائڪروسافٽ پروڊڪٽ سان جنگ جاري آهي۔۔۔ ان ڪري انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي ناڪام بنائڻ لاءِ مختلف طرفن کان حملا جاري آهن۔۔۔
اهڙن حملن کان بچڻ لاءِ مائڪروسافٽ وارا پڻ جدوجهد جاري رکيو ويٺا آهن۔۔۔ ان ڪري فائرفاڪس ۽ گوگل ڪروم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت اڳ ئي مائڪروسافٽ وارن پنهنجو تازه ترين برائوزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر 8 لا نچ ڪيو جيڪو يقينن استعمال ۾ آسان ۽ مددگار آهي۔۔۔ هن برائوزر ذريعي تواهان آرام سان تڪڙي نموني اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهو ٿا جيڪو توهان انٽرنيٽ تي چاهيو۔۔۔
هن جا ڪجهه فيچرس هي آهن۔۔۔
تيزي: پنهنجي پراڻي ورجن جي مقابلي ۾ هي ورجن تيز ترين برائوزنگ ڪري رهيو آهي۔۔۔
آسان: انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن لاءِ هي برائوزر استعمال ۾ انتهائي آسان آهي۔۔
پرائيويسي: چاهيو ته ڪنهن به سائيٽ کي پرائويٽ طور کولي سگهو ٿا۔۔۔ جنهن کي بند ڪرڻ کان پوءِ ان جو ريڪارڊ ڪمپيوٽر تي نه ملندو۔۔

محفوظ: انٽرنيٽ استعمال ڪندي مختلف وائرس جي حملي کان ڪمپيوٽر کي بچائيندو رهندو آهي۔۔۔

ڳولا: هن جو سرچنگ سسٽم لاجواب آهي۔۔۔ ٿوري وقت ۾ تڪڙي ڳولا ۾ ماهر آهي۔۔۔

۽ سڀ کان اهم: هي واحد برائوزر آهي جنهن ۾ رهي ڪري سنڌ سلامت فورم تي بغير ڪنهن اضافي ايڪسٽينشن يا ايڊون وغيره جي پنهنجيون تحريرون موڪلي سگهجن ٿيون۔۔۔