غزل جبار بوزدار

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
تازو ۽ نئون غزل

غزل
جبار بوزدار
هر صدا اداسي جي
آ گهٽا اداسي جي

آ وڻي وئي مونکي
ڪا ادا اداسي جي

ساڻ ٿي اچي رهندي
ڏس وفا اداسي جي

زندگي جي ڪاڙهي ۾
آ هو ا اداسي جي

هرمرض ڇڏي ويند ئي
وِٺ دوا اداسي جي

رنگ ٿو کپي ڪوئي
ڏي حنا اداسي جي​
 
جواب: غزل جبار بوزدار

هرمرض ڇڏي ويندئي
وَٺ دوا اداسي جي
رنگ ٿو کپي ڪوئي
ڏي حنا اداسي جي
ادا بوزدار ۔۔۔ ڀلا هر طرف اداسي ئي اداسي آهي ۔۔۔ خئير ته آهي ۔۔۔ ڀلا اسان دوستن سان به اها دوا ونڊ ڪيو ته من ڪو اسانجي اداسي به ختم ٿئي ۔۔۔ يا وري اداسي جي حنا لڳائي ويٺا هجون ۽ ويٺا پنهنجو جيءُ جهوريون ۔۔۔ يار ڪا صلاح ڏي ته ڇا ڪجي؟ ۔۔۔ علاج ڪجي يا اداسيءَ کي وڌائجي ۔۔۔ ڇوٽڪارو ڪيئن ٿيندو ۔۔۔
شال جڙيو هجين
 
Back
Top