سنڌ سلامت فورم جي سڀني ساٿين کي دل جي گهرائين سان پرديسي ڀاء طرفان دلي عيد مبارڪ، دعا آهي ته الله پاڪ اسان جي سنڌ، سنڌي قوم تي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجو ڪرم ڪري ،رحم ڪري ۽ ٻاجهه ڪري ،سنڌي ماروئڙن جن پنهنجا اجها مسلمانن مهاجرن کي سنت سمجهي پيش ڪيا،جيء ۾ جايون ڏنيون اهي اڄ وطن جي رکوالن جي رت جا پياسا بنجي ويا آهن ۽ انهن جي رت سان رانديون کيڏڻ شروع ڪيون آهن ،يا رب ڪريم تون انهن کي هدايت ڏي يا انهن کي نابود ڪر، اسان جي حال تي رحم فرماء يا رب ڪريم اسان جون خطائون معاف فرما، اسان کي حق جي رستي تي قائم رک، اسان جي قوم کي يڪجا رک ،اسان تي پنهنجو ڪرم و رحم فرماء، اسان جا جيڪي عزيز قريب دوست اهباب هي فاني دنيا ڇڏي تنهنجي دريبار ۾ پهتا آهن انهن جي مغفرت فرماء انهن کي جنت ۾ جاء عطا فرماء يا رب ڪريم تون ئي ڪل شي قدير آهي ،ڪن فيڪون جو مالڪ آهين تون سخي آهين پرچين ته پل ڀرين ڏمرجي ته به ڏين،تون ئي آهين جيڪو ڪيولي کي ڪڻ هاٿي کي مڻ روزانو روز رسائيندو آهين ۔ يا رب اسان به تنهنجي آسري، درود حبيب ِ خدا سيدنا محمد مصطفيى صلي الله عليه وآله وسلم جن تي آمين يا رب العالمين
لک قرب سائين ۔۔۔ احساس اٿم ته اوهان جي دل سنڌ ۾ پئي گهمي۔ بس ڇا ڪجي جو سکيي ستابي سنڌ جا ماڻهو ماني ڳڀي لاء پرديس ۾ پريشان آهن، اتي ديس واسي به مسئلن ۾ گهيريل آهن۔ دعا آهي ته هي عيد اسان سنڌ واسين لاء خوشين جو پيغام آڻي ۔۔۔۔ آمين۔ سدا خوش هجو ۽ اوهان کي به عيد جون واڌايون۔
سمورن سڄڻن، ساٿين، دوستن ۽ عزيزن کي عيد ۽ رمضان جون برڪتون مبارڪ هجن ... خاص ڪري انهن دوستن کي لک لک واڌايون جن هن رمضان ۾ پنهنجي مغفرت لاءِ دعائون گهريون، عبادتون ڪيون ۽ سنڌ لاءِ رب العالمين کان خوشين جون دعائون گهريون. عيد ڏهاڙو آهي پنهنجن کي ڳلي لڳائڻ جو، پنهنجن عزيزن جي غلطين کي معاف ڪرڻ جو، غريبن ۽ مسڪينن جي سار لهڻ جو، ٻارڙن کي پيار ڪرڻ جو، ٻڍڙڻ ۽ بزرگن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ جو، عزيزن ۽ دوستن سان ڀاڪر پائي، چميون ڏئي پنهنجي خلوص نشاور ڪرڻ جو ... رب العالمين اوهان سڀني دوستن کي ۽ سنڌ واسين کي خوشين سان مالا مال ڪري ۽ ڪوسو واءُ نه لڳائي... آمين جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجهه به اوڏيائي منڱيان ....
سنڌ سلامت جي سڀني پيارن دوستن کي ايندڙ خوشين ڀري عيد الفطر جون کوڙ ساريون مبارڪون۔ شل الله پاڪ اسان سڀني جي اُوڻاين وارين عبادتن، نمازن ۽ روزن کي پنهنجي ٻاجهه ۽ رحم واري نظر سان قبول ڪري۔ شل سڄي سنڌ ۾ امن ۽ خير آڻي۔۔شل سڀني سنڌين کي هميشه آباد ۽ خوش رکي۔آمين۔
سنڌ سلامت جي سمورن دوستن ، سڀني مسلمان ڀائرن کي عيد جون لکين واڌايون ، الله پاڪ اسان سڀني جي مغفرت فرمائي آمين 2942 اٽيچمينٽ ڏسو
لک قرب سهڻا سائين، اوهانکي به لک لک واڌايون ۔۔۔ دعائون قبول پون ۔۔۔ هميشه سرها ۽ سنڌ سميت سلامت رهو ۔۔۔ آمين
ادا عتيق الرحمان السلام عليڪم۔ ادا سائين اسان جي طرفان اوهان کي دل جي گهرائين سا عيد جون خوشيون مبارڪ هجن۔ توهان کي روزن، ترابين، نفلن راتين جو جاڳي پنهنجي الله پاڪ کي روئي روئي مڃائڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون هجن۔ الله پاڪ شل اسان جي پاڪ ملڪ ۾ امن ؤ امان قائم ڪري۔ ان جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي پنهنجي حبيب جي صدقي ناڪام بنائي۔ ڀاء کي ڀاء سان مذهبي، لساني ، قوميت جي بنياد تي ويڙهائڻ جي جيڪي سازش ٿئي رهي آهي ان کي الله پاڪ پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان ناڪام بنائي۔ آمين۔
ادا رياض السلام عليڪم۔ توهان کي به اسان سڀني جي طرفان عيد جون کوڙ ساريون وڌايون هجن، الله پاڪ شل اهڙِون کوڙ ساريون عيديون توهانجي زندگي ۾ کڻي اچي۔ توهانجون هر مشڪلون حل ڪري۔
سائين آهيون ته سڀ پرديسي هي ديس ناهي اسان جو هن پرديس ۾ اسان طرفان به اوهان کي ۽ سڄي سنگت کي عيد مبارڪون ۔ وسلام
سڀني پيارن کي عيد جون لک لک مبارڪون خاص ڪري انهن پيارن کي جيڪي پنهنجي وطن کان پنهنجي پيارن کان پري آهن انهن کي مبارڪون هجن اسان جي دل انهن سان گڏ آهي ۔ سائين نثار ابڙو محترم سائين عتيق الرحمان جن کي خاص دلي عيد مبارڪون جيڪي پري رهي به پنهنجن وانگر اسان سان گڏ آهن ۔