رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان جنھن جا پوڄاري ھون
آھن ھو الائي ڪھڙا
اندر آسوچ مون اھڙي
ھوندا سي گلن جھڙا
وڄون وسڻ آيون ساڻيھ ٿيو سڪار
سڄو ملڪ ملھار ٺاريو مينھن مندائتي
وڄون وسڻ آيو بوندو بس نھ ڪن
مينگھ ملھار ۾ وس وس وسڪارن
روح اندر پيارن وڏي سڪ سرير کي
وسي پيو وانگيئڙن تي پئجي بوند بھار
کڻ اکيون کل يار سرھا ٿيا سنگھار
پلرسان جن پيار سکيا گھارين ڏينھڙا