مهتاب اڪبر راشدي امر جليل ..........سنڌ جو سدا حيات ڪهاڻيڪار امر جليل جي لکڻين جي ”گولڊن جوبلي“ جي هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪم از ڪم هڪ شيءِ جو احساس ته ڏياريو ته اسان سنڌي امر جليل جي مشاهدي وارن سنڌين کان هر گز به ايترونه مٽيا آهيون جو ايئن ڪرڻ سان امر جليل جي لکڻين جو نوي سيڪڙو حصو اڻ واڳيل ٿي وڃي تنهنڪري کيس مايوس ٿيڻ ته پاڻ ڪونه ڏينداسين البته تاريخدانن غلطيءَ سان جنهن سنڌ ۽ سنڌين جون خصلتون بيان ڪيون آهن تن کي جهڙي ريت مارگريٽ ۽ سندس ڪهاڻي ”هن ڄار ۾“پنهنجي Theoryکي Practicalکانپوءِ درست ڪيو تهڙي ريت امر جليل کي ڪڏهن ڪڏهن هن قسم جي Shock Treatmentملڻ کپي ته اسان سنڌي پنهنجي ڪنهن ليکڪ کي هن ريت ڀيٽا به ڏئي سگهون ٿا!؟اسان سچ پچ به ڪنهن نقطي تي متفق ٿي سگهون ٿا اسان پنهنجا سڀئي ڪمتري ۽ برتري جا احساس هڪ پاسي رکي ان ڳالهه تي واقعي متفق ٿي چڪا آهيون ته،”امر جليل ڪالهه اڄ ۽ سڀاڻي جو اهو اديب آهي جنهن جي خيال جي اڏام ،مشاهدي جي وسعت ،قلم جي نوڪ ،بيان جي سحر انگيزي ،پنهنجي زمين سان عشق جي سڳي ۾ جنون جي حد تائين ڀريل آهي.پنهنجي آس پاس جي حالتن کان ڇرڪائيندڙ حد تائين باخبر ،ڌرتيءَ جي ڌوڙ کان وٺي آسمان جي تارن تائين پهچ رکندڙ ،سنڌ جي خاڪ ۽ ڪک پن کان وٺي گجگوڙ ڪندڙ سنڌو بادشاهه ۽ وري سنڌوءَ جي ويران ٻيٽ ۾ اڏامندڙ واري جي رُڃ جي اُڃ کي محسوس ڪندڙ سندس ڦٽيل سينو ۽ ان مان ٽمندڙ رت ڦڙن سان لکيک ڪالم هن ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون ۽ ان جي نتيجي ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ جو ڀورڙو عوام ،منافق ۽ حرفتي سياستدان ۽ انهن جا چاپلوس ڪارندا مذهبي منافقتون ۽ انهن جا ڏنگيل معصوم ماڻهو ٻهراڙيءَ جي ٻالن ڀولن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ شهري غنڊن جا ڪارناما ادبي ڌاڙا يا سياسي چالبازيون اهڙو ڪهڙو موضوع آهي جنهن تي امر جليل جو قلم نه وهيو آهي؟ اڄ پنجاهه سالن کانپوءِ سندس هڙئي چرٻٽ ،ڀوڪ ،بينا ،افلاطون ،ڏيڏر ۽ مُترڪا ،گوڏا کوڙي ،هٿ ٻڌي ،امر جليل جي آڏو بيٺا آهن ۽ ان شيءِ جو اعتراف ٿا ڪن ته”تنهنجو قلم ....اسان جو قلم آهي“اسان جي تڪليفن کي تو ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان بيان ڪيو جو اها تڪليف ئي اسان کان وسري وئي.اسان جي خامين کي تو ڪهڙي نه سهڻي رومال ۾ ويڙهي اسان جي منهن تي هنيو جو اسان شرمنده به نه ٿياسين تو اسان کي پنهنجي مٽيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريو.تو اسان کي پنهنجو پاڻ تي فخر ڪرڻ سيکاريو اسان جون اوڻايون ،پوڻايون ته اسان جي آڏو اهڙي نموني آڻي رکيون جو اسان کي پنهنجو پاڻ تي پيار اچڻ لڳو.جڏهن اسان هڙئي ،ڀوڪ ،افلاطون،متيرا ،چرٻٽ ۽ مُترڪا....ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته تنهن جي ذات سوچ ۽ قلم ۽ خيالن جي اپٽار ۾ ڪا ٻيائي ناهي ڇو ته تون جـــــــــوئي آهـــــــين ســـــــو ئي آهـــــــــين تڏهن اسان سڀ پنهنجي اُتاهه ،پيار ۽ عقيدت جي اظهار لاءِ هتي اچي گڏ ٿيا آهيون ۽ ان شيءِ جو يقين ڏيارڻ ٿا چاهيون ته هن اظهار ،هن عقيدت ۽ هن محبت ۾ به ڪا به ٻيائي ناهي اسان جي ڪا لالچ ناهي ان کي قبول ڪر ڇاڪاڻ ته تنهنجي اها قبوليت اسان کي پنهنجي سنڌي هئڻ تي فخر مند ڪندي.هي اُهو امر جليل آهي جيڪو سنڌ ڄايو آهي جنهن جو خمير سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي جنهن جا جوڌا جوءِ تان قربان ٿيندا آهن جتي سچل جو انالحق ،امر جليل ۾ سمائجي ٿو ۽ جتي لطيف جي ”جهڙا سي تهڙا مون مارو مڃيا“امر جليل جي پيرن جا ونگ بنجي وڃن ٿا. مان غلط ته نه ٿي چوان”سهڻي“جي امر جليل نمبر ۾ انٽرويو ڏيندي امر جليل چوي ٿو: ”مون کي اعتراف آهي ته منهنجو دين ڌرم سنڌ آهي سنڌ منهنجي لاءِ عبادتگاهه آهي سنڌ جي مٽي مون لاءِ طور سينا جي سُرمي کان به وڌيڪ آهي ۽ اهو ئي منهنجي ڪهاڻين جو موضوع آهي.“ 1973 ع ۾ ڏنل هن انٽرويو ۾ چيل ڳالهين ۽ اڄ 2008ع جي امر جليل جي خيالن ۾ تر جو به فرق نه آيو آهي.جڏهين هو اهو ٿو چوي ته ”منهنجو ادب ،درد ۽ تڪليف مان جنم وٺندو آهي“ان ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش نه ٿي رهي جڏهن عشق ۽ انٽرويو ۾ پنهنجي ڪردار واتان هيءُ اکر چورائي ٿو ته: ”منهنجا ڇهه ڇڄي پيا دل آهه ڪئي چپ ڦڙڪي اٿيا ۽ وراڻيو هئم سائين منهنجي پيءُ کي انگريز مائي باپ انڪري نوڪريءَ ۾ نه کنيو هو ته منهنجو پيءُ انگريزي نه ڄاڻڻدو هو توهان مونکي نوڪريءَ ۾ اُن لاءِ نه ٿا کڻو جو مان اردو نه ٿو ڄاڻان ڪٿي ايئن ته نه آهي انگريز سوٽ لاهي شيرواني پائي موٽي آيا آهن.“ ته انهن سٽن ۾ هو ان سڄي منافقت ۽ پرماريت کي وائکو ٿو ڪري جنهن کي گذريل سٺ سالن کان منهن ڏيئي رهيا آهيون امر جليل جتي پرماري قوتن ۽ ڪردارن کان پنهنجي پڙهندڙن کي باخبر ٿو رکي اُتي هو کين پنهنجين ڪمزورين کي پسڻ لاءِ آئينو ڏيکاري ٿو جڏهين اروڙ جي مست ۾ هو چوي ٿو: ”بيوقوف سنڌين کي ڪهاڙين ۽ بندوقن کان سواءِ به ڦري سگهجي ٿو.“ ”سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جي پير ٿجي يا رهزن ڌاڙيل ٻئي ڌنڌا هڪجهڙا آهن ٻنهي ۾ هڪ جيتري ڪمائي آهي.“ ”ڌاڙيلن لاءِ قانون آهي پر ڪاني ڪرامتن جي پيرن لاءِ ناهي“ ”سنڌ ۾ چرين کي پير ۽ ديوانن کي پهتل سڏيندا آهن.“ ههڙن سٽون سڌن لفظن ۾ پنهنجن ماڻهن جي ڪردار جو تجزيو ۽ اظهار ،قوت سچائي ۽ گهري مشاهدي وارو ليکڪ ئي ڪري ٿو سگهي. امر جليل 1998ع ۾ دل جي دنيا جي مهاڳ ،نه اُمهاڳ لکندي چيو هو ته: ”ڄاڻ ،آگاهي ۽ سمجهه انسان کي معاشري ۾ هيڪلو ڪري ڇڏيندي آهي.اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي .هو سولائي سان خدا کي خير آباد ڪري الله حافظ چئي نه سگهندو آهي هو جواز تان هٿ کڻي نه سگهندو آهي. اڄ جڏهين دين ۽ اسلام جي نين تشريحن ۾ ڦاسي پيا آهيون ۽ اڄ ڪالهه جيئن لفظ خدا کي الله سان Replaceڪري دل کي تسلي پيا ڏيون ته هاڻ اسان صحيح واٽ تي آهيون ،جڏهين ڪنهن سان گڏ نماز پڙهندي توهان سان گڏ بيٺل ،رب جي طرف رجوع ٿيڻ بدران توهان کي درست بيهارڻ جي ڳڻتي ۾ هجي ڪيترا ڦُٽ پير کولي بيهو ۽ هٿي سيني يا دُن جي ڪهڙي زاويئي تي رکڻ کپن،اهو ئي سيکارڻ جي چڪر ۾ هجي ته اوڏي مهل ذهن اهو ضرور سوچي ٿو ته ڀلارو رب ڀلا ايترن وچورن ۾ ويندو ڇا؟اسان جو دل سان ڪنڌ نوائڻ کيس قبول نه پوندو !؟“ انهيءَ منظر نامي کي آڏو رکي ڏسو ته”دل جي دنيا مهاڳ 1998ع ۾ امر جليل چيو ته: ”خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ سان معاشري تي ڪو اثر نه پوندو اڳ خريد ڪيل ڪوڙا شاهد ڪورٽن ۾ خدا جوقسم کڻي ڪوڙيون شاهديون ڏيندا هئا ۽ بيگناهن کي عمر قيد ۽ ڦاهيءَ جون سزائون ڏياري ڇڏيندا هئا هينئر هو ساڳيو ڪم الله جي نالي ۾ قسم کڻي ڪندا.جن کي بيگناهه مرڻو آهي سي مرندا جن کي اختلاف راءِ جي سزا ڀوڳڻي آهي سي ڀوڳيندا خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ سان ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ خبرون سچيون ثابت نه ٿينديون.“ امر جليل وٽ گهڻ رُخي اظهار جا طريقا رهيا آهن هو ڪهاڻيڪار آهي ڊرامه نگار آهي ڪالم نگار آهي ريڊئي تي به لکندڙ آهي ته ٽي وي کي به يادگار ڊراما ڏنا اٿس هن فلمن جا ڊائيلاگ لکيا ۽ ناول به لکيو. لفظ هن جا ٻڌا ٻانها آهن جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪري ، هو ٻولين جو به صاحب آهي وڻيس ته سنڌيءَ ۾ لکي ،وڻيس ته صاحب لوڪن جي زبان انگريزيءَ ۾ لکي ۽ چاهي ته چوڻ جي حد تائين حڪمرانن جي پسنديده زبان اردوءَ ۾ لکي.اڄ ڪلهه به سندس ڪالم ”سب جهوٽ“ اردوءَ ۾ ڇپجي ٿو.ٻولي چاهي ڪهڙيءَ م لکي هن جي سوچ واضح آهي هو جنهن شيءِ کي فوڪس ڪري ٿو.اتان مجال جو ٿڙي هن وڙ ڪهاڻيءَ کي مڪالمن ذريعي مٿي کڻي وڃڻ جي فني ڪماليت آهي.ننڍڙن ننڍڙن مڪالمن ۽ سولي سڌي وضاحتن سان هو نه صرف ڪردار کي واضح ٿو ڪري بلڪ ڀرپاسي جو ماحول ،ڪهاڻي جو مرڪزي خيال ۽ ڪردار نگاري گڏوگڏ کڻ هلندي جڏهين عروج اچي ٿو ته ڪهاڻيءَ جو انت اهڙي ڇرڪائيندڙ نموني ٿو ڪري جنهن جو پڙهندڙ کي پري پري به گمان نه هوندو آهي ۽ ڪهاڻي جي اِهائي ڇرڪائيندڙ پڄاڻي ،بدن مان سيسڙاٽ ڪڍي ٿي ڇڏي پوءِ چاهي اهو ”دل جي دنيا“ ،جو انت هجي يا .جڏهين مان نه هوندس“،”ٽيون وجود“ ،”تاريخ جو ڪفن“ ،”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“،”سنڌو منهنجي ساهه ۾“، ”سرد لاش جو سفر“۽ اهڙيون بيشمار ڪهاڻيون ،جن جو انت ڇرڪائيندڙ ۽ ذهن ۽ دل تي عجيب بار ڇڏي ويندڙ آهن.اهائي امر جليل جي تحرير جي خوبي آهي ته هو هلڪي ڦلڪي نموني ...طنز ۽ مزاح جا گل کنڊيريندي اهڙا چهڪ ڏيندو جو انهن جو تاثر ..ذهن تان هرگز نه ويندو.جيئن گارشيا گيبريل مارڪيز جو Hundred years of Solitudeهن جي ذهن تي چنبڙيل آهي.تهڙي ئي نموني امر جليل جو ”جڏهين مان نه هوندس“ ۽”مهدي منهنجو پُٽُ“ منهنجي اندر ۾ پيهي ويا آهن. هن ڏهن منٽن جي اظهار ۾ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته امر جليل جي ڪهڙي لکڻين جا حوالا ڏيان ”ڌرتي جي ڌوڙ آسمان جا تارا“ جو بدڪردار ”شاهو“ ۽ ميري ڌپ واري باڪردار ڀيلياڻي ”بالي“ ”هن ڄار جو“ شيخ جيڪو مارگريٽ جي تاريخ ۾ پڙهيل سنڌ متعلق غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته ”ٻڌائين ڇو نه ٿو علي ،ته هيءَ سنڌ موهن جو دڙو ناهي“ انهن لفظن جا چهڪ اُهيئي محسوس ڪري سگهندا جن پنهنجي سنڌين جي هٿئون ئي سنڌ امڙ جو چهرو مسخ ٿيندي ڏٺو آهي.هن اهڙن سنڌين جي نيٺ گونگي ڳالهايو ۾ هيئن تصوير ڪَشي ڪئي آهي. ”سندس ذهانت جي انتها هئي جو گهر جي جنهن ڪمري ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي تصوير رکيل هئي تنهن ڪمري ۾ جنرل ضياءُ الحق جا صلاحڪار کنئس سنڌ جي باري ۾ معلومات هٿ ڪرڻ ايندا هئا.سنڌ جو سنڌي خوش ته مضبوط مرڪز ۾ اسان جو دانشور خيما کوڙيو ويٺو آهي ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪري رهيو آهي.“ يا وري هن ڪردار نگاريءَ ڏسو توهان جي اکين آڏو گهڻائي چهرا ڦري ايندا. ”مون کي مراد ٺاٺاري جي روئيي تي تعجب نه ٿيو هن ڏاڍي محنت ئي ڪئي.اسلام آباد جهڙي نامراد شهر ۾ پير ڄمائڻ لاءِ هن وسان ڪين گهٽايو هو.سنڌ ۾ بيروزگاري کان مجبور ٿي ڪلارڪي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيو هو. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي ويو ڏاڪن پٺيان ڏاڪا چڙهندو.شڪارپور جي مٺائي ۽ آچار ،روهڙي ۽ خيرپور جون کارڪون ،ماکيءَ جا شيشا کارائي هن ڪامورن جي مت ماري وڌي.هر ڪو مٿي تي ويهاريندس ويو چوٽ چڙهندو.سنڌ بابت خبرون هٿ ڪرڻ وارا ،مراد ٺاٺاريءَ کي سنڌ جي اٿارٽي سمجهڻ لڳا.“ ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ يا جڏهين هن”جڏهين مان نه هوندس“جو لکيو: ”ووٽ به وٺن عوام کان ۽ چونڊجڻ کانپوءِ رعب به رکن عوام تي هي سنڌي نمائندا سڄي رات پنجاب ۾ ڪَن عيش ،عورت ۽ شراب ،صبح جو اجلاس ۾ جھوٽا کائن ،سنڌ جي قسمت ئي سُتل آهي.“ يا وري جڏهين هوپنهنجي ڪالم سڀ ڪوڙ جي ”ٽوپيون“ ۾ لکي ٿو: ”ڪجهه عرصي کانپوءِ مون آپگهات ڪري ڇڏيو.سنڌ مان ڪُوچ ڪري اسلام آباد اچي وسايو.جتي فقط مئل ماڻهو رهندا آهن ۽ملڪ تي حڪومت ڪندا آهن ڪجهه مئل ماڻهو سوٽ ،شيروانيون ۽ واسڪوٽ پائي سيڪريٽيريٽ ۾ ويهندا آهن ۽سيڪشن آفيسر ،ڊپٽي سيڪريٽري ،جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سيڪريٽي ٿي پوندا آهن ۽منسٽرن آڏو احڪامن لاءِ فائيل رکندا آهن ۽ منسٽر فائيلن تي ”seen“ لکي ڇڏيندا آهن.“ سندس مشاهدي جي گهرائي ۽پنهنجي سرشتي جي ابتريءَ تي هن کان بهتر تبصرو نظر نه ٿواچي امر جليل پاڻ ڇا آهي سندس تحريرن جو ماخذ ڇا آهي هن کي هي تحرڪ ڪٿان مليو؟اهو جواب نه اسان وٽ آهي نه ئي جليل وٽ ها البته هن شيءِ جي کيس ڀليءَ ڀت خبر آهي.جنهن جو اظهار هُن هِن ريت ڪيو آهي ته: ”تيئن دنيا جو ڏتڙيل ليکڪ محسوس ڪري ورتو آهي ته قديم چواڻي جي ابتڙ قلم ڪنهن به صورت ۾ تلوار کان وڌيڪ طاقتور نه آهي،ان ڄاڻ جي باوجود ٽئين دنيا جو ليکڪ لکي رهيو آهي ۽ ادب جي بارگاهه ۾ پنهنجي وجود جو نذرانو ڏيئي رهيو آهي. 1984ع ۾ امر جليل جو قئم ڪيل هي تاثر 2008ع ۾ به اوترو ئي سچو آهي جيترو 25 سال اڳ هيو پر ان سڀني مجبورين محرومين ،انسانن سان ٿيندڙ ظلمن ،نانصافي ۽ استحصال ۽ استعماريت جي شاهد هئڻ سان گڏ امر جليل پنهنجي قلم سان ڪالهه وانگر اڄ به اوترو سچو ۽ پڪو آهي. هي اُهو ليکڪ آهي جيڪو پنهنجي لکڻين کي ٻيهر پڙهڻ دُرستيون ڪرڻ ويساهه نه ٿو رکي اهو ان کان ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پنهجي لکيل هر لفظ سان سندس ذهن ۽ دل ٻئي متفق هجن جيڪو پنهنجي سوچ ۾ پختو هجي ۽ اندر صاف ۽ کرو هجي،امر ،سچل جو پانڌيئڙو آهي ته پوءِ هن کي اهڙو ئي کرو هئڻ کپي.انڪري ئي ان شيءِ جي ڳڻتي ناهي ته ٻيو ڪير کيس ڇاٿو سمجهي جو هو ”مان جو ئي آهيان ،سوئي آهيان“ ۾ ويساهه رکندڙ آهي. مان پاڻ کي خوشقسمت ٿي ڀائيان جو ان پيڙهيءَ مان آهيان جنهن تي امر جليل جي لکڻين جي ڇاپ آهي جنهن اسان کي سچ ۽ ڪوڙ جو فرق سمجهايو.جنهن بنا واعظ ڪرڻ جي انسان کي انسان ٿيڻ جي وصف سمجهائي.مان انڪري به پاڻ کي خوشقسمت ٿي ڀائيان ته اڄ امر جليل جي سامهون بيهي پنهنجن محبتن ۽ عقيدتن جو اظهار پئي ڪريان. سنڌ سان هن جي عشق جو شاهد ،سنڌ جو هر ماڻهو آهي ۽ هن وانگر لکڻ جي به هر ڪوئي خواهش ڪندو پر حسرت مان چوان ٿي ته اي ڪاش! مان سنڌ سان امر جليل کان وڌيڪ محبت ڪري سگهان.