• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي (فرمانِ حضرت علي عه)

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هن ديس ۾ جنهن جي هر خوشي ۾ غم جي آميزش آهي ۔
يقينن مالي وڻ پوکيندو آهي ان جو مقصد ته اهو ئي هوندو آهي ته وڻ ميوو ڏيندو ميوو مارڪيٽ ۾ کڻي ان مان پيسو ڪمائي پيٽ گذر ڪندو۔
پر ان جي باغ مان نه صرف ميوو ملندو آهي پر ٻيا به ڪيترائي فائدا ملندا آهن مثال طور وڻڪار، ڇانو ڪاٺيون خوشبو وغيره۔
ڪو مالهي وڻ ان بنياد تي ناهي هڻندو ته هي وڻڪار سُٺي ڏيندو يا ڪاٺيون سٺيون ڏيندو جي ائين هجي ها ته ڪيترا ئي ميوا اهڙا آهن جن کان انسان محروم رهجي وڃن ها۔
اهڙي ريت عيد مان به اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون خوشيون ملن ٿيون جيڪي عيد جو حدف ناهن پر اسان انهن انهن مان لطف اندوز ٿيون ٿا۔
مثال عيد تي اوري پري کان ماڻهون ڪهي پنهنجي مٽن مائٽن ۾ اچن ٿا، هڪ ٻئي سان ڏک سُک ونڊين ٿا، چاهيندي نه چاهيندي هڪ ٻئي کي ڳلي لڳائين ٿا معافيون تلافيون ڪن ٿا ٽٽل رابطه جُڙي پون ٿا ناراضگيون ختم ٿي پون ٿيون ۔
ليڪن عيد جو حدف بندگيءِ خداجل جلالهُ آهي ۽ مٿيون سڀ ڳالهيون بندگي ءِ پروردگار جي بندگي جو مقصد آهن۔ الله جي بندگي ۾ اهڙيون سڀ عنيڪ حقيقتون مضمر آهن خداوند ِ ڪريم اسان سڀني کي اهڙيون عيدون ملهائڻ جون توفيقون عطا ڪري ۔ جنهن ۾ ٽتڌٽل رشتا جُڙي پون، دلن جون دوريون دور ٿين، حسد ڪينو ڪاوڙ بغض ٻيائي ڌوڪي کان اسان منهن موڙي عيد ملهائي سگهون ۔اهڙي عيد ملهائڻ تي اوهان سڀني دوستن کي عيد مبارڪ۔ ياد رهي ته جيڪو وڻ ميوو ناهي ڏيندو تنهن کي وڍي ڇڏبو آهي اهو وڻ وڍجڻ کان پوءِ سڪي باھ جو کاڄ بڻجي ويندو آهي جنهن وڻ ۾ ميوو هوندو آهي سو وڻ مالهي جو محبوب ترين وڻ هوندو آهي هو ان جو هر لحظ کان خيال رکندو آهي ۔ پيار محبت عزت احترام ميلاپ انساني شخصيت جا ميوا آهن يقينن جن شخصيتن ۾ اهڙاميوا هوندا اهن اهي دنيا ۾ انسانن جي محبت جو مرڪز هوندا آهن ۽ جن وڻن ۾ ميوو لڳل هوندو آهي سي جهڪيل هوندا آهن شل اسان جي طبعيتن ۾ عجزو انڪساري اچي وڃي عفو درگزر بخشش ڀلائي جا ميوا لڳي پون
وسلام
 
Back
Top