لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا امر جليل..........منهنجو دوست سنڌ اچڻ جي ويزا ۽ ڪراچي لاءِ جهاز جي ڪنفرم ٽڪيٽ وٺ ان رات مون پنهنجي پريتوان سليم ميمڻ کي فون ڪيو،سليم سائينءَ چيو”امر جليل جي سون ورني سالگرهه(گولڊن جوبلي)لاءِ جليل تي مفصل مقالو لکي اچج“چيو مانس ”دلبر امر جليل تي مفصل ۽ مڪمل مقالو لکڻ لاءِ منهنجي هيءَ هڪ عمر ڪافي ناهي ۽ هينئر ته مون وٽ ايترو وقت به نه رهيو آهي جو مان امر تي ڪجهه مختصر ئي لکي سگهان.بهرحال تنهنجو حڪم اکين تي مان امر تي هڪ مِني خاڪو اوس لکي ايندس ۽ اڳتي هلي جي منهنجي قلم جرئت ۽ جسارت ڪئي ته امر جي ڊائمنڊ جوبليءَ جي موقعي تي بشرط زندگيءَ پنهنجو پورو اڀياس لکي ايندس. امر جليل مون کي چوندو آهي ”ڪومل اڳئين جنم ۾ اسين ڀائر ته نه هئاسين؟“۽ مان هن کي چوندو آهيان ”امر اسين هن جنم ۾ ڀائر آهيون.رڳو ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويا آهيون.اسان جو ڏوهه رڳو اهو آهي جو پنهنجيءَ ئي جنم ڀوميءَ تي اسان پنهنجي لاءِ اهڙي جاءِ جوري نه سگهياسين جي عارضي طور آيل طوفان کي منهن ڏيئي اسين هتي ٿائينڪا ٿي ويهون ها ته ڪوبه ڌاريو اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌڪي نڌڪڻو نه ڪري سگهي ها.منهنجي هندو هئڻ يامسلمان هئڻ سان ڪوبه فرق نه پوي ها مان هندو انڪري آهيانجو ڪنڊياري جي هڪ هندو ڪٽنب ۾ پئدا ٿيس.جي روهڙيءَ جي خان صاحب قاضي عبدالغنيءَ جي گهر ۾ جنم وٺان ها ته مسلمان هجان ها ۽ امر جليل جو سڳو ڀاءُ هجان ها پوءِ شايد ساڌ ٻيلي سامهون سنڌوءَ جي لهر ٿي اڀران ها.دهليءَ جي جمنا ۾ ڪا لهر ته ڇا ڪنهن ڦوٽي جيان به اڀري نه سگهيو آهيان. اهو ڪو معجزو ناهي نه ئي عجيب اتفاق آهي پر اسان جي زندگيءَ جي ڪنهن سرهي صبوح جيان هڪ روشن حقيقت آهي ته چونڊ جو حق حاصل نه هئڻ جي باوجود امر جليل ۽ مان ساڳئي ئي سال ڄاوا آهيون (ڇو ڄاوا آهيون اهو هڪ الڳ سوال آهي جيڪو اسين ٻيئي اڄ تائين پاڻ کان پڇندا رهيا آهيون)فرق رڳو آهي امر جليل جو دنيا ۾ اچڻ امر جليل (خدا جو حڪم) هئو ۽ منهنجو ظهور هن ڌرتيءَ تي هڪ گنهگار جو اضافو هئو.تعليم جي ڪي شروعاتي سال اسان ٻنهي نوابشاهه ۾ گذاريا آهن.اسان ٻنهي جي شادي خانه آبادي ساڳئي ئي مهيني ۽ ساڳئي ئي سال ٿي آهي.ٻنهي جي پنهنجي پسنديءَ جي پيار جي شادي آهي ڄمڻ ۽ مرڻ جي چونڊ اسان جي هٿ ۾ نه هوندي به اسان وچ واري عرصي ۾ پنهنجيءَ چونڊ جو حق استعمال ڪري سگهيا آهيون. پيشي طور پڻ اسان ٻنهي علم ،ادب ،ميڊيا ،مواصلات ،نشرات ۽ صحافت سان لاڳاپيل ڪِرت چونڊي آهي.امر سالن جا سال سنڌي انگريزي اخبارن لاءِ روزاني ۽ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو آهي ۽ مان پنهنجيءَ ملازمت دوران پنهنجيءَ اخبار لاءِ هفتي جا پنج ڏينهن هڪئي ڪالمCity notesسري سان لکندو رهيس پر اسان ٻنهي جي رخ ۽ رويي ۾ وڏو ويڇو ۽ فرق رهيو.امر جي ڪالمن جي نوعيت خالص ادبي ۽ علمي هئي ۽ منهنجا ڪالم محض تجارتي هئا جيڪي مان روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ پنهنجن مالڪن جي مرضيءَ موجب لکندو رهيس.ڪڏهن ڪو ايڊيٽوريل به لکڻو پيو ته اهو ايڊيٽوريل گهٽ ۽ پروپرائيٽوريل وڌيڪ هئوجرنلزم مون لاءِ تفريح هئي پر امر لاءِ اها عبادت هئي. سليم سائينءَ جڏهن مون کي امر تي خاڪو لکڻ لاءِ پنهنجي قصر ايوان مان حڪم صادر ڪيو ته سڀ کان پهرين مون پاسي ۾ رکيل پيگُ پري ڪري ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيتو امر پرهيز گار پراڻي آهي ۽ مون کي پنهنجي پريتوان جي پرهيزگاريءَ جو پورو احترام ڪرڻو آهي.انڪري جيسيتائين امر تي پوئين سٽ لکي پوري نه ڪندس تيسين حرام شيءِ کي هٿنه لڳائندس.گوپيءَ آهستي ڪمري جودر کولي اچي پڇيو”ڇو طبيعت ٺيڪ اٿيئي؟“ چيومانس ”رڳو ٺيڪ ئي نه پر بحال ۽ باغ بهار آهي.“امر جليل تي ڪجهه لکي رهيو آهيان پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي سنڌي ڪهاڻي ڏاڍي ڏچي ۾ اچي ويٺي آهي.هوءَ مون ڏانهن حيرت مان نهاري در ٻيڪڙي هلي ويئي. هن وقت منهنجي سامهون امر جليل جي ڪهانين جا ڇهه مجموعا ۽ هڪ ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“۽ ڊزن کن خط رکيا آهن ،جيڪي مون پنهنجي پراڻي بريف ڪيس ۾ سانڍي رکيا آهن.هن جون ڪهاڻيون مون ڪيئي ڀيرا پر خط به ورائي ورائي پڙهيا آهن.امر جي ڪهاڻين جي ڪيترن ڪردارن منهنجي ذهن ۾ الائي ڪيترا ولوڙ وڌا آهن پر هن خطن جي هر سٽ جي سرهاڻ مونکي سدائين ساهتڪ هڳاءُ سان واسيو آهي. اختر شيرانيءَ جو شعر آهي: مِٽ گئي ميري اميدون ڪي طرح حرف،مگر آج تڪ تيري خطون سي تيري خوشبو نه گئي ساهه سان سانڍيل رکيل اهو بي بها سرمايو مونکان ڪڏهن هيٺ مٿي ٿي ويو ته مان پنهنجو حافظو وڃائي ويهندس امر جي هڪ خط جي لفافي تي مون هڪ سٽ لکي ڇڏي آهي ”اسان ته مري مري ڪو انداز حسن پئدا ڪيو آهي يار امر،توکي ته اهو گهر ويٺي ئي ملـــي ويــو آهي.“ شايد سال ڇاهٺ ستهٺ جي ڳالهه آهي جڏهن هيم ،هريڪانت ۽ مون ڀاڳيواريءَ ۾ دهليءَ جي حوض خاص علائقي ۾ ”سنڌو ڀارتي آرٽ پرنٽرس“ نالي سنڌيءَ جي پرنٽنگ پريس شروع ڪئي ۽ اتان ”آکاڻي“ نالي رڳو ڪهااڻين جو ماهوار رسالو جاري ڪيو.پريس ۾ ڪڏهن ڪڏهن نارائڻ شيام به آفيس مان فارغ ٿي اچي ويهندو هئو.هڪ شام مان پريس ۾آيس ته نارائڻ شيام ڏاڍي ڌيان سان آکاڻي رسالي لاءِ آيل هڪ ڪهاڻي پڙهيرهيو هئو.ڪهاڻي امر جليل جي ”ڌرتيءَ جي ڌوڙ ،آسمان جا تارا“ سري سان هئي.ڪهاڻيءَ تي هڪ هنڌ اچي شيام جون اکيون اٽڪي بيٺيون. ”نيٺ شاهو هيٺ ٿيو ۽ ٻارڙيءَ کي هنج ۾ کڻي ورتائين ٻارڙيءَ کي هڪ ٻانهن ۾ جهلي ،ساڄي هٿ سان روالور ڪڍي ٻارڙيءَ جي مٿان جهلي بيٺو ٻارڙيءَ جو منهن کانئس ايترو پري به نه هئو جو کيس ڏسڻ ۾ ئي نه اچي ها هن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ روالور جي نالي روئندڙ ٻار جي وات ۾ داخل ڪيائين.اوچتو ٻارڙيءَ جيروئڻ جو آواز بند ٿي ويو هوءَ پُچڪارون ڌيئي ريوالور جو سرد لوهه چوسڻ لڳي.شاهوءَ جي آڱر ٽرگر تي ڄمي وئي واچوڙا زمين تان مٽيءَ جا بادل کڻي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳا ،بڙ ۽ ٻٻر جا سُڪل پن پراڻيءَ جيءِ جي ورانڊي ۾ ڦٿڪڻ لڳا.“ سٽون پڙهي نارائڻ شيام وٺجي ويو هئو.هن ڪهاڻي مون کي پڙهڻ لاءِ ڏني.مون کي ياد آيو ته امر اها ڪهاڻي پهرين ضمير واحد متڪلم ۾لکي هئي ڪنهن ٻئي سري سان پر پوءِ ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن ڪوتاهيءَ جو احساس ٿيڻ تي هن اها ڪهاڻي ورائي ٿرڊ پرسن ۾ شاهوءَ جو ڪردار خلقي نئين سر لکي هئي.ورائي لکيل ڪهاڻي وڌيڪ جاذب ۽ جاندار بڻجي ويئي. ڪهاڻي پڙهي مون امر جليل کي صالح بلاول اسٽريٽ حيدرآباد واري سرنامي تي هڪ سٽ جو خط لکيو. ”سنڌي ڪهاڻيءَ جي سوڀياوان ساهتڪار امر جليل کي سو سلام“ جليل سمجهيو ڪومل ڪنهن نفيس نازڪ جوانڙيءَ جو نالو آهي. هن بود ۾ ڀرجي مون کي هڪ رومانوي خط لکيو هن جي خط جي موٽ ۾ مون هن کي پنهنجي تصوير موڪلي ۽ هن خط و ڪتابت واريءَ تحرير جو رُخ ۽ رويو بدلائي ڇڏيو.ايئن اسان جي خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو ۽ روح جا رشتا جڙندا رهيا. امر هڪ خط ۾ لکيو”جنهن سان تمام گهڻو پيار ٿي وڃي ان سان ملڻ ڇڏي ڏجي ۽ مان هن ان جي قول جو احترام ڪندي پنجٽيهه سال هن سان نه مليس باوجود ان حقيقت جي ته ان وچ ۾ پنج ڀيرا پاڪستان اچي چڪو هوس ۽ اسلام آباد ۾ هن کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي رهيل هوس.سال اسيءَ جي سخت مارشلائي دور ۾ امر جليل مون کي اسلام آباد مان لاهور وٺڻ لاءِ نڪتو تي هن مٿان شهر جون حدون نه اورنگهڻ جي پابندي لڳائي ويئي. پنهنجيءَ پيڙا کي پنن ۾ پلٽيندي پنهنجي خط ۾ امر اسان جي نه ملي سگهڻ کي پنهنجي ڪوتاهي ،ڪمزوري ۽ ڪانئرتا سان منسوب ڪيو آهي.هن اعتراف ڪيو آهي ته هو بگهڙن کان ڊڄندو رهيو آهي.باوجود هن جي ان موقف جي ته:”شاهه لطيف سچل سرمست جا پوئلڳ ٻن قومن واري نظريي جهڙي جڙتو نظرين کي نه متاثر ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي ان ورتيءَ کي نه سمجهي سگهندا آهن ۽ نه محسوس ڪري سگهندا آهن اهو رڳو چيري ڦاڙي ڇڏيندا آهن.“ ان وچ ۾ وقت گهڻو اڳتي وڌي آيو انهن سالن ۾ سنڌوءَ جي پُل هيٺيان ڪيترو ئي پاڻي وهي چڪو هو يا سُڪي چڪو قنوطيت وارا مرحلا پار ڪري اسين نراس مان آس تائين آياسين ۽پنجٽيهن سالن بعد جڏهن اسين ملياسين ته ٻئي جوانيءَ جون منزلون پار ڪري پوڙهائپ جون سرحدون به پار ڪرڻ وارا هئاسين. سال 2003ع جي سياري ۾ جڏهن امر مون سان پهريون ڀيرو ڀاڪر پائي مليو ته منهنجي جسم جي هڏين مان ٽڙڪاٽ نڪري رهيا هئا ۽ منهنجو آواز ويهجي ويو هئو دستوري ريٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ به امر رٽائر نه ٿيو هئو هن جي صحت ۽ صحبت ٻئي سٺيون هيون ۽ منهنجي رڳو صحبت سٺي هئي پر صحت خراب ٿي چڪي هئي.مون کي ڇهه ڏاڪا چڙهندي به اُڀساهي وٺي ويندي آهي ۽امر ڇهه منزلون يڪساهيءَ چڙهي ويندو آهي. منهنجي اڳيان امر جليل جي ڪهاڻين جا پنج مجموعا جن ۾ هن جون پنجونجاهه ڪهاڻيون شامل آهن ۽”سنڌو منهنجي ساهه ۾“شامل چونڊستهتر مختصر ڪهاڻيون ۽ اخباري ڪالم شامل آهن.مون اهي سڀ ڪهاڻيون ۽ ڪالم ورائي ورائي پڙهيا آهن.هڪ هڪ ڪهاڻيءَ تي لکڻ لاءِ مون وٽ وقت ئي نه بچيو آهي جوانيءَ ۾ مون هندستان جي مشهور رسالي ”السٽريٽيڊ ويڪلي آف انديا“ لاءِ هن جي هڪ ڪهاڻي A house on Barnes streetانگريزيءَ ۾ ترجمو ڪئي هئي”آج کل“جي سنڌي ادبي نمبر لاءِ ”پرنده“سري سان هن جي ڪهاڻي ”پکي“ جواردوترجمو ڪيوهئو. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي اشاعتي اداري ساهتيه اڪادميءَ طرفان شايع ٿيل انگريزي ۽ اردو مجموعن ”پاڪستان ڪهانيان“۾ امر جليل جي ڪهاڻي ”تاريخ جو ڪفن“ کي بهترين ڪهاڻي ڪري مڃيو ويو ۽ ”ڪٿا“ اداري امر جي ڪهاڻيThe birdکي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ڪهاڻين جي بهترين ڪهاڻي ۾ شمار ڪيو ويو. مان سمجهان ٿو ته مرد پرستي جهڙي موضوع تي ”راهون جدا جدا“ جهڙي شاهڪار ڪهاڻي بر صغير جي ٻيءَ ڪنهن به ٻولي ۾ نه لکي ويئي آهي .مون کي افسوس رڳو اهو آهي جو مان امر جي امر جي هن ڏچي ۾ وجهندڙ ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ پڙهڻ کان محروم رهجي ويو آهيان.مان ها ڳالهه بنا ڪنهن رک رکاءُ جي چئي رهيو آهيان ته جنهن وقت سنڌي ڪهاڻي تيل جيان پاڻيءَجي سطح تي مٿان ئي مٿان تري رهي هئي ان وقت امر جليل ئي ان کي گهراين ۾ لاٿو جنهن وقت سنڌي ڪهاڻيءَ جا انڌا ڪردار پنهنجي ڪهاڻيڪار کي ئي اکيون ڏيکاري رهيا هئا.ان وقت امر جليل پنهنجن ڪردارن کي خوابن ۾ به نئون نور بخشيو. هن وقت اسين ٻئي ٻاهتر ۾ آهيون منهنجي زندگيءَ جوميوو ڇڻي هاڻي رڳو ٻور ئي ٻور وڃي رهيو آهي. .............۽ امر جليل اڃا ادب جي ان تناور وڻ جيان آهي جنهن ۾ ميوو پچي راس ٿيڻ کانپوءِ به ڇڻيو ناهي.