محمد خان مجيدي موجوده دور ۾ شاهه لطيف جي فڪر جي اهميت جنهن جي جيتري حيثيت هجي ان کي اوتري اهميت ملڻ گهرجي.هتي شاهه صاحب جي اهميت جو مسئلو آهي صرف زباني طرح کيس اهم چوڻ سان سندس اهميت نه وڌندي مگر هن باري ۾ عملي طرح ڪو پروگرام هلائڻو پوندو ۽ شاهه جي شخصيت ۽ شاعري تي تحقيقي مقالا لکي شاهه جي فڪر کي پوري دنيا ۾ پکڙڻو پوندو. هن ڳالهه کي هر ڪو مڃي ٿو ته شاهه دنيا جي صف اول جي شاعرن مان هڪ آهي.سندس شاعري دنيا جي اعليٰ ۽ معياري شاعري مان هڪ آهي ۽ شاهه جو رسالو دنيا جي ادبي ڪتابن ۾ لاٿاني شاهڪار جو درجو رکي ٿو. اسان جو شاهه ڪيڏو ڪيڏو شاعر آهي هيڏو هيڏو شاعر آهي چئجي تيڏو شاعر آهي ڌرتيءَ جيڏو شاعرآهي. اهڙي عظيم شاعر جي شهرت ۽ اهميت کي سنڌ جي حدن کان به ٻاهر ڪڍي نه سگهيا آهيون موجوده دور جي ضرورت آهي ته اسان شاهه جو ڪلام دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايون.ائين ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانه آهي اڄ نشر اشاعت جي هر ڪا سهولت آهي.شيڪسپيئر انگلينڊ مان نڪري ساري دنيا۾ پهچي سگهي ٿو.مگر شاهه سنڌ کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي .اسان جا سنڌي اديب جيتري قدر ٻين جي شاعرن جا ڪتاب دل سان پڙهندا آهن.اوتري قدر شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪونه ٿا ڪن.جيڪڏهن سنڌي ماڻهو به شاهه جي ڪلام کي خاص اهميت نه ڏيندا ته ٻين قومن جي ماڻهن۾ ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي.جيڪڏهن شاهه انگلينڊ ۾ پيدا ٿئي ها ۽ انگريزي زبان ۾ هن قسم جي شاعري ڪري ها ته يقينا شيڪسپيئر کان به سندس اهميت مٿي هجي ها. اسان شاهه جا ڏينهن ڏهاڙا ته ملهايون ٿا ساڻس عقيدت جو اظهار ته ڪريون ٿا کيس احترام جي نگاهه سان ته ڏسون ٿا سندس درگاهه تي حاضريون ته ڀريون ٿا کانئس دعائون ته گهرون ٿا جيئي لطيف جا نعرا ته هڻون ٿا پر لطيف ۽ لطيف جي ڪلام جي جيارڻ لاءِ اسان اڄ تائين ڇا ڪيو آهي لطيف رڳو قبي ۾ موجود ناهي لطيف ٿر جي ڀٽن ،ڪوهستان جي ماٿرين ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي به نظر ايندو.ٻڌايو ته اسان ڪڏهن ڪو شاهه جو بيت پڙهيو لکيو ياد ڪيو ۽ دوستن تائين پهچايو آهي.اسان ڪڏهن ڪو شاهه جو رسالو نياڻين کي ڏاج ۾ ڏنو آهي؟ قليچ ،سانگي ،گربخشاڻي ،شهواڻي ،ڏيپلائي ،علامه قاضي ،ڪليان آڏواڻي ۽ ٻين عالمن ته شاهه صاحب جو قرض چڪايو پر اسان هن باري ۾ ڇا ڪيو آهي؟ڇا لطيف اسان سڀني جو نه آهي؟اسان جي گهرن مان جان عالم ۽ چار درويش جا قصا ملي سگهندا پر شاهه جو رسالو ڪونه ملندو.اسان اڄ تائين شاهه متعلق جيڪي ڪتاب وفائي،سيد ،راشدي۽ ڏيري لکيا آهن سي نظر مان ڪڏيا آهن؟ شاهه جي اهميت هن ڪم ۾ آهي ته سڀ رسالا پڙهون اڻ ڇپيل ڪلام اڳيان رکي ڇنڊي ڇاڻي ڀيٽي شاهه جو مستند رسالو تيار ڪري ڇپائي ماڻهن تائين آندو وڃي.شاهه صاحب فرمايو آهي تو جو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين ته پوءِ انهيءَ چوڻ ۾ ڪو حرج نه ٿيندو ته شاهه جو رسالو سنڌي زبان ۾ قرآن ڪريم جي تعليم جو ترجمو آهي.جڏهن قرآن شريف ۾ زير زبر جو فرق به ٿي نه ٿو سگهي ته ضروري آهي ته شاهه جي رسالن ۾ جيڪو فرق آهي سو به مٽجڻ گهرجي. اڪثر اسان جا نوجوان جن وٽ ڪاليجي ڊگريون ته آهن پر شاهه جي ڪلام تي کين عبور نه آهي اهي ڪڏهن شاهه جي بيتن پڙهڻ ۾ غلطيون ڪندا آهن استادن جو فرض آهي ته سندن رهنمائي ڪن.شاهه جي ڪلام کي صحيح نموني ۾ پڙهڻ ئي شاهه جي اهميت آهي. اڃا ڪيسيتائين شاهه جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي رهندي اڃا ڪيسيتائين رڳوامداد سرائي جهڙا اديب شاهه جا اڻ ڇپيل بيت ڳوليندا رهندا؟ هي ٻئي ڪم گهڻو اڳ ۾ سر انجام ڪرڻ کپندا هئا هنن ڪمن سان شاهه جي اهميت جو تعلق آهي. سائين شاهه جي ڪلام سان وڏو ويڌن اهو آهي ڪيترن بيتن جو ته حليو به بدلايو ويو آهي.هٿ وٺي شاهه جي اهميت کي گهٽايو ويو آهي جڏهن اسان کي پنهنجي قومي وجود جي سڃاڻپ به نه آهي تڏهن شاهه جي سڃاڻپ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. شاهه جي ڪلام ۾ وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي ڀٽ شاهه اتي شاهه جا راڳائي موجود آهن.جيڪي شاهه جي ڪلام جا حافظ به آهن ته شاهه جو ڪلام صحيح نموني ۾ سمجهي ۽ پڙهي سگهن ٿا.شاهه صاحب جي فقيرن ۽ شاهه جي ڪلام جي عالمن جي هڪ ٻئي سان رابطي هئڻ ۾ وڏو فائدو ٿيندو.فقيرن ۽ عالمن جي وچ ۾ جيڪو لفظي ۽ معنوي فرق آهي سو به نڪري سگهندو.ها ڳالهه شاهه جي اهميت متعلق آهي. موجوده وقت ۾ سئو يا سوا سئورپين ۾ شاهه جو رسالو ملي ٿو جي غريب ماڻهو خريد ڪري نٿا سگهن بهتر ته ائين ٿيندو ته رسالي جي جدا جدا سُرن تي ننڍا ننڍا ڪتاب ڇپائڻ ۾ اچن ته هر ڪو غريب غربو به ڪتاب خريد ڪري سگهندو.لطيف کي سانوڻ فقير جي صف مان ڪڍي دنيا جي وڏن شاعرن جي وچ ۾ ويهارڻو آهي ۽ رسالي کي هر لئبريري هر اداري هر گهر ۽ هر ماڻهوءَ سان ملائڻو آهي. شاهه صاحب جي اهميت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهبو ته سنڌ ۾ هن وقت سوا ڪروڙ سنڌي ماڻهو آهن سال ۾ ٻه هزار شاهه جا رسالا به ڪونه تيار ٿيندا آهن ان حساب موجب هزار سنڌي ماڻهن مان ڪنهن هڪ وٽ شاهه جو رسالو هوندو.وري ٻي بي پرواهي ڏسو اڳي اسان قرآن شريف ريشمي رومالن ۾ ويڙهي ڇڪي تي رکي ڇڏيو هاڻي شاهه جي رسالي سان به ساڳيو سلوڪ روا رکيو ويو آهي.شاهه جو رسالو ته اسان جي پنهنجي مادري زبان ۾ آهي ان جي پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ ته خاص دلچسپي وٺڻ گهرجي.۽ شاهه صاحب جو پيغام ساري دنيا تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هيڏي ساري افراتفري آهي ماڻهن کي نه روحاني خوشي آهي نه ذهني سڪون آهي ۽ نه دلي تسڪين آهي.اسان جو آرام ڦٽل آهي اها سزا اسان کي انهيءَ ڪري ملي رهي آهي جو اسان ڌارين نظرين کي پنهنجو بڻائي رهيا آهيون.اسان ڌارين کي ترڪ ڪري شاهه صاحب جي تعليم تي عمل ڪنداسون ته اسان وٽ امن امان بحال ٿي ويندو. ڇا ڪارل مارڪس ،لينن ،ٽالسٽاءِ،مائوزي تنگ جو نظريو شاهه جي نظريي کان بهتر آهي؟نه هرگز نه اُت ڌاريا نظريا ڪونه هلن جت نظريو شاهه ڀٽائيءَ جو اُت زهر جا چورا ڪين چلن جت آهي ملڪ مٺائي جو شاهه پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏات ،مشاهدي ۽ عشق جي بدولت جيڪو قيمتي خزانو ڏنو آهي ان جي قدرداني ڪرڻ اسان تي واجب آهي نه ته شاهه جا مياري ٿينداسون. شاهه صاحب گهڻو ڪري پنهنجي شاعري زمان حال يعني اچ تي ڪئي آهي .شاهه سدا حيات شاعر آهي سندس ڪردار به سدا حيات آهن شاهه پنهنجي شاعري ۾ جيئرو جاڳندو ۽ هلندو چلندو نظر اچي ٿو جيئن ته اڄ اڍنگا ويڻ ،مون کي مُڪا جيڏيئن ... اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا ... اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين .... اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا شاهه محبت جو مهراڻ آهي سندس پيار ۽ محبت ڀانئڻ ۽ جتائڻ جو انداز ڪهڙو نه دلڪش دل نواز آهي. اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه ٿئي. ڪاش اڄ به جي اسين سندس اها سڪ ساهه ۾ سانڍي سگهون ٿا ته هوند هيئن بتال نه ٿيون ها شاهه جڏهن ماڻهن لاءِ ڪا مشڪل گهڙي ڏسي ته تڏهن دل سوزي سان دعائون گهري ٿو کوها ڪالهه کڻي ان واڌ اتر اُسري الله جهري مَ ان جي اولي جي اڻي وڻجارن وڻي،وکر وڌو ٻيڙيئن يادڪرڻ گهرجي ٿه شاهه لطيف دعائن وارو مرشدن کان مٿانهون آهي هيٺين بيتن مان شاهه جي وطن پرستي جو اندازو لڳائي سگهبو. واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه بت منهنجو بند ۾ قيد مَ ڪري چاهه ٿڌي وسائين ٿرن جي مٿي مٽي مٿاهه جي پويون ٿئي پساهه ته نجاهه مڙهه ملير ڏي ....... سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين ...... سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسرن حيف تنين هوءِ ، وطن جن وساريو انهن چند مثالن مان پوري ريت پروڙي سگهبو ته شاهه جي اهميت اڄ به اهڙي آهي جيئن جياپي لاءِ آڪسيجن يا روشني لاءِ سج ۽ اها اهميت آخر تائين ساڳي ريت ۽ ساڳي حالت ۾ قائم رهڻي آهي. شاهه لطيف عوامي ،قومي.انقلابي ۽ صوفي شاعر آهي.سندس شاعري مان خدا به ملي ٿو ۽ دنيا به ملي ٿي شاهه جو عوام آهن مارو ماڻهو.شاهه هيڻن ۽ جهيڻن ،مظلومن ۽ مجبورن جو شاعر آهي.سندس۾ سڀني مظلوم طبقن ۾ عورت وڌيڪ مظلوم آهي شاهه هڪ عظيم استاد،قومي ڪمانڊر،سرهيال ۽ سونهين جي حيثيت سان مصيبتن ۾ مبتلا ٿيل مظلوم ماڻهن جي ڪهڙي ريت رهنامئي ڪري ٿو ان جو اظهار اڳتي ٿيندو مارئي،مومل،سهڻي ،سسئي ،سورٺ ۽ نوري سان گڏ آهي.مشڪلات ۾ انهن کي ڏس ڏئي ٿو.سندس سهارو بڻجي ۽ کين منزل ڀيڙو ڪري ٿو.شاهه پنهنجي رسالي ۾ گهڻي جاءِ مظلوم عورتن کي ڏني آهي ان کانسواءِ هرمصيبت زده جو مددگار رهيو آهي. سهڻي درياهه جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي خيالن ۾ غرق آهي ته درياءَ ۾ گهڙي يا نه گهڙان ،اتي شاهه جيڪو موجود آهي هڪل ڪري چويس ٿو ته: گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿيئي مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين درياءَ۾ گهڙڻ کانپوءِ سهڻي ڏسي ٿي ته ڀيلو ڀري رهيو آهي هاڻي تار ترڻ مشڪل ٿيندو اتي شاهه صاحب کيس دلداري ڏي ٿوته: پاڻ مَ کڻج پاڻ سين ،ري وسيلي وچ ڀيلو ڀيري ڀڃ اُڪنڊ کڻ عميق ۾ سهڻي کي اڃا وڌيڪ سهاري ڏيڻ جي لاءِ کيس چوي ٿو : پڇن جي ميهار کي پڇي سي ميهار ترهو تئين کي بار،عشق جنين کي آڪرو گهڙي ڀڃڻ کانپوءِ سهڻي جي اميد وڌائڻ لاءِ شاهه صاحب سهڻي کي چوي ٿو ته: گهڙو ڀڳو ته گهوريو آسرو مَ لاهيج لاتقنطو من رحمت الله ترهي آن تريج ته حبيباني هيج ، پسين منهن ميهار جو شاهه صاحب سسئي کي به اڪيلو نٿو ڇڏي سندس ساٿي بڻجي سندس رهبري ڪري ٿو چوي ٿو ته ويٺي ور نه پون ستي ملن نه سپرين جي مٿي رند رڙن سڄڻ ملي تن کي اڳتي هلي هن ريت فرمائي ٿو ته: مر نه موچاري ٿئين ويهي جيءُ مَ جو منڌ مرڻا پوءِ ، پهچندئين پنهون کي کيس واٽ جي پار پتا ڏي ٿو ۽ وڃڻ جي به تاڪيد ڪري ٿو. ڪيچان اوري ڪٿهين وڻ نه ويساهين ڪميني ڪيچين لاءِ پورج وراهين تاڻج تيڏاهين وارج ڪام ورڻ جي آخر هنن لفظن سان سندس يقين کي پختو ڪري ٿو ٿيندي ريجهه رهاڻ،لحظي منجهه لطيف چئي ثمر جنهين نه ساڻ ، هوت حمايتي تن جو ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ مارئي کي به مانائتو دلاسو ڏئي ٿو ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾ لوئي هڏ مَ لاءِ ستي سيل نباهه ، ملير ويندئين مارئي وري ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:. ستي تنهن جي ست ۾ ڳالهه گهرجي ڳچ وڍيو چيريو ،چچريو پر ۾ اُڀي پڇ ساڻ امانت آڇ ته ٿئين سماني ساڻيهه ۾ وري جنگ جي ميدان ۾ سورهه سپاهي کي چوي ٿو ته: سورهه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين