دوستو مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پاڪستان ۾ موت جي سزا کي ختم ڪري عمر قيد ۾بدلايو ويو آهي دوستو توهان جي نظر ۾ اهو حڪم صحيح آهي يا نه ڇا اهو حڪم اسلام جي مطابق آهي يا نه ۽ انهي جو حل ڇا آهي ننڍڙي جي راهنما ئي ضرور ڪندا مهربانيsindhsalamatsaathsal
جواب: ڦا هي يا عمر قيد فقير سائين ! هاڻي فورم تي لڳي ٿو توهان کي ڪا خاص لفٽ ڪون آهي جو توهان جي تحريرن جو جواب ڏسڻ ۾ ڪون پيو اچي ، اسان وانگر چڪر ئي ڏيندا ڪيو HaqMojood
جواب: ڦا هي يا عمر قيد ادا درويش، اها ڳالهه ناهي جيئن اوهان سمجهيو آهي ۔۔۔ مون ان تحرير جو جواب ڏيڻ ٿي چاهيو پر جيئن ته سوال ئي يقيني ناهي ۔۔۔ جيئن؛ دوست! رايا ڏيون ان ڳالهه تي جيڪا ڳالهه ٻڌل آهي ۽ ڪنهن ثبوت ۽ حوالي کان بنهه آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته پاڪستان ۾ ڪهڙا قانون ۽ ڪيترا قانون آهن جن تي اسين بحث ڪنداسون ۔۔۔ ڪو هڪڙو قانون هجي جو اسلامي تعليم جو مخالف هجي۔۔۔ ڪو هڪڙو قانون هجي جو قومن جو استحصال نه ڪندو هجي ۔۔۔ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته؛ ”کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي “ ان جيئان پاڪستان جا مڙئي قانون ۔۔۔ سائين محترم عبدالواحد آريسر چواڻي غريب لئه ڦاهي جا ڦندا ۽ سگهارن لئه ڪوريئڙي جا ڄار آهن ۔۔۔ غريب ۽ مسڪين ته ڦاسي پون ٿا ۔۔۔ امير ۽ سگهارا ماڻهون انکي ٽوڙي هليا ٿا وڃن ۔۔۔ دوست جي آءُ غلط هجان ته ٻڌائيندا ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اوهان پاڻ ئي ڪا درويشاڻي راءِ ڏيو ها ته ممڪن اسانکي به ڪو دڳ ملي ها ۔۔۔ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal