مريم مجيدي اتم اصولن جا وکر وهائيندڙ شاهه ڀٽائي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ڌرتي جو سرواڻ شاعر ليکيو وڃي ٿو هو قديم ڪلاسيڪل ادب کان اڄ جي جديد اتهاس تائين ديس ڌڻين جو سچو سونهون ثابت ٿيندو رهيو آهي.سندن ڪلام بابت هيءُ بيت ساک ڀري ٿو وکي سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي ويچيندي ولات ۾ ذرو ٿئي نه ضاءِ سا ڪا هڙ هلاءِ اڳهه اُبهين جنهن جي ڀار ڀريون صديون گذري وڃڻ جي باوجود سندن شاعر فڪر ،فن،مقصد ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان رهبريءَ جو پيعام بڻيل آهي.هن ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جو ايڏو ڀرپور ۽ سگهارو اظهار سموهيل آهي جنهن کي ويندڙ وقت پنهنجي وٿين ۾ ويڙهي ۽ وراڪي ناهي سگهيو ادب جي هن کيتر ۾ شروعاتي دور کان هيل تائين سوين چنڊ سهائو ڪري ويا ڪيترن تارن جي جهرمر لڳي پئي آهي تنهن هوندي شاهه سائين جي ڪمال تائين ڪنهن جي پڄت ناهي ٿي سگهي. سهسين سڄڻ اڀري چوراسي چندن يا الله ري پرين ،سڀ اونداهي ڀانيان. اها حقيقت آهي ته انساني حيات جي اُتم اصولن ،احسان ۽ حقن جا وکر وهائيندڙ هي ويڄ ۽ سنڌي انگن پاسن ۽ قدرن کي سچائي ۽ ساڇاهه واري ڏاهپ سان سرجيندڙ هي گهڻ ڄاڻ ڏاهو ڏات ڌڻي پنهنجي دور جي حقيقت نگاري جا جيڪي جيترا عڪس چٽي ويو آهي.اهي اڄ سوڌواعليٰ انساني امنگن ۽ آدرشن جا امين بنجڻ سان گڏ مسلسل جدوجهد ۽ جٽادار جاڳرتا جا ترجمان رهندا اچن ارسطوءَ جي قول موجب ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ٿئي ٿي ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي.“ ائين هن وينجهار انساني فطرت ۽ ڪائنات جي وارتائن جي اصل حقيقتن جي روح جي صورتگري ڪري سنڌي ٻوليءَ توڙي تهزيب کي سدا لاءِ عالمگيريت ،آفاقيت ۽ ابديت جي اُتاهين ماڳ تي رسائي ڇڏيو آهي.ان ڏس ۾ جديد سنڌي شاعري جي مڙني محرڪن ۽ تاڃي پيٽي جو محور به لاکيڻي لطيف کي ڪوٺي سگهجي ٿو وڏو تخليقڪار هجي يا نئين پيڙهي جو ڪو نئون لکندڙ پوءِ اهو ڇند ودي ۾ لکندو هجي يا علم عروض جي واٽ وٺي سڀني تي ڀٽائيءَ جو اثر نروار نظر ايندو.ٻوليءَ ،هيئت،فن،فڪر ،اسلوب،اصول کان ويندي اصطلاحن ،تشبيهن ۽ استعارن تائين سندن سجاڳي جو سبق ۽ رهبري جو عمل جاري رهندو اچي ۽ قيام تائين رهڻو آهي.ان جي شاهدي شيخ اياز هنن اکرن ۾ ڏئي ٿو،”مان فقط ڀٽائي سائين سان پنهنجو تسلسل ملائي رهيو آهيان.“ساڳي ريت محمد خان مجيدي پنهنجي انقلابي فڪر ۾ شاهه سائين کي پنهنجو رهنما ٿو سڏي. مطلب ته ”شاهه جو رسالو“انسان دوستي ،قوم پرستي۽ مقصد ڪارڻ مسلسل جهاد جو پيغام ڏئي ٿو.انهيءَاتساهه جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا شاهوڪاري ملي آهي.ادب ۾ جتي جياپو مليو آهي اتي وري تهذيب ،قوميت،ثقافت ۽ روايتن جا سڀئي اهڃاڻ ۽ علامتون ڌاريپ جي اثر کي مات ڏيئي نوان رخ وٺي اتهاس ۾ پنهنجي حقيقي جاءِ ماڻڻ جي سگهه ساري سگهيون آهن.ڀٽائيءَ جو عسق ۽ انقلاب وارو فڪر هميشه اسان جي ميراث رهيو آهي مڙني انساني حياتي جي حقن ،مامرن ۽ خوابن جي مستقبل پورائيءَ لاءِ پڻ اڻ ملهه اثاثو ۽ منزل تي رسڻ جو سربستو رستو ثابت ٿيندو اچي اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري مقابلي جي تيز ڊوڙ ۾ اڳڀرو رهڻ لاءِ شاهه سائين جو فڪر ااڳواٽ تياري جا ڏس ڏيندو نظر اچي پيو.زماني جي ترقي ۽ تبديلي سان منهن مقابل ٿيڻ وقت وسيلو ٿي ويهڻ.غفلت ڪرڻ وٽن انساني شعور جو انحراف ليکجي ٿو.پاڻپڻي جي وڏ وساري من ماري ۽ اندر سچي اڪير رکي منزل جون واٽون ووڙڻ ئي ماڻهوءَ جواصل مَرڪ آهي.جڏهن ته تتي ٿڌي ڪاهه واري فلسفي تيعمل ڪرڻ سان ترقي ۽ واڌاري جي وهڪري ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيداڪري سگهجي ٿوهو چوي ٿو ته: پاڻ م رکج پاڻ سين ،وسيلا وسار لڙلنگهائي سهڻي،پريت وجهندءِ پار ڀيڙ ڀيڙي ٻڌ ،سورائتي سندرو....... ڀٽائي سائين سدائين سورهيائي سان جيئڻ جو ساهس ڏئي ٿو زندگيءَ جي مهم جوئي ۾ ”هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“واري جذبي سان مهاڏو اٽڪائڻ وٽن سچي سوڀ آهي هو محنت ،همت ۽ پورهئي جي عظمت جهڙنڳڻن ذريعي هاڻوڪي دور جي بک بيروزگاري ۽ بدحالي مان نجات جو گس ڏسيندي نظر اچي ٿو سندن سکيا آهي ته”پاڻ ارپڻ ۽ پاڻ پارڻ وارو احساس سدا ماڻهپي جي معارج ۽ مهانتا ڏئي ٿو.“سندن چوڻ موجب سلطاني سهاڳ جي ساڃاهه ۽ انساني آزاديءَ کي مڃتاننڊن ڪندي نٿي ملي.هاڻوڪي دور ۾ هر مظلوم ،مجبور ۽ محڪوم جي جاڳرتا لاءِ سندن سجاڳيءَ جو سڏ هينئر تائين ورجائجي پيو جاڳو جاڙيجا سما سک م سمهو! ڏيهه کي اڄوڪي دور ۾ بيوسي ،بي اختياري ۽بي انصافي جي ڀاوتائن واري ويو منڊل مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ ديس واسين کي ترقي جي عظمت ڏيارڻ شاهه سائين جي سڪ ۽ سڄڻ جي سار جو انقلابي سبق ٿو سيکاري پنهنجي ۽ پنوهارن سان پريت نڀائڻ جو ڏانءُڏسي ٿو.ايڪي ايثار،محبت،محنت،همت من جي جاڳرتا ۽ سچائي جهڙن مثالي اصولن ۽ اتم انساني اخلاقن کي اجارڻ ۽ انهن تي هلڻ تي همٿائي ٿو. هو پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ حالتن جي تبديلي لاءِ جدوجهد ڪرڻ حياتي جوايمان ۽ عزم ٿو ليکي هو هاڻ معياري علم کي لازمي ۽ مقصديت واري تعليم کي روشني ٿو ڀانئي جنهن جي وسيلي انسان کي انسان بنائڻ وارو رتبو حاصل ٿي سگهي طبقاتي فرق کي ميساري ٿو. پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾ اندر تون اجار ، پنا پڙهندين ڪيترا باقي سائنسي دور ۾ ٺلهو سائنسي علم پڙهڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته سڀني اخلاقي قدرن ،سوچن ۽ لوچن کان وانجهيل معاشرو پاڻ مرادو ڪنهن مشين وانگر متحرڪ ٿي ترقي ماڻيندو البته سائنس کي هٿي ڏيڻ لاءِ لاکيڻي لطيف جي سڀني انساني اورچائي ۽ سورهيائي جهڙن سگهارن جذبن حيلن ۽ وسيلن جي هر حال ۾ گهرج رهي ٿي.ڇو ته ادب زندگيءَجو جمال به آهي ته ڪمال به.ان سان ممڪن ٿئي ٿو انڪري ڀٽائي جي بيتن کي ايندڙ هر دور لاءِرهبري سمجهي اهميت ڏيئي ذهنن ۽ دلين ۾ پرکڻ جي ضرورت آهي. ڏٺو وڃي ته زماني جي ترقي واري اٿل پٿل سنڌ جي ڳوٺن مان ڪچهري ڪلچر جو خاتمو به آڻي ڇڏيو آهي شاهه جي ڪلام کي آيتون سمجهي دل۾ سانڍڻ ۽ جھرجھنگ تائين وسائڻ وارا نورجهان منگي ۽ امداد سرائيءَجڪهڙا سوين پارکو ۽ پرچارڪ هڪ هڪ ٿي موڪلائيندا وڃن.هاڻ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ جي سموري ذميداري اڄ جي اڪابرن،ادبي ادارن ،ساڃاهه وندن سماجي تنظيمن ۽ سهڪاري ڌرين تي ٿئي ٿو.ان سلسلي ۾ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ،تحقيقي ۽ تشريح ڪرائڻ ۽ پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين ڪورس ۾ گهربل مقام ڏيارڻ جهڙا اهم ڪم سندن هٿ وس آهن.سڀ کان موثر ۽ ڪارائتو ميدان اليڪٽرانڪ ميڊيا جو آهي.اتي لاکيڻي جو گهڻو حصو پتي هئڻ گهرجي.مختلف پروگرام رٿيا وڃن.موسيقيءَ کان ويندي سندن بيتن کي صحيح لکڻ ۽ پڙهڻ سان روزانو سنڌي چئنلن تي پيش ڪيو وڃي ته جيئن هن عظيم رهبر جي پيغام کي ايندڙ ٽهي جي هر فرد هر شهر توڙي وستي واهڻ ۽ بين الاقوامي سطح تائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ۾عام ڪرڻ لاءِجاري رکي پنهنجو فرض نڀائي سگجهي شاهه سائين جي هن بيت پٽاندڙ ڦريا پسي ڦيڻ کرن کير نه چکيو اهوانتهائي ضروري ٿو ٿئي ته سندن شاعريءَ کي پوري معنيٰ مفهوم ۽ مقصد سان ماڻهن تائين پهچائڻ وارو ڪردار عبادت سمجهي اداڪيو وڃي.