Zero byte storiesٻڙي اکر ڪهاڻِيون نوٽ: ٻڙي اکر ڪهاڻيون، ڪهاڻي جو جديد نمونو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي جو عنوان ئي مڪمل ڪهاڻي تصور ڪيو ويندو آهي۔ باٿ روم جي ڀت ۾ 128 سوراخ آهن. .........ڀاءُ تي بندوق نه تاڻيندم! .............. پنندڙ ٻار کي خيرات نه کپي! .............ڪراچيءَ جهڙي ڇوڪري. ............ڪمري جو وساميل ڏيئو، منهنجي قبر تي نه ٻارجو! .............نوڪرين جا ريٽ فڪس آهن. ................گانڌيءَ جي پٽ کي پستول. ................ڌيءَ! گهر جي ڇوڪرن سان به راند نه کيڏجان! ............ سڀ شاعر پاڳل ناهن هوندا. .................ڪم ڳولڻ جو ئي ڪم ڪر ڀلا!.................گهڙيال ابتو ناهي هلندو!...............پنهنجو آهين، ڇانوَ ۾ اڇل!................تمغو ڀاڄوڪڙ کي ئي ملندو!..............بس، مونکي موڪل کپي!!!...........سوري! پين ۾ مس ناهي...........امان! مان ٻيلي ۾ نه پرهندس!...........منهنجو شاگرد، منهنجو استاد............مولف جي نظر ۾ مورخ ڪوڙا آهن................پٽ! اجرڪ ميرو نه ڪجانءِ...............ڀٽائيءَ کي سچل جي ڳولا.................پراڻو ڪوٽ ۽ نئون انٽرويو ...............
ڪو به سچيت ذهن ان فارميٽ کي ڪهاڻي تصور نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه وري ڪهاڻي جو اهڙي نوع م ڪو فارميٽ هجي ٿو. ڀل ڪهاڻي ۾ جدت پسندي جي نئين جهت ڪاهي پئي هجي پر ڪهاڻي ڪٿي به جيڪا سرجي ٿي، سا هڪ سٽي يا شهه سرخي تي ٻڌل نه ٿي ملي لڀي. ڪهاڻي ۾ ڪيڏا به تجربا ڪيا وڃن يا ٿيا به هجن پر هن نوع جو تجربو تجسس ڀريو نظر نه آيو. ڪهاڻي جو بنياد استعجاب تجسس سان سلهاڙيل هجي ٿو، اتي ٻن کان ٽن لفظن يا هڪ جملي کي اسان ڪهاڻي ۾ شمار نه ٿا ڪري سگهون هنن سٽن کي نثر جي ذمري ۾ آڻي سگهجي ٿو پر وري به انهن مٿان نظماڻو نثر جو ئي تاثر نظر اچڻ سبب ان کي ڪهاڻي ڪوٺي نه ٿو سگهجي. عباس تجريو ڪيو اهي پر منهنجي خيال ۾ سندس اهو تجريو ڪهاڻي کي بگاڙي ٿو
مسيح آ اوهان جي ان را جي حمايت ڪريان ٿو.......... پر ڪهاڻي جي جدت اهڙا تجربا ڪرڻ جي اجازت ڏيئي پئي. اسان وٽ پهاڪا به ان ئي فارميٽ جون ڪهاڻيون آهن. ڀل ڪجهه پهاڪا پنهنجي ذهن ۾ دهرائي ڏسو