هڪ ڏينهن سهڪندو اچي، منهنجي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ڪري پيو، گوڏ جي پلئه سان پگهر اگهي چيائين: ” پبلشر جي ياري ڪم آئي، هر روز ٻه بوتلون، چار چانهيون ۽ اٺ پان کارائيندو ۽ پياريندو آهيانس، هاڻي چوي ٿو ته ڪاڻيون آڻي ڏي ته ڪتاب ڇپرايانئه. هاڻي مان به وڏو ڪاڻيڪار ٿي ويندس.......... ۽ توڏي آيو آهيان ته تون مهاڳ لکي ڏي، تنهنجي ڪاٽن جي ڊريس ۽ وسڪيءَ جي بوتل ٿي مونتي، هي مسودو وٺ.“، ڪمن ”ڪشٽ“ گوڏ ٻڌل پوتڙي جي ورَ مان مسودو ڪڍي مون ڏي وڌايو. تنهن ڪري مان پنهنجي هڪ اکيي مشڪي دوست ڪمن ڪشٽ جي اڌوگابري لکيل ڪاڻين کي توهان آڏو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس، خدا ڪري توهان کي آلجبرا جيان سمجهه ۾ اچن. ان کان اڳ ڪجهه وضاحتون ته ڪمن ڪشٽ پاڻ کي ”ڪاڻيڪار“ سڏرائيندو آهي، ڇو جو هن کي ٽي بي آهي ۽ هو ”ڪ“ ۽ ”هه“ جو گڏيل اچار اچارڻ سان کنگهه ۾ ٻٽجي ويندو آهي، ان لاءِ تڪليف کان بچڻ خاطر ڪهاڻي کي ڪاڻي ۽ ڪهاڻيڪار کي ڪاڻيڪار اچاريندو آهي.ڪمن جو تخلص ”ڪشٽ“ آهي، ڇو جو ننڍپڻ کان وٺي ڪشٽ ڪندي ڪندي جيڪي بي عزتيءَ جا ڏک هن کي سهڻا پيا سي هن جي ڪاڻين کي اڌوگابري ڪرڻ ۾ ملوث آهن ڇو جو هو جڏهن به ڪاڻيون لکڻ ويهندو آهي ته اها ”ڪشٽ جي سار“ هن ڪاڻين جا ٻه ٽي جملا چٻاڙي ويندي آهي ۽ نتيجا ڪنهن ڀت تي چاڪنگ ٿيل نعرا ۽ هڪ ٻئي مٿان لکيل اشتهار ته سمجهه ۾ اچن ٿا پر ڪمن جي ڪاڻي نه. ڪمن هن صديءَ جو ”وڏو“ ڪاڻيڪار آهي، سندس ڪاڻيون سمجهه کان ٻاهر آهن. ڪمن ڪشٽ جي هن مجموعي جو نالو ” هڪ بينڊيو“ آهي، جنهن ۾ ڪل ڏهه ڪاڻيون آهن. اسان واري واري سان هڪ هڪ ڪاڻيءَ تي پاڻي هاري پنو صاف ڪندا وينداسين.. ۽ نانيءَ جا ڏند ڪري پيا: مجموعي جي پهرين ڪاڻي آهي. هن ڪاڻِيءَ ۾ ليکڪ پنهنجي نانيءَ کي ڪوسو ڀت کارائي سندس ڏند ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو جو سندس ٿلهي ناني هن جي حصي جون ٻوٽيون به کائي وڃي ٿي. ليکڪ پنهنجي نانيءَ کي ڪوسو ڀت کارائي، پنهنجي منهن کلي ٿو پر هن کي حيرت تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن هن جي ناني پاڻ ئي پنهنجا نقلي ڏند ٻاهر ڪڍيا ۽ وري پائي ڇڏيا. ڌوٻيءَ جو ڪتو:هن ڪاڻيءَ ۾ ڪمن تشبيهه، استعاري، تجريد ۽ محاڪات جون سڀ حدون اورانگهي ويو آهي، هن ڌوٻيءَ جي ڪتي واري زندگيءَ جو ذاتي مشاهدو ۽ تجربو تحرير ڪيو آهي. بڪواس: هي ڪاڻي ”ڪشٽ جي سار“ ۾ لکيل ڀائنجي ٿي، اڌوگابري انداز ۾ ليکڪ اهڙي ته اڌ اکري لکي آهي، جو جنهن کي سمجهه ۾ اچي ته مون کي به اچي سمجهائي کيس نقلي پنج سئو جو نوٽ انعام ۾ ڏيندس. ڊانڀر جهڙو مان: ڪاڻيڪار ڪمن ڪشٽ (K.K.K)سئو سيڪڙو سچي ڪاڻي لکي آهي، هن ڪاڻيءَ ۾ هو پنهنجي چيري بلاسم لڳل مهانڊي جي تشبيهه ڊانڀر (ڏامر) سان ڏني آهي. هڪ ڏينهن جڏهن هو اٽو مکي ٻاهر نڪري ٿو ته ماڻهو کيس بليڪن وائيٽ سڏين ٿا ته هن کي زماني تي خارون اچن ٿيون. کلين ٿو يا نه!؟: هن ڪاڻيءَ ۾ ليکڪ پنهنجي دوست سان شرط رکي ٿو ته هو جانب پنساريءَ کي کلائيندو. شرط اڌ ڪلو ڏوڏا رکي وئي. اتفاق سان ان ڏينهن جانب پنساريءَ جي ماءُ مري وئي هئي ۽ اهو تڏي تي ئي ويٺل هو، ليکڪ جانب جي ڀرسان ويهي ڪن ۾ چويس ٿو، ” ٿورو کل ته!“ جانب ڪاوڙ ۾ ڏسيس ٿو ته هو ڪتڪايون ڏيڻ لڳيس ٿو، پر جانب بلڪل به نٿو کلي ته ڪاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار جانب کي بغل ۾ چڪ پائيس ٿو ته هو وات کولي ڏند ٻاهر ڪڍي ٿو، ماڻهو سمجهن ٿا ته جانب ماءُ جي غم ۾ روئي پيو پر پويان هي همراهه چويس ٿو، ” کلين ٿو يا نه!؟“ علم ۽ فلم: هن ڪاڻيءَ ۾ ”ڪشٽ“ جيڪي علم جي ميدان ۾ اڪ ڪارا ڪيا، اهي ساريندي لکي ٿو.......” هڪ ڏينهن عربيءَ جي استاد مون کان پڇيو ته ڪمن، هي جملو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيکار. ” استاد کائي ٿو.“ سو مان چيو مانس ته سائين ڪا ڳالهه ناهي، ان جو ترجمو ٿيندو، ” المعلم يم يم يم......“ ته عربيءَ جي استاد هڪ عدد تازو ڀونڊو مون ڏي اڇلائيندو چيو ته سڀ ڀڳا ٿا اچو انگريزي پڙهڻ، مدرسي وڃڻ کان ٻرو ٿو چڙهيوَ.“ اڳتي پنهنجي بيمثال دليلن سان ليکڪ واضع ڪري ٿو ته فلم علم کان بهتر آهي ڇو جو اتي ڪو به ماستر ناهي هوندو. مڱڻهار ۽ کٽاڻ: ڪمن هن ڪاڻيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي شاديءَ جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪيو آهي، گهٻرايو نه اها هن جي پيءُ جي ٻي شادي هئي. هي همراهه به کٽاڻ کائڻ جو شوقين، سو ويٺو شرناءِ واري جي اڳيان کٽاڻ کائڻ، پوءِ ته شرناءِ جا سُرَ ئي متجي ويا ۽ ان مان پاڻيءَ جا ڦوهارا پئي نڪتا ۽ دهل واري جو به وات پاڻي پاڻي پئي ٿيو. نڪ بنا: هن ڪاڻيءَ ۾ ڪمن پنهنجي لنڌائپ واري عادت ظاهر ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته...... ان ڏينهن منهنجو نڪ ٿي ويو هو، پاڙي مان هڳاءُ پئي آيو، سمجهيم ته پڪ ڪڪڙ رڌيو هوندن، سو ٿانوُ کڻي ويس ٻوڙ وٺڻ. ٿانوُ بغل ۾ لڪل هو..... اتفاق سان پاڙيسري گهٽيءَ ۾ ئي ملي ويو، پڪائي ڪندي کانئس پڇيم، ” اڄ توهان جي گهر مان عجيب و غريب خوشبو پئي اچي.“ چوندي چوندي وات به پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو. ” ......ها ادا ! اڄ گٽر جي صفائي ڪرائي هيم، ان ڪري اگربتيون ٻاريون آهن.“ ڊينڊڙي محبوبه: هن ڪاڻيءَ جو هيرو ڍولڻ آهي ۽ هيروئن ڊينڊڙي. ٻنهي جو عشق ڇت تي لغڙ اڏاريندي شروع ٿئي ٿو. هڪ ڏينهن ڊينڊڙيءَ جو ڀاءُ اچي وڃي ٿو، ڊينڊڙي ته ڪبوترن جي کڏ ۾ لڪي وڃي ٿي پر ويچارو ڍولڻ............ هڪ بينڊيو: هي ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري آهي. هن ۾ ڪمن ”ڪشٽ“ پنهنجي هڪ اک واري ڪاڻي گڏهه کي فوڪس ڪيو آهي، ڪاڻيڪار پنهنجي گڏهه لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ جو عزم رکي ٿو پر هڪ ڏينهن هن جو گڏهه هن کي چڪ پائي ٿو، ڇو جو ان ڏينهن ڪاڻيڪار کان گاههڏيڻ وسري ويو هو. ڪمن کي به ڪاوڙ اچي ٿي ۽ پنهنجي هڪ بينڊيي (One Eyed)گڏهه کي لٺيون هڻي ٿو پر اوچتو گڏهه به اِٽَ هڻي ڪاڻيڪار کي به هڪ بينڊيو بڻائي ڇڏيو. ڪاڻيڪار ڪمن ڪشٽ جي هن مجموعي جون ڪاڻيون پڙهي خبر پوي ٿي ته هو اڌڙوٽ هوندي به هن صديءَ جو نوجوان ليکڪ آهي، ههڙا ليکڪ صدين ۾ صدورين مائن وٽ ڄمندا آهن، هو ڄمندي ئي ڄام آهي ۽ ڪاڻيون لکڻ جو فن ته ڪو هن وٽان سکي. اميد ته منهنجو لکيل هي مهاڳ ليکڪ کي پسند ايندو، ڇو جو ان بدلي هو مونکي ڪاٽن جي ڊريس ۽ وسڪيءَ جي بوتل وٺي ڏيندو. منهنجي پڙهندڙن مان ڀرپور اميد آهي ته جيڪڏهن ڪاڻيڪار ڪمن ڪشٽ اوهان کي ههڙيون بي سريون ۽ بي تاليون ڪاڻيون ٻيهر پڙهڻ لاءَ ڏي ته تيلي ئي هڪ ڏجوس.