• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 12 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 12 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

12 آگسٽ 1912ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر گوبندرام هر دلعزيز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1926ع شاعر، اديب ۽ صحافي ٽهلرام جيسومل آزاد (ٽنڊو محمد خان / آگره) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1936ع گلوڪار فدا حيدري (ڪرمپور) جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1942ع شاعر شاهنواز شاد دايو جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1943ع شاعر غلام رسول سوز سمون (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1949ع صحافي اشوڪ واڌياڻي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1954ع ليکڪ عاجز شورو جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1956ع شاعر عابد نياز ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1960ع سماجي ورڪر علي احمد جوکيو (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1966ع شاعر انعام ٽکڙائي جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1970ع ليکڪ ستار چنا جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1971ع شاعر ناصر شاهه ناصر جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1972ع صحافي عباس سارنگ (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
12 آگسٽ 1975ع ليکڪا رخسانا پيرزادو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

12 آگسٽ 1622ع مذهبي اسڪالر شيخ عيسى سنڌي برهانپوري جي وفات ٿي.
12 آگسٽ 1892ع شاعر ڇتو فقير سانگي جو انتقال ٿيو.
12 آگسٽ 1989ع بلوچ سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو جي وفات ٿي.
12 آگسٽ 2009ع ڪوٽڙي سان تعلق رکندڙ شاعر اسير ملاح جي وفات ٿي.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top