ريڊيم کي پهريون ڀيرو ڪينسر جي بيماريءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو سمنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني شئي لُوڻ آهي . ڳاڙهي رنگ جو ڪاغذ سائي رنگ جي بلب جي روشنيءَ ۾ ڪارو نظر ايندو آهي. زلزلن ۽ ڌماڪن ذريعي آواز جون جيڪي لهرون زمين ۾ سفر ڪن ٿيون تن کي سيسمڪ لهرون (Seismic Waves) چيو ويندو آهي. اليڪٽرڪ سيل ڪيميائي توانائي کي اليڪٽرڪ توانائي ۾ بدلائي ٿو. جڏهن هڪ پُرجوش اليڪٽران واپس پنهنجي اصل مدار ۾ هليو وڃي ته روشني بند ٿي ويندي. مائيڪرو اسڪوپ ۾ آرسيءَ طور ايلومينيم ڌاتو استعمال ٿئي ٿو. ايلومينيم سان ريڊار کي بي اثر ڪري سگھجي ٿو . ڪلورين گئس هوا کان اڍائي ڀيرا وڌيڪ ڳري آهي. بليچنگ پاؤڊر جو ڪيميائي نالو ”ڪيلشيم آڪسي ڪلورائيڊ“ آهي . چانديءَ جي ڌاتوءَ جو ٽُڪر جيڪڏهن وات ۾ وجھي چوسجي ته اُڃ جو احساس ختم ٿي ويندو آهي.