ٻه لک اسي هزار مڇرن جي مجموعي وزن هڪ هزار پائونڊ ٿيندو آهي. اڏوهي جڏهن ڪاٺ کي کائيندي آهي ته بدهضمي جو شڪار ٿي مري ويندي آهي. ” ڪنگ ڪريپ“ نالي جانور کي ٽي اکيون ٿينديون آهن . ” قيراط “ هڪ وڻ جي ٻج جو نالو آهي. مارڪوني سائنسدان جي اک موٽرسائيڪل حادثي ۾ ضايع ٿي هئي . هاٿي هر روز 18 ڪلاڪ کاڌي کائڻ تي وڃائيندو آهي. چنڊ تي سڀ کان پهريان اقوام متحده جو جھنڊو لڳايو ويو. راڪيٽ سڀ کان پهريان چين ۾ استعمال ڪيا ويا. سرجري جي شروعات مصر جي ماڻهن شروع ڪئي . گُلاب جو عطر هارون الرشيد جي ملڪه زبيده دريافت ڪيو هو. ٽماٽي کي ” لوايپل “ به سڏيو ويندو آهي . ڪڇون مرڻ تائين وڏو ٿيندو رهندو آهي . سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن 22 جون ۽ ننڍو ڏينهن 22 ڊسمبر ٿيندو آهي . هماليه سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى ” برف جو گھر “ آهي . ميزائيل لاطيني ٻولي جو لفظ آهي . تُرڪي جو شهر ” استنبول “ ٻن کنڊن ( ايشيا ۽ يورپ ) ۾ آهي . دنيا جو مصروف ترين ايئرپورٽ ” شڪاگو انٽرنيشنل ايئرپورٽ “ آمريڪا ۾ آهي . سڪندر اعظم 14 سالن جي عمر ۾ ارسطو جو شاگر ٿيو . جرمنيءَ جي حڪومت مشهور سائنسدان ” آئن اسٽائن “ جي پوري ملڪيت ضبط ڪري ان کي سڀني اعزازن کان محروم ڪري ڇڏيو .
ٿي سًگهي ٿو ! چوري جو رواج عام ٿي ويو آهي ۽ پوليس به ڇا ٿي ڪري سًگهي !!!؟؟؟ پهرين چوري ته ڌاڙيل يا لُوسي ماڻهو ڪندا هئا پر هاڻ اسان جي سنڌي اديبن ۾ به چور پيدا ٿي ويا آهن ۔۔۔۔ ڇا ڪجي !!!؟ (مون به ته اها چوري ڪئي هئي سنڌ ورلڊ رسالي تان ) پر مون پوليس اڳيان اعتراف به ڪيو هو جيڪو مٿي تحريرن ۾ آهي ۔
دوستو۔۔معلومات پنهنجي طرفان دل مان گهڙي ڪو نه ٺاهبي آهي۔۔ظاهر آ، اُها ڪنهن نه ڪنهن ذريعي سان هڪ کان ٻئي تائين پهچائبي آهي۔ انڪري اهڙي ونڊ کي چوري ۾ شمار ناهي ڪيو ويندو۔ ها اگر ڪنهن جي تحرير کي لفظ به لفظ نقل ڪيو وڃي ۽ ان جو حوالو به نه ڏنو وڃي ته اها ادبي خيانت سمجهڻ گهرجي۔ جيڪا اخلاقي طور غلط آهي۔ اگر ڪنهن هڪ مخصوص موضوع تي ٿوري ٿوري ڄاڻ مختلف ڪتابن، نيٽ، اخبارن يا رسالن مان گڏ ڪري هڪ جا تي ونڊ ڪئي وڃي ته ان محنت کي تحقيق چئبو آهي ، ۽ اهو عمل چوري يا خيانت ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي۔