پرويز ننڍپڻ کان وٺي ٽپُ نڀاڳو ۽ بدقسمت ھُيو، جڏھن به مُلاقات ٿيندي ھُيس سدائين سور پٽيندو ھُيو روئندو ھُيو، سدائين من ۾ خدڪشي جا خيال ھُوندا ھُيس، دوست به ڪوڙا آسرا ڏيندي مذاق مستي ڪندي ھن ويچاري جي دل خوش ڪندا ھُئا، دوست به ڀلا ھن دور ۾ ڇا ٿا ڪري سگھن ھُو پاڻ ويچارا اڌ چانھ ۾ مھانگا سو دوستن جو به ڪو ڏوھ نه ھُيو۔پرويز جو تعلق سنڌ جي ننڍي ڳوٺ ۽ غريب خاندان سان ھو، ھن جو والد صاحب سرڪاري نوڪري ڪندو آھي، سرڪاري مُلازمن جي پوري به ڪٿي ٿيندي آھي، پگھار گھٽ خرچ وڏا سي به ويچارا سدائين سورن پريشانين ۾ تڪليفن ۾ پيا وقت گذاريندا آھن، پرويز ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ھُيو ان ڪري ھن مٿان ذميواريون به ھُيون ۽ وڏي ھُئڻ ڪري ھن جو اھو به فرض ھُيو ته ھي پنھنجي والد صاحب جو ھٿ ونڊائي۔پرويز پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ ميٽر انٽر ڀر واري شھر مان ڪئي وڌيڪ پڙھي نه سگھيو اُھو ان ڪري ته مالي وسائل ھن جي والد وٽ ايترا نه ھُئا جو پرويز کي وڌيڪ پڙھائي سگھي، پرويز شھر ۾ اچ وڃ ۽ شھر جي ماڻھن جيان سفيد پوش رھڻ جو عادي ٿي ويو ھُيو، ان ھوندي به ھن ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي ھر مزدوري زمين جو ڪم ڪري پنھنجي جيب خرچي ۽ والد صاحب جو ھٿ ونڊائيندو رھيو۔نيٺ پرويز کي خيال آيو ته ڪنھن وڏي شھر جو رُخ ڪري ڪجھ وڏو ڪمايان (گھڻو ڪمايان) جيئن گھر وارن جي ۽ پنھنجي زندگي ڪجھ سھي گذري، وڏي شھر تائين پھچڻ جو پرويز وٽ ڪرايو به جيب ۾ نه ھُيو، خير ڪرايو ھن کي والد ايندڙ پھرين تي ڏيڻ جو چيو ۽ پھرين به ڪجھ ڏينھن ۾ اچي وئي، پرويز کي ڪرايو مليو ۽ پرويز سنڌ جي وڏي شھر جو رُخ ڪيو جنھن شھر کي مختلف نالن سان سڃاتو ۽ سڏيو ويندو آھي، جنھن شھر تي واڳن جو قبضو ۽ سنڌين جو ڪوبه حق واسطو نه ھُئڻ جي برابر آھي، جتي دنيا جو ھر ماڻھو رھي ٿو اُتي اچي پرويز به پھتو ڪنھن دوست جي مارفت ۽ ھن اُتي رھڻ شروع ڪندي مزدوري جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو۔ھن نڀاڳو ٻار ننڍي ھوندي کان سنڌ پرست رھيو ھن کي ڳالھ مزو نه ٿي ڏنو ته ھن جي شھر تي ڌارين جو قبضو آ ۽ ھي لاچار آ ھن جي مالڪي پنھنجا به ڪون ٿا ڪن۔پرويز جيڪا روز مزدوري ڪري ٿي آيو سا ته وڃي پيو پاڻ ئي کائي، وڏي شھرن جا وڏا خرچ ڪرائي تي گھر وٺي رھڻ کان وٺي کائڻ پيئڻ لٽو ڪپڙو تيل صابڻ ھن جي خرچن چيلھ ئي ڀڄي ڇڏي، موٽڻ جو سوچيان پوئتي به ڪا واھ نظر نه ٿي آيس مجبور ٿي ڪري اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳڻ ڪجھ پيسا بچائي گھر به موڪلڻ لڳو پر اڃان به پرويز جو وڏي شھر ۾ رھي وڏي ٿيڻ جو خواب مڪمل نه ٿيو آھي، نڀاڳو جوان اڃان به خواب پوري ڪرڻ ۾ رُڌل آھي انھي اُميد تي ته نيٺ ھن جو وڏي ٿيڻ وارو خواب پورو ضرور ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!نوٽ: اسان جي نوجوانن کي ھمٿ ھارڻ نه گھرجي، جستجو جوان ٿي جاري رکو نيٺ ھڪ ڏينھن ڪاميابي اوھان جو قدم چُمندي۔