وڄن وار ڇوڙيا تـ وسڪار ڪئين ھئا

سانوڻ خاصخيلي

سينيئر رڪن
ڀلا ڏس ڀٽن تي بھاريون ڏٺئـي ڪي
مٿن تي مھاڻين جي کاريون ڏٺئي ڪي
ھندورن ۾ لڏندي ڪماريون ڏٺئي ڪي
عجيبن جو اکڙيون خماريون ڏٺئي ڪي
ھنڌن تي وڇايل ڀنڀا وار ڪئين ھئا
وڄن وار ڇوڙيا تـ وسڪار ڪئين ھئا

(تاجل بيوس)
 
Back
Top