ابن بطوطه سنڌ ۾ به ڪافي ڏينهن رهيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهرحال اهو ابن بطوطه جو باقي دنيا جو سير هو. هن جو خشڪي ۽ سمنڊ ذريعي سنڌ وٽان لنگهه ٿيو. ان وقت انجڻين وارا طاقتور جهاز نه هئا جيڪي سمنڊ جو وچ ڏئي هلن ٿا. ڪپڙي جي سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا جهاز هئا جن coasting ڪئي ٿي يعني ڪنارو ڏئي هليا ٿي. جهاز تي ٿڌا ڪمرا Refrigerated stores ۽ سمنڊ جي کاري پاڻي مان مٺو ٺاهڻ جا F.W. evaporator پلانٽ به نه هئا. جهازين کي ٿوري ڳالهه تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سهوليتن وارا بندرگاهه (ستڙ) ڳولي ترسڻو پيو ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو لاهوري بندر (ٺٽي ڀرسان) اڄ جي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان وڌيڪ اهم هو ۽ نه فقط جهاز لاهري بندرگاهه تائين آيا ٿي پر کارو لتاڙي مٺي ۾ ويا ٿي- يعني سمنڊ لتاڙي سنڌو ندي ۾ گھڙيا ٿي ۽ ملتان تائين هليا ويا ٿي. جهاز ننڍا هئا سنڌو ندي ۾ پاڻي جام هو يعني هي درياهه جهازين لاءِ Navigable هو جيئن دنيا جون اڄ ڪيتريون ئي نديون آهن جن ۾ جهاز اندر تائين هليا وڃن ٿا جهڙوڪ ٿائلينڊ جو بندرگاهه بئنڪاڪ درياهه ۾ ڪافي اندر آهي. جيئن روهڙي سکر عربي سمنڊ کان اهڙي طرح آمريڪا USA جي مشهور شهر نيواورلينس لاءِ اسان کي جهاز مسي سپي ندي ۾ سئو ميل کن اندر وٺي وڃڻو پوي ٿو. سو ان زماني ۾ سنڌ جو نه فقط سامونڊي بندرگاهه لاهري بندر مشهور هو پر اندريان دريائي بندرگاهه سيوهڻ، ٻڍاپور، ڊڀرو، هالا پراڻا روهڙي وغيره سلون ۽ ملايا کان عرب دنيا تائين مشهور هئا. انهن ڏينهن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو به ڪافي حصو سنڌ ۾ آيو ٿي ۽ ساڳي وقت سنڌ ۾ ايندڙ مختلف ديسن کان جهازن انهن ملڪن جي خبر چار آندي ٿي. انهن ڏينهن ۾ جاوا (انڊونيشيا جو ٻيٽ) مرچ مسالن ۽ لؤنگ ڦوٽن کان مشهور هو ۽ سلون (سري لنڪا) جنهن کي فقط لنڪا به چوندا هئا هيرن جواهرن ۽ لعل ربين کان مشهور هو ۽ هر هڪ، جنهن سکيو ستابو ٿيڻ چاهيو ٿي، جاوا ۽ لنڪا وڃڻ جي تمنا رکي ٿي جيئن اڄ جا ماڻهو دبئي، ڪويت، سعودي عرب ۽ آمريڪا وڃڻ جي تمنا رکن ٿا.

    ان جي عڪاسي شاهه لطيف به ڪئي آهي:

    لنڪا لنڪا، لئي لنڪا او هيريا-

    سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين-

    ۽ جاوا (انڊونيشيا جي ٻيٽ) لاءِ به اسان وٽ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن چي: ”جيڪي ويا جاوا سي سدائين ڍاوا، سدائين ساوا...“ وغيره. سو اهو ٿي نٿو سگهي ته ڪو عربي سمنڊ مان لنگهي يا سلون (سري لنڪا) ۽ عرب ملڪن ۾ وڃي ۽ سنڌ جي بندرگاهن جي ناموس بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين جن جو احوال پڻ هن پنهنجي سفرنامي ۾ قلمبند ڪيو آهي.ابن بطوطه جو هي سفرنامو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي پر اصل ڪتاب عربي ۾ لکيل آهي جنهن جو نالو (تحفته النظر في غرائب البصار “ آهي. ابن بطوطه پهرين محرم 1333ع ۾ سنڌو درياهه کان لنگھيو. ٻن ڏينهن جي پنڌ کانپوءِ هو جناني شهر ۾ پهتو. (جنهن شهر جناني جو ابن بطوطه پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي اهو اڄ وارو جنهاڻ سومرو آهي جيڪو هاڻ ضلعي ٺٽي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ واقع آهي.) هن شهر بابت لکي ٿو ته:

    ”هي وڏو ۽ خوبصورت شهر درياهه جي ڪناري تي آهي. هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي قديم زماني کان هتي رهندڙ آهن. تاريخدان لکن ٿا ته حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ جڏهن سنڌ فتح ٿي، ته هن قسم جا ماڻهو هن شهر ۾ رهندا هئا. شيخ بهاوالدين ذڪريا قريشي ملتاني جي پوٽي شيخ رڪن دين مونکي ٻڌايو هو ته سندس وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم جي ان لشڪر ۾ هو جيڪو حجاج، عراق مان موڪليو ويو هو، پوءِ هو هن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ سندس اولاد وڌيو ويجھيو. هي شيخ رڪن الدين اهو آهي جنهن بابت شيخ برهان الدين مونکي شهر اسڪندريه ۾ چيو هو ته ان سان ملجانءِ.

    ابن بطوطه، سومرن جي رهڻي ڪهڻي بابت به لکيو آهي. بهرحال جناني کان هلي هو سيوهڻ پهتو، سيوهڻ بابت لکي ٿو:

    هي هڪ وڏو شهر آهي ۽ ريگستان ۾ واقعي آهي. هتي کانسواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ وڻ نظر نه آيو. نهر جي ڪناري تي گدرن کانسواءِ ٻي پوک نه ٿي ٿئي. هن شهر ۾ مڇي تمام گهڻي آهي ۽ هت ماهيو کير به جھجھو آهي. هتي جا ماڻهو اسقنقور (سانڊي جو قسم، گلوئي) به کائيندا آهن. هي جانور پيرن تي هلي ٿو ۽ ڳوهه جي شڪل جهڙو ٿئي ٿو. پر ان کي پڇ ڪو نه ٿئي. هتي جا ماڻهو هن کي واري مان کوٽي ڪڍندا آهن ۽ ان جو پيٽ چيري، گندگي صاف ڪري، زعفران بدران هئڊ ڀري، پچائي کائيندا آهن.“

    ابن بطوطه سيوهن جي گرمي بابت لکي ٿو ته:

    ”اسان هن شهر ۾ پهتاسون ته سخت گرمي هئي. منهنجا ساٿي هر وقت لڱين اگھاڙا هوندا هئا. هو هڪ وڏو رومال پاڻي مان پسائي مٿي تي رکندا هئا ته ٻيو رومال آلو ڪري ڪلهن تي رکندا هئا. رومال سڪي ويندا هئا ته وري آلا ڪندا هئا.“

    ابن بطوطه سيوهڻ ۾ شهر جي خطيب شيباني سان مليو. جنهن کيس حضرت عمر بن عبدالعزيز جو پروانو ڏيکاريو جيڪو سندس پيڙهي جي وڏي ڏاڏي کي خطيب مقرر ڪرڻ وقت ڏنو هو. ان تي سن 99 هجري لکيل هو. ان کانسواءِ هو شيخ محمد بغدادي سان پڻ مليو جيڪو حضرت قلندر شهباز جي درگاهه جي هڪ ڪوٺي ۾ رهندو هو. هن کيس پنهنجي عمر 140 کان مٿي ٻڌائي. هن جو چوڻ هو ته هو ان وقت بغداد ۾ موجود هو، جڏهن هلاڪو خان، خليف معتصم باالله کي قتل ڪيو هو. سندس اچڻ کان اڳ ۾ ونار (انڙ- سمون) ۽ قيصر، مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪري، سيوهڻ ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي هئي. اهو ٻڌي ملتان جو گورنر عماد الملڪ سيوهڻ تي ڪاهي آيو هو. قيصر به مقابلو ڪيو پر پوءِ جڏهن پڄي نه سگهيو ته قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. آخر ٻنهي ۾ في الحال ٺاهه ٿيو پر پوءِ سرتيز عماد الملڪ ساڻس دغا ڪئي.

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو