ڇوڪرو ۽ صوف جو وڻ۔۔۔

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    گهڻو وقت اڳ هڪ صوف جو وڻ هوندو هو۔۔۔ جنهن کي هڪ ننڍو ڇوڪرو ڏاڍو پسند ڪندو هو۔۔۔۔ ڇوڪرو روزانو ايندو هو ۽ اتي کيڏڻ کانسواءِ وڻ تي چڙهي صوف پٽي کائيندو هو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هو هيٺ لهي وڻ کي ٽيڪ ڏئي آرام ڪندو هو۔۔۔ ڇوڪرو وڻ کي چاهيندو هو ۽ وڻ ڏاڍو خوش ٿيندو هو۔۔۔
    وقت گذرندو رهيو ۽ ڇوڪرو جوان ٿيڻ لڳو ۔۔۔۔ پرائمري اسڪول مان پاس ٿي ڇوڪرو هاءِ اسڪول ۾ پهتو۔۔۔ جنهن ڪري سندس اسڪول جا ڪم وڌڻ لڳا ۽ هن وڻ ڏانهن وڃڻ بند ڪري ڇڏيو۔۔۔ آخر ڪافي عرصي گذرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ڇوڪرو (جيڪو هاڻي جوان ٿي چڪو هو) وڻ ڏانهن ويو۔۔۔
    وڻ کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين۔۔۔ ”اچ منهنجا دوست اچ ۽ مون سان کيڏ۔۔۔“
    ڇوڪر کيس جواب ڏنو۔۔۔۔ ”نه۔۔۔ هاڻي مان ٻار نه رهيو آهيان ۔۔۔ مان هاڻي وڻ سان نه ٿو کيڏي سگهان ۔۔ مون کي پيسا کپن جن جا رانديڪا وٺي مان پاڻ جهڙن ڇوڪرن سان کيڏي سگهان۔۔۔“
    وڻ جواب ڏنو۔۔۔”دوست مون وٽ پيسا ته ناهن ۔۔۔۔ پر تون منهنجا سمورا صوف پٽي کپاء ٿي سگهي ٿو ڪجهه رقم ملي وڃئي۔۔۔“
    ڇوڪرو خوش ٿيو ۽ وڻ جا سمورا صوف پٽي روانو ٿيو۔۔۔ ڇو ته ڇوڪرو خوش هو ان ڪري وڻ به خوش ٿيو۔۔۔
    پر ڪافي عرصو گذري ويو ڇوڪرو ٻيهر نه آيو۔۔۔ ان ڪري صوفن جو وڻ وري اٻاڻڪو ٿي ويو۔۔۔
    آخر ڪافي عرصي کان پوءِ ڇوڪرو جيڪو هاڻي هڪ مرد ٿي چڪو هو۔۔۔ هڪ دفعو وري وڻ ڏانهن آيو۔۔۔ وڻ کيس ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين۔۔۔۔”اچ منهنجا دوست اچ ۽ مون سان کيڏ۔۔۔۔“
    همراه وراڻيو۔۔۔ ”مون وٽ کيڏڻ جو وقت ناهي۔۔۔ مونکي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي۔۔۔۔ مونکي پنهنجي ڪٽنب لاءِ ڇپر کپي ۔۔۔۔ ڇا تون منهنجي ڪا مدد ڪندي۔۔۔؟“
    وڻ جواب ڏنو۔۔۔۔”دوست مون وٽ گهر ته ناهي ۔۔۔۔ پر تون منهجيون مضبوط ٽاريون ڪٽي وڃ ٿي سگهي ته تنهنجي گهر ٺهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن۔۔۔“
    همراه وڻ جون ٽاريون ڪٽيون ۽ خوشي سان واپس موٽيو۔۔۔ وڻ کيس خوش ڏسي پاڻ به خوش ٿيو۔۔۔
    وقت گذرندو رهيو پر اهو همراه ٻيهر نه آيو۔۔۔ وڻ هڪ دفعو ٻيهر اٻاڻڪو ٿي ويو۔۔۔
    انهاري جي هڪ گرم ڏينهن همراه وري وڻ ڏانهن آيو۔۔۔ وڻ کيس ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين۔۔۔۔”اچ منهنجا دوست اچ ۽ مون سان کيڏ۔۔۔۔“
    همراه وراڻيو ۔۔۔ ”مان هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان۔۔۔ ۽ زندگي جا ڏينهن گذاري ٿڪجي پيو آهيان۔۔۔ مان ڪنهن آرام ده جڳهه تي وڃي آرام ڪرڻ چاهيان ٿو۔۔۔ ڇا تون مون سامهون واري ندي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي ڏيندي۔۔۔۔؟“
    وڻ جواب ڏنو۔۔۔۔”دوست مون وٽ ٻيڙي ته ناهي ۔۔۔۔ پر تون منهنجو مضبوط ٿُڙ ڪٽي وڃ ٿي سگهي ته ٻيڙي ٺهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي۔۔۔“
    همراه وڻ جو ٿڙ ڪٽيو ۽ روانو ٿيو۔۔۔ ۽ وقت گذرندو رهيو پر همراه واپس نه وريو۔۔۔۔
    آخرڪار ڪافي سالن کان پوءِ همراه واپس آيو۔۔۔ کيس ڏسي وڻ چيو۔۔۔۔ ”معاف ڪجان دوست ۔۔۔ هاڻي مون کي توکي ڏيڻ لاءِ صوف نه آهن۔۔۔“
    همراه وراڻيو۔۔۔ ”ڪا ڳالهه نه آهي۔۔۔ مون کي صوف کائڻ لاءِ ڏند نه آهن۔۔۔“
    وڻ چيو۔۔۔ ”مون وٽ ڪو ٿُڙ به نه آهي جو تون مون تي چڙهي سگهين۔۔۔“
    همراه وراڻيو۔۔۔ ”هاڻي مان تمام پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۔۔۔۔ ان ڪري چڙهي نه سگهندس۔۔۔“
    وڻ چيو۔۔۔ ”پر دوست هن وقت سواءِ پاڙن جي مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه آهي۔۔۔“
    همراه وراڻيو۔۔۔ ”مون کي ڪجهه نه کپي ۔۔۔۔ مان پنهنجي زندگي جا سال گذاري ٿڪجي پيو آهيان ۔۔۔ هاڻي مون کي دائمي آرام کپي۔۔۔“
    وڻ چيو۔۔۔”ته پوءِ اچ ۽ مون سان گڏ ويهه۔۔۔ هن پوڙهي وڻ جون پاڙون ئي تنهنجي لاءِ بهترين آرام گاهه آهن۔۔۔“
    همراه ويهي رهيو ۽ وڻ پنهنجي مسڪرائيندڙ ڳوڙهن سان خوش ٿيو۔۔۔

    سبق: هر ماڻهون کي سندن زندگي ۾ هڪ صوف جو وڻ هوندو آهي ۔۔۔ ۽ اهو وڻ اسان جي والدين مثل آهي۔۔
    جڏهن اسان ننڍا هوندا آهيون ته سندن سان ئي کيڏندا آهيون۔۔۔ پر وڏا ٿيڻ کان پوءِ تڏهن سندن وٽ ويندا آهيون جڏهن ڪنهن شي جي ضرورت هجي يا مشڪل ۾ هجون۔۔۔۽ اهي والدين ئي آهن جيڪي هر وقت اسان کي خوش ڏسڻ ۽ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ حاضر هوندا آهن۔۔۔
    توهان سوچيندا هوندا ته ڇوڪري وڻ سان سٺو نه ڪيو ۔۔۔ پر اسان پنهنجي زندگي ۾ ان وڻ وانگر والدين سان سلوڪ ڪندا آهيون۔۔۔ پر وقت اڃان به ويو نه آهي۔۔۔ توهان اهو نه سوچيو ته توهان ڪيترا مصروف آهيو۔۔۔؟۔۔۔ پنهنجي مصروفيتن مان ڪجهه وقت پنهنجي والدين سان ونڊيو۔۔۔ ان کان اڳ جو اهو وقت به نه رهي۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇوڪرو ۽ صوف جو وڻ۔۔۔

    بلڪل درست فرمايو آهي ادا سائين؛ انتهائي سبق آموز ڪهاڻي آهي ۔۔۔ اسانجا والدين ئي اسانجي لئه اسانجا رهنما به آهن ته اسانجي ڇوٽڪاري جي راه به ۔۔۔ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي جيئري ئي قدر ۽ خدمت ڪري جنت جو رستو صاف ڪرڻ گهرجي ۔۔۔
     
  3. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇوڪرو ۽ صوف جو وڻ۔۔۔



    الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه
    محترم مڪرم سائين رشيد صاحب جڙيا هجو شال ۔
    سائين توهان جي تحرير ته تمام سهڻي ۽ سٺي ۽ مَانَ ۽ شان واري نصيحت آهي ۔ ڀاءُ توهانجون لک لک مهربانيون ۔ مان رب العالمين کان دعا ٿو گهران ته اسان سڀنين جي اولادن کي جيئن مڪه مڪرم ۾ رهندڙ محترم سائين نثار ابڙو صاحب جن جوابي تحرير ونڊ ڪئي آهي آمين ۔
    الله سائين اسان سڀني کي سلامت رکي
    الله نگھبان
    توهان جودعاڳو
    مڪو پاڪ کـان
    علي منير لوهار پاٽائي

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇوڪرو ۽ صوف جو وڻ۔۔۔

    بيشڪ سائين توهان سچ چئي رهيا آهيو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو