باغي عليم
سينيئر رڪن
دل کان جيڪو ڌار ئي ڪونهي
تنهن سان ڪاوڙ ڪار ئي ڪونهي
ڪنهن تي ڪنهن تي مرهم مکيندين
پيڙائن جو پار ئي ڪونهي
ڪير سفر ۾ آٿت ڏيندئي
ساڻ ڪا هاڻي سار ئي ڪونهي
لُٽجي ويندين سمجهان پيو پر
دل تي ڪو اختيار ئي ڪونهي
ڏُک انهيء ۾ ٻير لڏي وئي
ڳوٺ ۾ ننڍڙا ٻار ئي ڪونهي
درد ڇپايون جنهن ۾ پنهنجا
اهڙي ته اخبار ئي ڪونهي
مون ۾ آکيرو ڪيئن اڏين ٿي
مون ۾ ڪوئي ٽار ئي ڪونهي
تنهن سان ڪاوڙ ڪار ئي ڪونهي
ڪنهن تي ڪنهن تي مرهم مکيندين
پيڙائن جو پار ئي ڪونهي
ڪير سفر ۾ آٿت ڏيندئي
ساڻ ڪا هاڻي سار ئي ڪونهي
لُٽجي ويندين سمجهان پيو پر
دل تي ڪو اختيار ئي ڪونهي
ڏُک انهيء ۾ ٻير لڏي وئي
ڳوٺ ۾ ننڍڙا ٻار ئي ڪونهي
درد ڇپايون جنهن ۾ پنهنجا
اهڙي ته اخبار ئي ڪونهي
مون ۾ آکيرو ڪيئن اڏين ٿي
مون ۾ ڪوئي ٽار ئي ڪونهي