• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منھنجي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
قبله سائين علي بخش شاھ ناز لطيفي پنھنجي روايت کي برقرار رکندي ھن دفعي به عيد الفطر جي تئين ڏينھن مورخه 11-08-2013 تي قصر ناز ڀٽ شاھ ۾ ھڪ طرحي مشاعري جو اهتمام ڪيو، ان مشاعري جي طرح ھئي

ھو ھلي آيو عنايت ٿي وئي. صاحب طرح شبير حاطف صاحب جن ھيا.

مشاعري جي ڪمپيئرنگ محترم سھيل ابڙو صاحب جن پنھنجي خوبصورت آواز ۽ انداز ۾ ڪرڻ فرمائي، شبير حاطف صاحب جن جي صدارت ۾ ٿيندڙ ھن مشاعري ۾ جن شعراءِ ڪرام شرڪت فرمائي انھن ۾ جناب امداد حسيني صاحب، شبير حاطف صاحب، محترم پير بھاءِالدين بھا صاحب، محترم ناز لطيفي صاحب، قبله سائين غلام رضا شاھ صاحب، سوز ھالائي صاحب، سائين خميسو خان خانوٺي صاحب، سھيل ابڙو صاحب، ولي محمد دانش، فتح شاھ فراق،تراب علي تراب، الھورايو مشتاق ڀٽو صاحب، سائين صدا راھو، ان کان علاوه مون ناچيز سميت سنڌ جي ٻين شعراءِ ڪرام ان مشاعري ۾ شرڪت ڪئي.
ان مشاعري ۾ مون ناچيز کي شرڪت ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي.
منھنجو طرحي غزل اوھان جي حضور ۾ عرض رکان ٿو





غزل

گڏ گڏارڻ جي، جو عادت ٿي وئي، ان ڪري فرقت قيامت ٿي وئي.
دور ويٺل دوست کي ڪھڙي خبر، ڪھڙي ديواني جي حالت ٿي وئي.
صرف ھڪ مونتي آ بندش بزم ۾ ۽ رقيبن لاءِ اجازت ٿي وئي.
روز چشمن مان پيا چشما وھن، درد جي ايڏي آ شدت ٿي وئي۔
سک جو لمحو ٿو لڳي مونکي عجيب، منھنجي سورن ساڻ سنگت ٿي وئي.
حسن جي حملي ھڻي گھائي وڌو، منھنجي دل مقبوضه رياست ٿي وئي.
زلف رخسارن کي جيئن ٿي ڇيو، تيز ھن دل جي حرارت ٿي وئي.
عيد تي ڪيڏو ڪيو مون انتظار، تون نه آئين ڄڻ قيامت ٿي وئي.
طرح: منھنجي پاڙي ۾ صحيح، مجروح اڄ، ھو ھلي آيو عنايت ٿي وئي.
 
عيد تي ڪيڏو ڪيو مون انتظار، تون نه آئين ڄڻ قيامت ٿي وئي.

بهترين ۔۔۔۔ اوهان جي شاعري وڻي۔
 
Back
Top