هندوجا-دنيا جا کرب پتي سنڌي! .

'مختلف موضوع' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    شوڪت حسين شورو

    جمع 29 آڪٽوبر 2010ع

    شڪارپور جا هندو صدين کان وٺي واپار ۾ ڀڙ هئا. سندن ڪاروبار دنيا جي ڏورانهن ملڪن ۾ پکڙيل هو. واپار ۾ پئسي ڏوڪڙ جي ڏيتي ليتي جي لاءِ هنن ”هُنڊي“ وسيلي هڪ نئين بئنڪنگ سسٽم جو بنياد وڌو، جنهن ترقي ڪري دنيا ۾ موجوده بئنڪنگ سسٽم جي صورت ورتي. سنڌ جي ان شاندار شهر ۾ 1901ع ڌاري پرمانند ديپچند هندوجا جنم ورتو. واپاري ڏانءُ هن جي سُتيءَ ۾ پيل هو. هن ننڍپڻ ۾ ئي ڄاڻي ورتو هو ته واپار ۾ موقعي جي تلاش جاري رکجي ۽ اهو جتي ملي، ان کي هٿ ڪجي. پرمانند 14 ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور مان امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڌنڌو شروع ڪيو. هو سنڌ مان ڪپڙو، هندستاني مصالحا ۽ چانهه ايران موڪليندو هو، ۽ ايران مان غاليچا، سڪو ميوو، زعفران (ڪيسر) گهرائيندو هو. ايران سان پرمانند جو واپار ايترو وڌي ويو، جو هن پهرئين ممبئي ۾ ڪوٺي ٺاهي اتان واپار هلايو، پوءِ نيٺ 1919ع ۾ هن ايران ۾ مستقل ٺڪاڻو قائم ڪيو. ايران مان هن جو واپار دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن سان هلڻ لڳو. اڳتي هلي پرمانند جي رسائي ايران جي شاهه رضا شاهه پهلوي تائين ٿي وئي ۽ هو ايران جو اهم ماڻهو ليکجڻ لڳو. ڪاروبار جو اهو سفر جيڪو شڪارپور مان شروع ٿيو هو، سو هاڻي انٽرنيشنل ٿي ويو.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان لڏي آيل هندو انڊيا ۾ اڃا دربدري وارين حالتن ۾ هئا ۽ سندن ٻارن جي تعليم جو ڪو جوڳو بندوبست ڪو نه هو. تڏهن پرمانند هندوجا کي خيال آيو ته ڪنهن به ڪميونٽي جي جياپي ۽ ترقي جي لاءِ صحت ۽ تعليم بنيادي ڳالهيون آهن. هن 1951ع ۾ هندوجا نيشنل اسپتال ٺهرائي، جيڪا هن وقت ممبئي جي هڪ بهترين ماڊرن اسپتال ليکي وڃي ٿي. پرمانند سنڌي نوجوانن جي تعليم جي لاءِ هندوجا ڪاليج آف ڪامرس ٺهرايو. هندوجا ڪاليج ممبئي جي ڪامرس ڪاليجن ۾ چوٿون نمبر وڏو ڪاليج آهي، جتي بي ڪام ۽ ايم ڪام کانسواءِ ماس ميڊيا، مئنيجمينٽ ۽ آءِ ٽي جا ڊگري ڪورس پڙهايا وڃن ٿا.
    پرمانند هندوجا 1971ع ۾ گذاريو ويو، کيس چار پٽ هئا: سريچند (جنم: 1935ع)، گوپيچند (جنم: 1940ع)، پرڪاش ۽ اشوڪ. پرمانند جنهن هندوجا گروپ جو پايو وڌو هو، ان جو هاڻي چيئرمين سريچند هندوجا بنيو. 1979ع ۾ جڏهن خمينيءَ ايران ۾ انقلاب آندو ته هندوجا ايران مان لڏي انگلينڊ هليا ويا. سريچند جي اڳواڻي ۾ هندوجا گروپ جو بزنيس چوٽ تي پهچي ويو. سندن ڪاروبار ڪيترن ميدانن ۾ پکڙيل آهي، جن ۾ گاڏين ٺاهڻ جو پلانٽ، تيل جي ڪمپني، فائونڊري، دوائن جي ڪمپني، پاور پراجيڪٽس، بئنڪون، جرمن ايئر لائين لفٿنسا جي ڪارگو سروس، ميڊيا، ڪميونيڪيشن ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ شامل آهن. اشوڪ لي لئنڊ انڊيا ۾ گاڏين ٺاهڻ جو ٻيو نمبر وڏو پلانٽ آهي. هندوجا گروپ ان کي 1987ع ۾ خريد ڪيو ۽ ان کي انڊيا ۾ CNG بسن ٺاهڻ جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني بنائي ڇڏيو. ان طرفان سال ۾ هڪ لک گاڏيون ٺاهيون وڃن ٿيون. گڏيل عرب امارات ۾ هندوجا گروپ ۽ راس الخيمه انويسٽمينٽ اٿارٽي جي گڏيل سهڪار سان اشوڪ لي لئنڊ جو هڪ نئون پلانٽ جڙي راس ٿيڻ وارو آهي.
    هندوجا گروپ وارا پهريان ٻاهريان ماڻهو آهن، جن سئٽزرلينڊ ۾ AMAS نالي بئنڪ قائم ڪئي آهي. ان کانپوءِ هندوجا گروپ طرفان 1994ع ۾ انڊيا ۾ انڊس انڊ (Indus Ind) بئنڪ ٺاهي وئي. انڊيا ۾ سنڌ جي نالي سان اڳ ۾ ئي هڪ پراڻي بئنڪ ”پنجاب سنڌ بئنڪ“ قائم ٿيل آهي، ان ڪري سريچند هندوجا، جيڪو پاڻ کي فخر وچان پنج هزار سالن جي موهن جي دڙي واري شاندار ”سنڌو تهذيب“ سان لاڳاپيل ڪوٺيندو آهي، تنهن انڊس ويلي سولائيزيشن اينڊ انڊيا کي مختصر ڪري ”انڊس انڊ“ جي نالي سان ان بئنڪ جو بنياد وڌو. ان لاءِ سريچند هندوجا سڄي دنيا جي شاهوڪار سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. هئري ليلا ۽ ڪي سيتل هانگ ڪانگ مان، واشي پرسواڻي بئنڪاڪ مان، ٽيڪمداس مولاڻي سينگاپور مان، ناري پوهاڻي آمريڪا مان، لال تولاڻي، داس ٻڌراڻي ۽ سندر ڊالا مل انگلينڊ مان، رام بخشاڻي دبئي مان، نرجن هيراننداڻي، نانڪ روپاڻي، امر دولتاڻي، ناري گرسهاڻي ۽ ڊي ايم هريش انڊيا مان پڻ سيڙپ ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا. فقط 67 ڏينهن اندر سريچند هندوجا پنهنجو 100 ڪروڙ (هڪ بلين) رپين جو خواب سچو ڪري ڏيکاريو ۽ بئنڪ کلي وئي. هن وقت ”انڊس انڊ بئنڪ“ جي موڙي ڏهه ارب رپيا آهي، جڏهن ته ان وٽ 200-ارب رپين جي ملڪيت آهي.
    هندوجا گروپ ڪيترن تڪراري مسئلن ۾ پڻ گهيريل رهيو آهي. جڏهن راجيو گانڌي انڊيا جو وزير اعظم هو، تڏهن 1986ع ۾ سوئيڊن جي فرم بوفور کان ڀارتي فوج جي لاءِ 1.3 بلين ڊالرن جي قيمت جون توپون خريد ڪيون ويون هيون. انهيءَ خريداريءَ جو ٺيڪو هندوجا گروپ وٽ هو. ان سودي ۾ ڀارت جي دفاعي عملدارن ۽ حڪومت تي رشوت وٺڻ جا الزام لڳا هئا، بوفور اسڪينڊل جي نتيجي ۾ 1989ع ۾ راجيو گانڌي جي ڪانگريس حڪومت جو زوال آيو. سي بي آءِ جي جانچ موجب سريچند هندوجا ۽ سندس ٻه ڀائر گوپيچند ۽ پرڪاش بوفور اسڪينڊل ۾ ملوث هئا. 2005ع ۾ دهلي هاءِ ڪورٽ انهن الزامن کي ڪوڙو سڏيندي هندوجا ڀائرن کي آجو قرار ڏنو. سندن وڪيل رام ڄيٺ ملاڻي هو.
    ٻيو وڏو اسڪينڊل انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، جنهن ٽوني بليئر جي حڪومت کي ذري گهٽ لوڏي ڇڏيو هو. 2001ع ۾ جڏهن سريچند هندوجا ۽ گوپيچند هندوجا انگلينڊ جي شهريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ٽوني بليئر جي ڪابينا جي ٻن وزيرن پيشر مئنڊلسن ۽ ڪيٿ واز هندوجا ڀائرن جي شهريت واري معاملي کي جلدي اڪلائڻ ۽ سريچند کي برٽش پاسپورٽ جلدي ڏيڻ جي لاءِ فارين آفيس تي زور بار آندو هو. انهن الزامن سبب پارليامينٽ ۾ وڏو گوڙ ٿيو هو ۽ نتيجي ۾ ٻنهي وزيرن کي استعيفائون ڏيڻيون پئجي ويون. هن وقت سريچند ۽ گوپيچند کي انگلينڊ جي شهريت حاصل آهي، پرڪاش کي سئٽزرلينڊ ۽ اشوڪ کي انڊيا جي شهريت مليل آهي. سريچند هندوجا انگلينڊ جو ڏهون نمبر شاهوڪار شخص آهي، جنهن وٽ 6.2 بلين پائونڊن (12.4 بلين ڊالرز) جي ملڪيت آهي.
    سريچند هندوجا جي زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو صدمو سندس نوجوان پٽ ڌرم جو ڏکوئيندڙ موت آهي. هندوجا پنهنجي ڪٽنب کي يڪجا رکڻ ۽ ان کي ٻاهرين اثرن کان آجو رکڻ جي قدرن ۾ ويساهه رکندڙ ۽ ان جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ آهن. سريچند جي نوجوان پٽ ڌرم ڪٽنب جي خواهش جي ابتڙ هڪ عيسائي ڇوڪري جوليئٽ سان لڪ چوريءَ ۾ شادي ڪئي ۽ ان سان گڏ ڀڄي وڃي ماريشس ۾ رهيو. سريچند کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن پٽ کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ڌرم پاڻ تي ۽ جوليئٽ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جوليئٽ ته بچي وئي، پر ڌرم مري ويو. سريچند اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪو سندس پٽ آپگهات ڪيو هو. رام بخشاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته”سريچند هندوجا پنهنجي بدنصيبي کي قبول ڪري ورتو هو. ”کيل هلندو رهي“ جي چواڻي هن پڻ ڪٿي رڪجي بيهي رهڻ نٿي چاهيو. هڪ دفعي مون کي چيائين، ”جيڪڏهن مون کي دک ڀوڳڻو آهي، جيڪڏهن اهو ئي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت ان کي ٽاري نه سگهندي. ڏور ڪنهن زبري، زور آور ۽ ابدي طاقت جي هٿ ۾ آهي، هو منهنجي لاءِ جو سوچيندو مون کي ڪنڌ جهڪائي مڃڻو پوندو.“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي مضمون ڪنهن جو لکيل آهي ۔۔۔ جيڪڏهن ليکڪ جو نالو ڏيو ها ته سٺو ٿئي ها۔

    الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ هندوجا خاندان بابت هڪ مضمون ڏنو آهي ۔۔۔ جيڪو پيش ڪجي ٿو۔


    شڪارپور جي نينگر جو اميري ڏي سفر
    الطاف شيخ

    ممبئي جي ڏاکڻي علائقي فورٽ ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي جن جن رستن ۽ اهم عمارتن وٽان لنگهڻو پيو، پاڻ انهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. انهن مان ماٽونگا ايسٽ واري علائقي مان به گذرياسين. مصطفيٰ بازار وٽان لنگهندي مهيش منيال ٻڌايو ته ان جي ويجهو بوهري بازار به آهي. بوهرين جو بزنس سان تعلق آهي ۽ ڪراچي وانگر هنن جو ممبئي ۾ به وڏو بزنس آهي. هنن جا مرد توڙي عورتون پنهنجي مخصوص لباس ڪري پري کان سڃاتا وڃن ٿا.
    مصطفيٰ بازار کان اڳ ٻن اسپتالن وٽان لنگهه ٿيو. هڪ جو نالو “بجاج آرٿوپيدڪ اسپتال” نظر آيو ۽ ٻيءَ جو ڪنگ ايڊورڊ هاسپيٽل نوٽ ڪيم. J.J. Hospitals مولانا آزاد روڊ بعد آهن. ممبئي ۾ اچڻ سان هڪ ڌارئين کي يڪدم محسوس ٿيو وڃي ته هن شهر ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. مهيش ٻڌايو ته هن ۾ ڪجهه اسپتالون ته سرڪاري آهن، ٻيون خانگي ۽ خيراتي آهن جن ۾ مريضن کان فقط نالي ماتر في ورتي وڃي ٿي. اهڙي طرح هتي جا ڪيترائي اعليٰ درجي جا اسڪول مفت ۾ تعليم مهيا ڪن ٿا، جن جو خرچ پکو مڪاني توڙي ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ امير سخي مرد ڀرين ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد پارسين، گجراتين ۽ هندو سنڌين جو آهي. جيئن نوي ممبئي ۾ ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي. ساڌو واسواڻي جي پوئلڳ سنڌي هندن چندا گڏ ڪري هيءَ ڪراچي جي گرامر اسڪول جهڙي عمارت ۽ معيار جو اسڪول ممبئي جي چاڪيواڙي ٽائيپ غريب بستيءَ ۾ ٺاهيو آهي، جتي ان علائقي جي ٻارن کي انٽر تائين مفت تعليم ڏني وڃي ٿي. هن علائقي جا ماڻهو مزدور، مهاڻا، ڀنگي، چوڪيدار ۽ ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ آهن، جن کي روزگار لاءِ روز لوڪل ريل گاڏيءَ ۾ ممبئي شهر وڃڻو پوي ٿو ۽ سندن علائقي ۾ هي اسڪول نه هجي ته هنن جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل ۽ مهانگي ٿي پوي، پر ساڌو واسواڻي مشن جهڙن مخير (Philanthropist) سوسائٽين ۽ ماڻهن پنهنجي ملڪ جي مجبور ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ اعليٰ قسم جي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ميسر ڪيون آهن.
    هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندو هلان، ته انڊيا جي تعليمي ادارن توڙي صحت سان واسطو رکندڙ ادارن، اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن جو معيار نه فقط اسان جهڙن ملڪن کان مٿانهون آهي، پر ڪيترن ئي يورپي ملڪن کان بهتر ۽ سستو آهي. ڪيتريون اهڙيون بيماريون جن جو علاج اسان جي ملڪ ۾ ناممڪن آهي يا اڻپورو آهي، ان جا مريض انڊيا وڃن ٿا. ڪيترا امير انڊين جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. اهي پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ پنهنجي وطن موڪلين ٿا ۽ انڊيا جي يونيورسٽين، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين ڪاليجن جون هاسٽلون يورپ ۽ آمريڪا جا پاسپورٽ رکندڙ انڊين شاگردن سان ڀريون پيون آهن، ڇو جو انهن جا والدين سمجهن ٿا، ته سندن اصلي وطن انڊيا ۾ تعليم جي معيار سان گڏ امن امان جي صورت به بهتر آهي ۽ سندن ٻار اخلاق جي حدن ۾ رهي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ايشيا ۽ آفريڪا جي ته ڪيترن ئي ملڪن جا جا رهواسي پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ايران ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جتي جو تعليمي معيار بهتر آهي، اتي جا ماڻهو به پنهنجن ٻارن کي انڊيا موڪلين ٿا، خاص ڪري انهن سبجيڪٽن لاءِ جيڪي انهن ملڪن ۾ نٿا پڙهايا وڃن، پوني ۾ ڪيترائي ملئي ۽ ايراني شاگرد مليا جن ٻڌايو ته انڊيا ۾ بهتر تعليم کان علاوه ٽيوشن في، هاسٽل جي رهائش ۽ کاڌو پيتو سستو آهي. ساڳي طرح مختلف بيمارين جي علاج ۽ آپريشنن لاءِ ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ نه فقط انڊين پر عرب، يورپي ۽ آمريڪن انڊيا اچن ٿا. هو هوائي جهاز جو ڳرو ڀاڙو ڀرڻ جي باوجود انڊيا جي اسپتالن ۾ ٿيندڙ علاج، دوا درمل ۽ ڊاڪٽرن جي فين جي خرچ جو حساب لڳائين ٿا ته هنن کي سستو لڳي ٿو.
    اسپتالن جي اعليٰ معيار ۽ غريب غربي جي علاج جي ڳالهه نڪتي ته مهيش مون کي “هندوجا اسپتال” بابت ٻڌايو ته انڊيا جي اها پهرين اسپتال آهي، جنهن کي بين الاقوامي اعليٰ معيار جو سرٽيفڪيٽ ISO-9002 مليو هو ۽ بهتر ليبارٽري جي حساب سان پڻ هيءَ پهرين اسپتال آهي، جنهن کي ’ڪاليج آفآمريڪن پئٿالاجسٽس‘ طرفان مڃتا جو سرٽيفڪيٽ مليو هو.
    “سائين هيءَ اسپتال هڪ امير ۽ سخي سنڌي فئملي هندوجا جي آهي.” مهيش چيو، “توهان کي شايد خبر نه هجي.”
    “مون کي خبر آهي،” مون وراڻيو، “1992ع ۽ 93ع ۾ لنڊن ۾ اقوام متحده جي جهازن سان واسطو رکندڙ اداري IMO جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ دوران، هڪ ڊنر ۾ منهنجي گوپي چند هندوجا سان ملاقات ٿي هئي. ان بعد مون کي هنن ڀائرن ۽ هنن جي پتا شري پرمانند ديپچند هندوجا جي معلومات حاصل ٿي. هو بنا ڪنهن شڪ جي بيحد امير ۽ سخي آهن.”
    هندوجا (Hinduja) فئملي جيتري ممبئي ۾ مشهور آهي ان کان وڌيڪ شايد لنڊن ۾ آهي ۽ مون سان گڏ رهندڙ مختلف ملڪن جا جهازي جيڪي سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي طرفان لنڊن ۾ IMO (انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن) جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ ايندا هئا، اهي “هندوجا برادرس” جو دنيا جي مختلف بزنيسن تي هولڊ هجڻ جو ٻڌي حيرت جو اظهار ڪندا هئا. لنڊن ۾ رهندڙ ٻي ڀاءُ سريچند هندوجا کي جيتوڻيڪ ڏسڻ جو موقعو نه مليو پر سندس ڳالهيون اڪثر جهازن جي مالڪن کان ٻڌبيون هيون. هونءَ به انگلينڊ ۽ سوئيڊن جي اخبارن ۾ سوئيڊش ڪمپني جي بوفور بندوقن جي ڪيس جي خبر ايندي هئي ته ان ۾ هندوجا ڀائرن جو به نالو ايندو هو. هي اهو بدنام زمانا ڪيس آهي، جنهن جي ڪري 1989ع ۾ راجيو گانڌي جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، جنهن تي اهو الزام هو ته ’راجيو حڪومت‘ سوئيڊن مان بندوقون خريد ڪرڻ تي اتي جي بوفور ڪمپني کان لکين ڊالر ڪميشن حاصل ڪئي، جيڪا هندوجا ڀائرن (لنڊن ۾ رهندڙ سريچند ۽ گوپيچند، ۽ جنيوا سوئيٽزرلئنڊ ۾ رهندڙ پرڪاش) جي معرفت پهچائي وئي هئي. ان سلسلي ۾ هنن ٽنهي ڀائرن تي 1990ع کان ڪورٽن ۾ ڪيس هلندو رهيو ۽ 15 سالن بعد 2005ع ۾ هندوجا ڀائرن کي مٿين مڙهيل ڏوهه کان بري ڪيو ويو. بي بي سي طرفان هن خبر جو عنوان هو:
    After 15 years three of Hinduja family businessmen have been cleared of all charges in India’s Bofors arms corruption.
    ’هندوجا‘ نالي واپاري ڪمپني جو بنياد اڄ کان هڪ سئو سال کن اڳ 1914 ۾ پرمانند ديپچند هندوجا ممبئي ۾ رکيو. 1919ع ۾ ان کي ايران شفٽ ڪيو ويو ۽ سٺ سالن تائين اتي ئي رهيو، جنهنبعد 1979ع ۾ جڏهن اتي اسلامي انقلاب آيو ته هنن کي پنهنجا هيڊ ڪوارٽر يورپ شفٽ ڪرڻا پيا. سريچند هندوجا ۽ گوپيچند هندوجا پنهنجي پيءُ جو ايڪسپورٽ بزنس هلائڻ لاءِ لنڊن اچي رهيا. ٽيون ڀاءُ پرڪاش جنيوا ۾ Seettle ٿيو ۽ چوٿون ڀاءُ اشوڪ هتي ممبئي ۾ رهيو. لنڊن ۾ رهندڙ “هندوجا ڀائرن” جي فئملي دنيا جي امير ترين فئملين مان سڏجي ٿي. هنن جو تيل جي ڪمپنين، بئنڪن، ميڊيا، دوائن جي ڪارخانن، ٽرڪن ۽ ڪپڙي جي ملن، چانهه ۽ گرم مسالي جي ڪمپنين ۽ فلم انڊسٽري ۾ پئسو لڳل آهي. سندن ڪاروباري ڪمپنيون ۽ ڪارخانا 50 کن ملڪن ۾ آهن جن ۾ 2500 ماڻهو ڪم ڪن ٿا. دنيا جي امير ترين ماڻهن جي رپورٽ موجب هندوجا فئملي دنيا ۾ تيرهين نمبر تي امير فئملي آهي. هن فئملي جا انڊيا ۾ ڪيترائي خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون آهن. سڀ کان وڏي اسپتال ممبئي جي ماهيم علائقي ۾ “پي. ڊي. هندوجا هاسپيٽل” آهي، جيڪا هن بزنيس ڪمپني جي باني پرمانند ديپچند هندوجا” نالي آهي. هيءَ هڪ ماڊرن گهڻ بيماري واري Tertiary Care اسپتال آهي، جنهن ۾ ميڊيڪل ريسرچ سينٽر به آهي، جيڪو آمريڪا جي ماساچوسيٽ جنرل اسپتال، بوسٽن جي سهڪار سان ڪم ڪري ٿو. هن اسپتال ۾ مريضن جي رهائش لاءِ 350 بسترا آهن. اسپتال جي رڪارڊ موجب 15 لک مريضن جو علاج ٿي چڪو آهي ۽ هيستائين هڪ لک کن آپريشنون ٿيون آهن ۽ هن اسپتال جي اعليٰ ليبارٽري بابت مٿي لکي چڪو آهيان.
    گذريل اڌ صديءَ ۾ مون کي دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن تي سنڌ جا هندو واپاري مليا آهن، پر هندوجا وارن کي انهن کان مختلف ان ڪري ٿو سمجهان، ته هي مختصر عرصي ۾- يعني ستر، اسي سالن اندر سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ مٿاهان ٿي ويا. ٻين امير واپارين جو بزنيس ته ڪيترين پيڙهين کان هلندڙ هو. هندوجا (Foundation) ڪمپني جو پايو رکندڙ پرمانند 1901ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ ممبئي (بمبئي) سپنن جي ساڀيان جي ڌرتي هئي. ننڍو نينگر پرمانند 14 سالن جو هو ته هو پنهنجي ماءُ پهنچ ٻائي ۽ پيءُ ديپ چند کان موڪلائي پنهنجي خوابن جي تعبير حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ پهتو. ڪنهن ٿي سوچيو ته هي بزنيس ۾ ايڏي ته ڪاميابي حاصل ڪندو جو دنيا جون اهم شخصيتون ويندي آمريڪا جو صدر بل ڪلنٽن، جارج بش سينئر، ايران جو شهنشاهه، انگلينڊ جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ راڻي ايلزبيٿ سندس انگلينڊ ۾ رهندڙ پٽن سري چند ۽ گوپي چند جي دوستن جي سرڪل ۾ ايندا ۽ ٻاهر رهندڙ انڊين ۾ ٻئي نمبر تي (اسٽيل جي شهنشاهه لڪشمي مِٺل بعد) ڪامياب ۽ امير بزنيس مين ثابت ٿيندا! جيڪي فقط لنڊن ۾ ٿيمس نديءَ تي ٺهندڙ ’ملينيم ڊوم‘ لاءِ اتي جي وزير پيٽر مئنڊلسن کي هڪ ملين پائونڊ (اڄ جي حساب سان 12 ڪروڙ رپيا) چندو (Donation) ڏيندا!
    سو آئون هميشھ شري پرمانند جو سوچيندو آهيان ته 1915 ۾ جڏهن شڪارپور کان سکر يا حيدرآباد تائين سفر به ڪو سولو نه هو ۽ اسان جا ماڻهو ميهڙ، نصيرآباد يا وڳڻ کان لاڙڪاڻي ويندي به پاڻ کي پرديسي سمجهندا هئا. هي نينگر پرمانند جنهن جا ٻيا هم عمر جڏهن اٺين نائين ڪلاس ۾ پڙهي رهيا هئا ته هي قسمت آزمائڻ خاطر ڳوٺ جون گهٽيون ڇڏي اڪيلي سر ممبئي جهڙي شهر ۾ اچي نڪتو. اسان جا اڄ به ڪيترا نوجوان سنڌ جا ڳوٺ ڇڏي ڪراچي شهر ۾ اچي ڪو پورهيو يا مزدوري ڳوليندي ڪيٻائين ٿا. پرمانند اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود ممبئي ۾ ايڏي ته محنت سان پورهيو ۽ دڪانداري ڪئي ۽ هن کي ايڏو ته اعتماد پيدا ٿيو، جو پنجن سالن بعد ممبئيءَ کي خيرآباد چئي ايران ۾ اچي پنهنجو بزنيس سيٽ اپ ڪيو. هن پنهنجن ٻارن کي به ننڍي هوندي کان پاڻ سان گڏ پورهئي ۾ لڳايو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگلينڊ ۾ رهندڙ گوپي چند هندوجا، جنهن سان منهنجي لنڊن ۾ ملاقات ٿي، سٺي انگريزي نٿي ڳالهائي ۽ ڪيترائي ماڻهو سري چند هندوجا تي به اها ئي تنقيد ڪن ٿا، ته هو اعليٰ تعليم يافته نه آهن ۽ نه هنن جي انگريزي سٺي آهي. پر آئون اها ڳالهه حج واري سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪراچي جي دهلي پنجابي سوداگران (جن سان گڏ مون حج ڪيو) جو اولاد مئٽرڪ به پاس ناهي، پر هنن جي ڪامرس ۽ ايڪانامڪس بابت عملي ڄاڻ سان ان سبجيڪٽ جا Ph.D پروفيسر به نه پڄي سگهن. اهو ئي حال هندوجا فئملي سان آهي. ٻي ڳالهه ته اسان جي امير بزنيس مين، سياستدانن يا سرڪاري ڪامورن جا ٻار سٺي انگريزي ان ڪري ڳالهائين ٿا، جو هو ننڍي هوندي انگريزي ميڊيم اسڪولن مان پڙهن ٿا ۽ ننڍي هوندي کان گهر ۾ ۽ گهٽيءَ جي ٻارن سان انگريزي ڳالهائڻ جي پريڪٽس ڪن ٿا. پرمانند 19 سالن جي عمر ۾ ممبئي کان ايران هليو ويو، جتي سندس ٻار (سري چند، گوپي چند، پرڪاش، اشوڪ ۽ ڀيڻ شانتي جماڻي جنهن جو ويجهڙائيءَ ۾ ديهانت ٿيو) سٺ سال ايران ۾ رهيا. ان بعد 1979ع ۾ هو لنڊن لڏي ويا. پر شري پرمانند ديپ چند جي اولاد “هندوجا برادرس” هميشھ تعليم کي اهميت ڏني آهي ۽ انڊيا ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا کوليا آهن، پرمانند 1944ع ۾ جيڪو پهريون خيراتي ٽرسٽ اڏايو اهو تعليم لاءِ هو. هي ٽرسٽ هن پنهنجي والده (يعني سرچند وارن جي ڏاڏيءَ) نالي “شريمتي پهنچ ٻائي ديپ چند هندوجا” ٽرسٽ هو، جنهن ممبئيءَ ۾ اسڪول هلايو ٿي. اڄ اهو چرني روڊ تي KPB هندوجا ڪاليج آف ڪامرس آهي. هي ڪاليج ممبئي جي اعليٰ ڪاليجن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ چار هزار اسٽيٽ گرانٽ ڪورسز ۾ شاگرد آهن ۽ 600 شاگرد نان گرانٽ ڪورسز ۾ آهن.
    ممبئي ۾ هندوجا فائونڊيشن جي آفيس وورلي ۾ ڊاڪٽر ائني بسنت روڊ تي “هندو جا هائوس” بلڊنگ ۾ آهي، جنهن جو فون نمبر 2496070-22-0091 آهي ۽ اي ميل ائڊريس foundation@himduyaghoup.com. آهي. شري پرمانند 1971ع ۾ وفات ڪري ويو.
    هندوجا وارن جي واپاري خصلتن جون انگريز به تعريف ڪن ٿا. شري پرمانند جا ٺهيل اصول جنهن تي سندس اولاد هلندو اچي ۽ ڌاريان تعريف ڪن ٿا، ڪجهه هن ريت آهن:
    · دل لڳائي محنت ڪريو ۽ جيڪو وعدو (Commitment) ڪريو ٿا اهو پورو ڪريو. بلڪه ٻئي سان ڪمٽمينٽ ئي تڏهن ڪريو، جڏهن توهان ڏسو ٿا ته توهان اها پوري ڪري سگهندؤ. ۽ پوءِ اهو ڪم پورو ڪرڻ فرض سمجهو. يعني Duty to Work.
    · زبان تي قائم رهو يعني Word is a bond ائين ڪندؤ ته گراهڪن، مزدورن، مال سپلاءِ ڪندڙن ۽ ڪارخانيدارن جو توهان تي ڀروسو رهندو.
    انٽرنيشنل مارڪيٽن ۾ ضرور وڃو پر هنن جي مڪاني ضرورتن کي ڌيان ۾ رکو يعني،Act Local Think Global شري پرمانند کي ننڍي هوندي کان سندس ماتا اها عادت وڌي، ته هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو خيرات لاءِ رکي. ان ڳالهه تي اڄ به هندوجا فئملي قائم آهي. هنن جي اها ئي فلاسفي آهي ته هو جنهن سوسائٽي سان تعلق رکن ٿا، ان کي به فائدو رسڻ کپي ۽ هنن لاءِ سوسائٽي جي بهتري لاءِ سڀ کان اهم شيءِ تعليم ۽ صحت آهي. هڪ انٽرويو ۾ ان بابت سري چند ڳالهائيندي چيو هو:
    Good Health and Education are not essential for the progress but also are the fundamental rights of every human.
    شري پرمانند ۽ سندس زال جمنا ديوي اڪثر اهو چوندا هئا ته اسان گهڻي کان گهڻي محنت ڪريون ٿا، جيئن گهڻي کان گهڻي خيرات (Chairty) ڏئي سگهون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا سائين غلطي جي معذرت
    هي مضمون شوڪت شورو جو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو