باغي عليم
سينيئر رڪن
شوڪت حسين شورو
شڪارپور جا هندو صدين کان وٺي واپار ۾ ڀڙ هئا. سندن ڪاروبار دنيا جي ڏورانهن ملڪن ۾ پکڙيل هو. واپار ۾ پئسي ڏوڪڙ جي ڏيتي ليتي جي لاءِ هنن ”هُنڊي“ وسيلي هڪ نئين بئنڪنگ سسٽم جو بنياد وڌو، جنهن ترقي ڪري دنيا ۾ موجوده بئنڪنگ سسٽم جي صورت ورتي. سنڌ جي ان شاندار شهر ۾ 1901ع ڌاري پرمانند ديپچند هندوجا جنم ورتو. واپاري ڏانءُ هن جي سُتيءَ ۾ پيل هو. هن ننڍپڻ ۾ ئي ڄاڻي ورتو هو ته واپار ۾ موقعي جي تلاش جاري رکجي ۽ اهو جتي ملي، ان کي هٿ ڪجي. پرمانند 14 ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور مان امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڌنڌو شروع ڪيو. هو سنڌ مان ڪپڙو، هندستاني مصالحا ۽ چانهه ايران موڪليندو هو، ۽ ايران مان غاليچا، سڪو ميوو، زعفران (ڪيسر) گهرائيندو هو. ايران سان پرمانند جو واپار ايترو وڌي ويو، جو هن پهرئين ممبئي ۾ ڪوٺي ٺاهي اتان واپار هلايو، پوءِ نيٺ 1919ع ۾ هن ايران ۾ مستقل ٺڪاڻو قائم ڪيو. ايران مان هن جو واپار دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن سان هلڻ لڳو. اڳتي هلي پرمانند جي رسائي ايران جي شاهه رضا شاهه پهلوي تائين ٿي وئي ۽ هو ايران جو اهم ماڻهو ليکجڻ لڳو. ڪاروبار جو اهو سفر جيڪو شڪارپور مان شروع ٿيو هو، سو هاڻي انٽرنيشنل ٿي ويو.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان لڏي آيل هندو انڊيا ۾ اڃا دربدري وارين حالتن ۾ هئا ۽ سندن ٻارن جي تعليم جو ڪو جوڳو بندوبست ڪو نه هو. تڏهن پرمانند هندوجا کي خيال آيو ته ڪنهن به ڪميونٽي جي جياپي ۽ ترقي جي لاءِ صحت ۽ تعليم بنيادي ڳالهيون آهن. هن 1951ع ۾ هندوجا نيشنل اسپتال ٺهرائي، جيڪا هن وقت ممبئي جي هڪ بهترين ماڊرن اسپتال ليکي وڃي ٿي. پرمانند سنڌي نوجوانن جي تعليم جي لاءِ هندوجا ڪاليج آف ڪامرس ٺهرايو. هندوجا ڪاليج ممبئي جي ڪامرس ڪاليجن ۾ چوٿون نمبر وڏو ڪاليج آهي، جتي بي ڪام ۽ ايم ڪام کانسواءِ ماس ميڊيا، مئنيجمينٽ ۽ آءِ ٽي جا ڊگري ڪورس پڙهايا وڃن ٿا.
پرمانند هندوجا 1971ع ۾ گذاريو ويو، کيس چار پٽ هئا: سريچند (جنم: 1935ع)، گوپيچند (جنم: 1940ع)، پرڪاش ۽ اشوڪ. پرمانند جنهن هندوجا گروپ جو پايو وڌو هو، ان جو هاڻي چيئرمين سريچند هندوجا بنيو. 1979ع ۾ جڏهن خمينيءَ ايران ۾ انقلاب آندو ته هندوجا ايران مان لڏي انگلينڊ هليا ويا. سريچند جي اڳواڻي ۾ هندوجا گروپ جو بزنيس چوٽ تي پهچي ويو. سندن ڪاروبار ڪيترن ميدانن ۾ پکڙيل آهي، جن ۾ گاڏين ٺاهڻ جو پلانٽ، تيل جي ڪمپني، فائونڊري، دوائن جي ڪمپني، پاور پراجيڪٽس، بئنڪون، جرمن ايئر لائين لفٿنسا جي ڪارگو سروس، ميڊيا، ڪميونيڪيشن ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ شامل آهن. اشوڪ لي لئنڊ انڊيا ۾ گاڏين ٺاهڻ جو ٻيو نمبر وڏو پلانٽ آهي. هندوجا گروپ ان کي 1987ع ۾ خريد ڪيو ۽ ان کي انڊيا ۾ CNG بسن ٺاهڻ جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني بنائي ڇڏيو. ان طرفان سال ۾ هڪ لک گاڏيون ٺاهيون وڃن ٿيون. گڏيل عرب امارات ۾ هندوجا گروپ ۽ راس الخيمه انويسٽمينٽ اٿارٽي جي گڏيل سهڪار سان اشوڪ لي لئنڊ جو هڪ نئون پلانٽ جڙي راس ٿيڻ وارو آهي.
هندوجا گروپ وارا پهريان ٻاهريان ماڻهو آهن، جن سئٽزرلينڊ ۾ AMAS نالي بئنڪ قائم ڪئي آهي. ان کانپوءِ هندوجا گروپ طرفان 1994ع ۾ انڊيا ۾ انڊس انڊ (Indus Ind) بئنڪ ٺاهي وئي. انڊيا ۾ سنڌ جي نالي سان اڳ ۾ ئي هڪ پراڻي بئنڪ ”پنجاب سنڌ بئنڪ“ قائم ٿيل آهي، ان ڪري سريچند هندوجا، جيڪو پاڻ کي فخر وچان پنج هزار سالن جي موهن جي دڙي واري شاندار ”سنڌو تهذيب“ سان لاڳاپيل ڪوٺيندو آهي، تنهن انڊس ويلي سولائيزيشن اينڊ انڊيا کي مختصر ڪري ”انڊس انڊ“ جي نالي سان ان بئنڪ جو بنياد وڌو. ان لاءِ سريچند هندوجا سڄي دنيا جي شاهوڪار سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. هئري ليلا ۽ ڪي سيتل هانگ ڪانگ مان، واشي پرسواڻي بئنڪاڪ مان، ٽيڪمداس مولاڻي سينگاپور مان، ناري پوهاڻي آمريڪا مان، لال تولاڻي، داس ٻڌراڻي ۽ سندر ڊالا مل انگلينڊ مان، رام بخشاڻي دبئي مان، نرجن هيراننداڻي، نانڪ روپاڻي، امر دولتاڻي، ناري گرسهاڻي ۽ ڊي ايم هريش انڊيا مان پڻ سيڙپ ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا. فقط 67 ڏينهن اندر سريچند هندوجا پنهنجو 100 ڪروڙ (هڪ بلين) رپين جو خواب سچو ڪري ڏيکاريو ۽ بئنڪ کلي وئي. هن وقت ”انڊس انڊ بئنڪ“ جي موڙي ڏهه ارب رپيا آهي، جڏهن ته ان وٽ 200-ارب رپين جي ملڪيت آهي.
هندوجا گروپ ڪيترن تڪراري مسئلن ۾ پڻ گهيريل رهيو آهي. جڏهن راجيو گانڌي انڊيا جو وزير اعظم هو، تڏهن 1986ع ۾ سوئيڊن جي فرم بوفور کان ڀارتي فوج جي لاءِ 1.3 بلين ڊالرن جي قيمت جون توپون خريد ڪيون ويون هيون. انهيءَ خريداريءَ جو ٺيڪو هندوجا گروپ وٽ هو. ان سودي ۾ ڀارت جي دفاعي عملدارن ۽ حڪومت تي رشوت وٺڻ جا الزام لڳا هئا، بوفور اسڪينڊل جي نتيجي ۾ 1989ع ۾ راجيو گانڌي جي ڪانگريس حڪومت جو زوال آيو. سي بي آءِ جي جانچ موجب سريچند هندوجا ۽ سندس ٻه ڀائر گوپيچند ۽ پرڪاش بوفور اسڪينڊل ۾ ملوث هئا. 2005ع ۾ دهلي هاءِ ڪورٽ انهن الزامن کي ڪوڙو سڏيندي هندوجا ڀائرن کي آجو قرار ڏنو. سندن وڪيل رام ڄيٺ ملاڻي هو.
ٻيو وڏو اسڪينڊل انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، جنهن ٽوني بليئر جي حڪومت کي ذري گهٽ لوڏي ڇڏيو هو. 2001ع ۾ جڏهن سريچند هندوجا ۽ گوپيچند هندوجا انگلينڊ جي شهريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ٽوني بليئر جي ڪابينا جي ٻن وزيرن پيشر مئنڊلسن ۽ ڪيٿ واز هندوجا ڀائرن جي شهريت واري معاملي کي جلدي اڪلائڻ ۽ سريچند کي برٽش پاسپورٽ جلدي ڏيڻ جي لاءِ فارين آفيس تي زور بار آندو هو. انهن الزامن سبب پارليامينٽ ۾ وڏو گوڙ ٿيو هو ۽ نتيجي ۾ ٻنهي وزيرن کي استعيفائون ڏيڻيون پئجي ويون. هن وقت سريچند ۽ گوپيچند کي انگلينڊ جي شهريت حاصل آهي، پرڪاش کي سئٽزرلينڊ ۽ اشوڪ کي انڊيا جي شهريت مليل آهي. سريچند هندوجا انگلينڊ جو ڏهون نمبر شاهوڪار شخص آهي، جنهن وٽ 6.2 بلين پائونڊن (12.4 بلين ڊالرز) جي ملڪيت آهي.
سريچند هندوجا جي زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو صدمو سندس نوجوان پٽ ڌرم جو ڏکوئيندڙ موت آهي. هندوجا پنهنجي ڪٽنب کي يڪجا رکڻ ۽ ان کي ٻاهرين اثرن کان آجو رکڻ جي قدرن ۾ ويساهه رکندڙ ۽ ان جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ آهن. سريچند جي نوجوان پٽ ڌرم ڪٽنب جي خواهش جي ابتڙ هڪ عيسائي ڇوڪري جوليئٽ سان لڪ چوريءَ ۾ شادي ڪئي ۽ ان سان گڏ ڀڄي وڃي ماريشس ۾ رهيو. سريچند کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن پٽ کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ڌرم پاڻ تي ۽ جوليئٽ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جوليئٽ ته بچي وئي، پر ڌرم مري ويو. سريچند اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪو سندس پٽ آپگهات ڪيو هو. رام بخشاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته”سريچند هندوجا پنهنجي بدنصيبي کي قبول ڪري ورتو هو. ”کيل هلندو رهي“ جي چواڻي هن پڻ ڪٿي رڪجي بيهي رهڻ نٿي چاهيو. هڪ دفعي مون کي چيائين، ”جيڪڏهن مون کي دک ڀوڳڻو آهي، جيڪڏهن اهو ئي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت ان کي ٽاري نه سگهندي. ڏور ڪنهن زبري، زور آور ۽ ابدي طاقت جي هٿ ۾ آهي، هو منهنجي لاءِ جو سوچيندو مون کي ڪنڌ جهڪائي مڃڻو پوندو.“
جمع 29 آڪٽوبر 2010ع