1. کائو، پيئو پر ضرورت ۽ گهرج مطابق؛ ڇو جو گهڻو کائڻ پيئڻ اوهان جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. (سورت اعراف، آيت31)2. پنهنجا سڀ ڏک سور قرآن وسيلي ختم ڪري سگهو ٿا، قرآن پڙهو ان تي عمل ڪريو، قرآن جي روح سان نيهن لائي ان جي رنگ ۾ رڱجي وڃو ته جئين اوهان جي روح ۽ جسم جا سڀ سسٽم گهربل تعادل کي برقرار رکي سگهن. (سورت يونس، آيت57؛ سورت اسراء، آيت 82).3. قرآن جي نظر ۾ حقيقي معنى ۾ شفا ڏيڻ وارو الله سائين آهي ٻيون شيون ته وسيلو آهن. (سورت شعراء، آيت 80)4. قرآن جي راهنمائي مطابق کاڌن جي سالم ۽ مفيد هجڻ جو بنيادي قانون حلال ۽ پاڪ هجڻ آهي. اهڙي قسم جو کاڌو، جسم جي سلامتي جا سڀ گهربل جز رکي ٿو. پر ان لاءِ تمام گهڻي دقيق علمي بحث جي ضرورت آهي ته ڪهڙي نموني حلال ۽ حرام کاڌي جو اثر مختلف ٿئي ٿو. (سورت نحل، آيت 114؛ سورت بقره، آيت 168) حلال: اها شي جنهن کان شريعت روڪيو نه هجي. طيب (پاڪ) اها شي جيڪا انساني سالم طبيعت جي مطابق هجي.5. تندرستي لاءِ کائڻ جي بهترين طريقي ڪار کي قرآن ئي بيان ڪيو آهي ته ٻه وقت کاڌو کائو. مطلب ته روزانو ٻه ڀيرا چڱي نموني کاڌو کائو هڪ صبح جو ٻيو شام جو. جهڙي نموني جنت وارن جو به اهو طريقي ڪار هوندو. (سورت مريم، آيت 62)6. قرآن جي فرمان مطابق، صالح مومن انسان، الله جي نعمتن مان فائدي حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ حقدار آهن. پاڪ پالڻهار فرمائي ٿو ته: ڪنهن اوهان مٿان پاڪ کاڌا حرام ڪيا آهن؟ اهي دنيا جي زندگي جون خوبصورتيون آهن، جيڪي الله سائين پنهنجي صالح ٻانهن لاءِ پيدا ڪيون آهن.(سورت اعراف، آيت 32؛ سورت مائده، آيت87۽ 88).7. مزيدار ڳالھ آهي ته الله سائين پاڻ سنئي سڌي نموني گوشت، مڇي ۽ ميون کائڻ جو حڪم ڪيو آهي. ۽ انهن کي پنهنجي نعمت ڄاڻايو آهي ۽ اسان کي انهن جي کائڻ جو حڪم ڏنو آهي. (سورت مائده، آيت 1 ۽ 96؛ سورت نحل آيت 14؛ سورت مومنون، آيت 19).8. کاڌ خوراڪ جو مسئلو قرآن جي نظر ۾ ايترو اهم آهي جو قرآن مجيد هڪ آيت ۾ سنئون سڌو فرمايو آهي ته پنهنجي کاڌي کي چڱي نموني، سوچ ويچار سان ڏسو. (سورت عبس، آيت 24) ان جو مطلب اهو ئي آهي ته قرآن جي مڃيندڙ انسان کي گهرجي ته پنهنجي کاڌي پيتي تي تمام گهڻو ڌيان ۽ توجه ڏئي.9. الله سائين قرآن مجيد ۾ ننڊ کي تندرستي جو موجب ۽ روح جي راحت ڄاڻايو آهي، کيس پنهنجي واکاڻ جوڳي نعمت ۽ حيرت انگيز نشاني ڄاڻايو آهي. (سورت روم، آيت 23؛ سورت فرقان آيت 47)10.ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته قرآن جي نظر ۾ سڀني کان خراب ۽ بڇڙي بيماري ڪهڙي آهي؟ قرآن کلي نموني ان جو اعلان به ڪيو آهي، هن بيماري کي دل جي بيماري چوندا آهن؛ ڇو جو جڏهن دل ۽ روح کي اها بيماري وڪوڙي وڃي ته انسان حق جي ڏسڻ، ٻڌڻ، فهم ۽ ادراڪ کان عاجز ٿي ويندو آهي. ڪنهن به انسان لاءِ سڀني کان بري حالت اها ئي ٿي سگهي ٿي. (سورت اعراف، آيت179؛ سورت توبه آيت 125). انهن سڀني ڳالهين مان نتيجو هي ٿو نڪري ته قرآن مجيد رڳو هُن دنيا جي آباد ڪرڻ لاءِ نه آهي بلڪه پاڪ پالڻهار پنهنجي هن عظيم لا ريب آسماني ڪتاب کي انسان جي ٻنهي دنيائن کي آباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. تنهن ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم جن هي دعا ڪندا رهندا هئا: ُ رَبَّنا آتِنا فِي الدُّنْيا حَسَنَةً وَ فِي الْآخِرَةِ حَسَنَةً وَ قِنا عَذابَ النَّار(سورت بقره، آيت 201) اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ به نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ به ثواب ڏي ۽ اسان کي دوزخ جي باھ کان بچاءِ! هن لنڪ جي ٿورن سان: http://www.hawzah.net/fa/magazine/magart/4892/4931/42134?ParentID=74502
اها بلڪل سچي ۽ پڌري حقيقت آهي ته قرآن پاڪ اسان جي ٻنهي جهانن کي سٺي انداز سان زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو ۔۔ لک قرب اوهان تمام سهڻو ليک ونڊ ڪيو۔ اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو ۽ اوهان خوبصورت مضمون ۽ لکڻيون اسان سان شيئر ڪندا رهندا۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ سدا سلامت هجو۔