• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 16 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 16 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

16 آگسٽ 1906ع ليکڪ گيانچند گيان رشي (سنجهورو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1949ع سنڌ پرست ڪاموري اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1952ع ليکڪ مير اعظم ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1958ع ليکڪ حليم مرلائي جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1958ع هاليووڊ جي امريڪي گلوڪاره ميڊونا جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1963ع صحافي علي انور ٻٻر جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1964ع شاعر فيض ساٿي جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1966ع صحافي رفيق ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1970ع باليووڊ اداڪار سيف علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1970ع باليووڊ اداڪاره منيشا ڪوئرالا جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1978ع شاعر امر ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1984ع شاعر محمد حسين عاصم ڀٽو (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

16 آگسٽ 1803ع بزرگ خواجه گل محمد لنواري جو انتقال ٿيو.
16 آگسٽ 1961ع باباءِ اردو مولوي عبدالحق جي وفات ٿي.
16 آگسٽ 1970ع شاعر محمد صديق امين جو لاڏاڻو ٿيو.
16 آگسٽ 1997ع گلوڪار، قوال ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو انتقال ٿيو.
16 آگسٽ 1998ع سماجي ورڪر بهاول خان انڙ (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top