اسلام آباد کي يرغمال بنائيندڙ سڪندر جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حاڪم علي ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2013۔

  1. حاڪم علي ڪنڀر

    حاڪم علي ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    0
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام آباد کي يرغمال بنائيندڙ سڪندر جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي، ڊاڪٽرن سندس وينٽيليٽر هٽائي ڇڏيو، پمز
    [​IMG]
    اسپتالجي ترجمان چيو آهي ته پوليس سڪندر جو بيان رڪارڊ ڪري سگهي ٿي. گذريل ڏينهن هٿيار کڻي اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ اچي سڄي گادي واري هنڌ ۽ ان جي انتهائي برجستي پوليس کي 5 ڪلاڪن تائين يرغمال بنائيندڙ سڪندر جو پمز اسپتال ۾ علاج جاري آهي. گذريل رات پ پ اڳواڻ زمرد خان پاران اسلام آباد جي ولن کي فلمي انداز ۾ پڪڙائي هر طرف واهه واهه ڪرائي ڇڏي هئي، جوابدار سڪندر جي گهر واري جو علاج به پمز اسپتال ۾ جاري آهي. 18 ڪروڙ عوام کي 5 ڪلاڪن تائين سڌي ريت فلم ڏيکاريندڙ ولن کي ڊاڪٽرن ڪجهه ڪلاڪ وينٽيليٽر تي رکيو جنهن سندس حالت بهتر ٿيڻ کانپوءِ جوابدار جو وينٽيلٽر هٽايو ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سڪندر قدرتي طور ساهه کڻي رهيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه به ڪري رهيو آهي، پوليس سندس بيان رڪارڊ ڪري سگهي ٿي. پمز اسپتال جي ڊاڪٽر رضوان تاج جو چوڻ آهي ته جوابدار سڪندر چرس، شراب ۽ هيروئن پيئندو رهيو آهي، هو ذهني مريض به آهي، هو اڪثر ڪري گهر ڀاتين سان وڙهندو رهيو آهي. هوڏانهن سڪندر جي گهر واري ڪنول پوليس کي بيان ڏيندي چيو آهي ته سندس مڙس 3 سالن کان نشو ڪندو هيو، هو نارمل طريقي سان پيش نه ايندو هيو. هن چيو ته هوءَ کيس روڪي نه پئي سگهي ان ڪري ساڻس گڏ هئي، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي

    بي بي سي سنڌ جي ٿورن سان
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سڪندر دبئي ۾ رهندو هو، هي اتي بري صحبت ۾ ڦاسي پيو۔۔ هن نشو شروع ڪيو۔۔ هي عاد کيس هيروئن تائين وٺي وئي۔۔۔ علاج ٿيو ته هي ٺيڪ ٿي ويو۔۔ پر هيروئن ان جي دماغ، ان جي مزاج ۽ ان جي روين تي اهڙو ته اثر ڪيو جو هي مستقل نفسياتي مريض بڻجي ويو۔۔ کيس ڏاڙهي رکيل هئي پر اها به ڪوڙائي ڇڏيائين۔۔ هي شراب به پيئندو هو۔۔ چرس جو به عادي هو۔۔ هي ننڊ جو گوريون به کائيندو هو۔۔ ۽ سگريٽ به پيئندو هو۔۔۔ هن ٻه شاديون ڪيون۔۔ پهرين زال دبئي مان هئي۔۔ جيڪا سندس عمر کان به وڏي هئي۔۔ ٻي شادي پاڪستان مان ڪئي پر هي اڪثر پنهنجي زال سان جهڳڙندو هو۔۔۔ هي زال کي مارڪٽ به ڪندو هو۔۔ ۽ پئسن جي معاملي ۾ سندس هٿ تنگ هيو۔۔ ماء کائينس ايترو تنگ هئي جو کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو۔۔۔
    رشتي دارن سان بدتميزي ۽ والده سان برو رويو خاص غير اسلامي ۽ غير اخلاقي آهي۔۔۔ زال کي مارڻ، ٻارن کي ڍال بنائي دهشت ڦهلائڻ، فائرنگ ڪرڻ ۽ پوري رياست کي پنجن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکڻ۔۔۔ اهي سڀ قدم به اسلامي يا اخلاقي ناهن۔۔ ٻيو ته سڪندر پنجن ڪلاڪن تائين روڊ تي بيٺو رهيو۔۔۔ ٽي وي چينلز جا ڪيمرا کيس مسلسل ڏيکاريندا رهيا۔۔۔ ان دوران هي لوفرن وانگرن سگريٽ پيئندو ۽ دونهون ڪڍندو رهيو۔۔ ان دوران هن ڪا به نماز نه پڙهي۔۔۔ اهي عمل پڻ غير اسلامي آهن۔۔۔ پر هن جي مطالبي کي توهان ٻڌو۔۔ هن جو فرمان هو ته ۔۔۔ ”مان ملڪ ۾ اسلام نافذ ڪرڻ چاهيان ٿو۔۔۔ مان تيسين روڊ تان نه هٽندس جيسيتائين ملڪ ۾ شريعت نافذ نه ٿي ٿئي۔۔۔ ۽ هيء حڪومت ختم ٿيڻ گهرجي۔۔۔“
    سڪندر جي زال ڪنول سان سندس رويو پڻ ناشائسته هيو۔۔ هو تقريبن گاريون ڏئي رهيو هو۔۔۔ ڇا اهڙي رويي کي اسلامي چئي سگهجي ٿو۔۔۔ بلڪل به نه۔۔ پر ان باوجود۔۔ هو اسلام نافذ ڪرڻ چاهي پيو۔۔۔ مون کي سڪندر کي ڏسي ڪري اسلام تي تمام گهڻو قياس ۽ رحم آيو۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

هن صفحي کي مشهور ڪريو