افضل پنهور سميت جسمم ۽ جست جا 4 اڳواڻ مقابلو ڄاڻائي قتل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2013۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ پوليس افضل پنهور سميت جسمم جي ٻن اڳواڻن ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ٻن ڪارڪنن کي چڙهائي ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، ڪراچي ۾ ڊي ايس پي سميت 3 پوليس اهلڪار به مارجي ويا آهن، ڪالهه خميس ڏينهن صبح جو پنجين وڳي ڪراچي جي علائقي سفاري پارڪ ڀرسان مڌو ڳوٺ ۾ پوليس اٽالن چڙهائي ڪري ڏني، فائرنگ ۾ جسمم ضلعي اوڀر جي اڳواڻ ضامن شاهه ۽ جيئي سنڌ تحريڪ گهوٽڪي ضلعي جو نائب صدر اميد علي عرف سوڀل ڏهر ۽ مڌو ڳوٺ يونٽ جو نائب صدر اميد علي چاچڙ پوليس جي گولين جو کاڄ بڻجي ويا آهن. جڏهن ته فائرنگ ۾ ڊي ايس پي قاسم غوري ، اي ايس آءِ آصف ملڪ ۽ هيڊ ڪانسٽيبل مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس ڪارروائي دوران پوليس جي اسپيشل ڪمانڊوز رينجرز ۽ بڪتر بند گاڏين کي پڻ طلب ڪيو ويو، پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل قومپرست ڪارڪنن جا مڙهه گلستان جوهر ٿاڻي تي آڻڻ بعد شام جو دير جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم لاءِ آندا ويا. هوڏانهن واقعي ۾ پوليس هٿان مارجي ويل جسمم ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن جي قتل بعد جسمم ۽ جيئي سنڌ تحريڪ سوڳ جو اعلان ڪندي اڄ ڪراچي کان ڪشمور تائين واقعي خلاف هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ جسمم جي مرڪزي ترجمان رميش ڪمار جو چوڻ آهي ته پوليس رياستي دهشتگردي جو ثبوت ڏيندي قومي ڪارڪنن کي گهرن مان هٿين خالي گرفتار ڪري گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هو ته شهيد ضامن شاهه نج سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪن ۽ آزادي جو شهيد آهي. جنهن جي مٿان ڪو به ڪيس وغيره نه آهي، واقعي خلاف جسمم 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ٿي، هوڏانهن جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي ترجمان موجب پوليس هزارا ڳوٺ جي منشيات فروشن تي چڙهائي ڪئي، جنهن ۾ ڊي ايس پي ۽ ٻيا اهلڪار منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، ان کان پوءِ پوليس ڊرامو رچائي جسمم اڳواڻ جي گهر تي چڙهائي ڪري اڳواڻن کي هٿين خالي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف ايس ايس پي عمران شوڪت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٽئي ڄڻا ڏوهاري آهن، جن مٿان ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن، هن چيو ته پوليس تي گوليون هلائيندڙن کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو پوءِ ڇو نه انهن جو ڪنهن سياسي تنظيم سان تعلق هجي. واقعي بابت ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جسمم اڳواڻ ضامن شاهه جي ڀاءُ فنڪشنل ليگ جي مقامي ڪارڪن پريل شاهه ۽ ارشد شاهه، حفيظ شاهه سان مڌو ڳوٺ جي پلاٽ جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي نبيري لاءِ امتياز شيخ ۽ مقامي ڪاميٽي وٽ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون پڻ ٿيون هيون پر تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو هو، ڊي ايس پي ارشد شاهه جي ڌر جي ونگار وهندي پريل شاهه جي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ واقعو پيش آيو. زخمي اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ امان الله، ايس ايڇ او ملڪ سليم ۽ سپاهي حيدر زيدي شامل آهن، واقعي کان پوءِ پوليس پاران اضافي نفري طلب ڪري مڌو ڳوٺ ۽ حسين هزارا ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي 7 ڪلاڪ لاڳيتو سرچ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران ڪوريج لاءِ پهتل ميڊيا کي پوليس پاران انتهائي پري رکيو ويو، اهلڪارن صحافين سان منهن ماري به ڪئي، مڌو ڳوٺ جي ڳوٺاڻن موجب ته پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي بعد علائقي مان 21 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس عملدارن نالا ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي فنڪشنل ليگ اڳواڻ پريل شاهه جي زخمي هجڻ جا پڻ اطلاع آهن جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته پريل شاهه کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪوٽڙي ۾ پوليس جساف جسمم جي وائيس چيئرمين افضل پنهور کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو، جنهن جو لاش ڪوٽڙي تعلقي اسپتال پهچايو ويو، افضل پنهور سان گڏ هڪ زخمي ٻڌايو ته کيس ۽ افضل کي 14 آگسٽ جي هڙتال تي شام جو گرفتار ڪيو ويو، سخت تشدد بعد افضل کي ٻئي ڏينهن ئي شهيد ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ افضل جي کاٻي ٻانهن ڀڳل هئي، هن کي ڪارو ٽرائوزر پهريل هو، واقعن خلاف جسمم ۽ جيئي سنڌ تحريڪ اڄ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪوٽڙي ۾ اکين ڏٺن شاهدن مطابق پوليس جي وڏي اٽالي جانو پاڙي ڪوٽڙي وٽ گهيرو ڪري افضل کي کنڀيو ۽ قتل ڪيو، جساف جست جي مرڪزي اڳواڻ فتح چنه چيو آهي ته رياست تشدد ڪري قومي ڪارڪنن کي مارڻ جي سازش ۾ ملوث آهي، هنن سنڌ ڌرتي جي سپوتن کي پنهنجي مقصدن کان هٽائي نه ٿي سگهي، هن چيو ته افضل قومي ڪارڪن هيو، ڪوڙو مقابلو ڏيکاري افضل کي ٽارچر ڪرڻ بعد شهيد ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ قومپرست ڪارڪنن جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جسمم ۽ جست ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا، بڊاڻي ۽ بخشا پور ۾ هڙتال ڪئي وئي، ملير ۾ جسمم ڪارڪنن گورنر ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جيئي سنڌ تحريڪ ڪارڪنن آڪاش کٽي، علي بخش ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، موري ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن اشرف لغاري ۽ شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيئي سنڌ تحريڪ پاران ڪراچي جي ڳوٺ مڌو ۾ پوليس مقابلي دوران قومي ڪارڪنن جي قتل خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سهيل ابڙو، جاويد ڀٽي، آفتاب چنڊ ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي مڌو ڳوٺ ۾ پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي جسمم جي مرڪزي اڳواڻ ضامن علي شاهه، اميد علي عرف سوڀل ڏاهر، امير علي چاچڙ ۽ اربيلو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي نصيرآباد ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ جي ڪارڪنن بخش علي مغيري، اعجاز تنيي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جسمم ڪارڪنن گڊو ۾ اعجاز باغي، راجه آڪاش، حضرت الله مزاري، سرائي ظهير کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمور صادق آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جسمم پاران 14 آگسٽ تي هڙتال جي سڏ بعد رياستي ادارا جسمم اڳواڻن مٿان ڏمرجي پيا آهن. ڪشمور ۾ جسقم ڪارڪنن شاهه گل مزاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. سکر ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ڪارڪنن عيدن جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. بڊاڻي ۽ بخشا پور ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جسمم، جسقم، ايس يو پي ۽ جسم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مداح حسين شاهه، تجمل شاهه، لطيف کوکر، محمد نواز ڀٽو، اشرف چاچڙ، ضمير شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ڏاڏي جکراڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ضامن شاهه جي والد بچل شاهه عوامي آواز کي ٻڌايو ته مڌو ڳوٺ ۾ پوليس دهشتگردي جو مظاهرو ڪري منهنجي پٽ ۽ ان جي دوستن کي قتل ڪيو، هن ٻڌايو ته گهر تي حملو ڪري منهنجي پٽ کي ۽ دوستن کي گرفتار ڪري سرعام گوليون هنيون، هن چيو ته ڪو به مقابلو نه ٿيو، پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي رهي آهي. ڪراچي پوليس هٿان مڌو ڳوٺ ۾ مزدوري ڪندڙ جئي سنڌ تحريڪ ڪارڪن اميد علي عرف صوڀو کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجڻ واري اطلاع بعد اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ ٽڳ ۾ سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو سندس پوڙهو پيءُ خدابخش ۽ سندس ماءَ ۽ گهر واري کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا جڏنهن ته سندس پيءُ حواس وڃائي ويٺو آهي ان موقعي تي وارثن چيو ته اميد علي عرف صوڀو جئي سنڌ تحريڪ جو بنيادي ڪارڪن آهي هو ڪراچي ۾ مزدوري ڪري پنهنجي معصوم ٻاڙرن جو پيٽ پاليندو هيو ڪراچي پوليس ڪوڙو مقابلو ڪري اسانجي پٽ کي ناحق قتل ڪيو آهي هن جو قصور هيو ته هو سنڌي هيو ۽ جئي سنڌ تحريڪ جو ڪارڪن هيو ان خلاف رانوتي توڙي اوٻاوڙو ٿاڻي سميت ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ڪو نه آهي . مارجي ويل اميد علي کي 6 پٽ ۽ نياڻي جي اولاد آهي . جسمم چيئرمين شفيع برفت چيو آهي ته رياستي ڏاڍ قومي ڪارڪنن کي پنهنجي منزل تان هٽائي نٿي سگھي. جسمم اڳواڻ سيد ضامن شاهه، يامين چاچڙ ۽ اميد علي چاچڙ بهادري سان رياستي ادارن سان مقابلو ڪيو. قومي ڪارڪنن کي ڌاڙيل ڄاڻائي ماريو ويو. جسمم قومي اڳواڻن کي ڌرتي جي آزادي جو شهيد سمجهي ٿي. اهڙي خونِ ناحق تي جسمم پاران اڄ سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. ڪارڪن شهيد ضامن شاهه، شهيد يامين چاچڙ، شهيد اميد علي چاچڙ جي رياستي قتل خلاف مظاهرا ڪن. جسمم پاران سڄي سنڌ ۾ 10 ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) جي چيئرمين محترم شفيع محمد برفت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي غلامي خلاف 14 آگسٽ تي جسمم پاران ڪيل ڪامياب هڙتال کان پوءِ رياستي ادارن پنهنجي سفاڪي جو مظاهرو ڪندي جسمم ڪارڪنن کي شهيد ڪيو آهي.. 2009ع ۾ جسمم ڪارڪن شهيد ممتاز ڀٽو ۽ 2011ع ۾ جسمم اڳواڻ ذوالفقار ڪولاچي کي پڻ ڪوڙي بم ڌماڪي جي ذريعي شهيد ڪيو ويو هو. هاڻي ساڳي ريت قومي ڪارڪنن کي هڪ ڪوڙي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو آهي. جست سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي چيو ته اميد علي عرف صوبل ڏهر ۽ امير بخش چاچڙ پارٽي جا ورڪر ۽ ضامن شاهه قومي ڪارڪن هو، جن کي سليم ملڪ ٻاهران پوليس گهرائي زنده پڪڙي شهيد ڪيو آهي، مقابلو ڊرامو آهي، جست اهڙي عمل خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ٿي.
    مڌو ڳوٺ ۾ مارجي ويل اهلڪارن لاءِ 20، 20 لک رپين جو اعلان
    ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سفاري پارڪ ويجهو مقابلي ۾ ڊي ايس پي گلشن اقبال قاسم غوري سميت ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ 20 – 20 لک روپيا معاوضي ۽ شهيدن جي ٻارن کي پوليس ۾ هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد ٿيل پوليس عملدارن جي جرئتمندي ۽ بهادري جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته پوليس جا حوصلا بلند آهن ۽ اها دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ رات ڏينهن ڪوششن ۾ رڌل آهي. وڏي وزير زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
    افضل پنهور 2 سال اڳ کنڀيو ويو، 8 مهينن بعد آزاد ٿيو، ٻه مهينا اڳ شادي ٿي
    ڪراچي/دادو : ڪوٽڙي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جسمم جساف جي مرڪزي اڳواڻ افضل پنهور کي ٻه سال اڳ ۾ حيدر چونڪ حيدرآباد ڀرسان کنڀيو ويو هيو ۽ 8 مهينن کان پوءِ هو ٺٽو ڀرسان انتهائي زخمي حالت ۾ هٿ آيو هيو جنهن کان پوءِ مسلسل انتهائي ڪمزوري سبب سندس وارثن 6 مهينن تائين سندس علاج ڪرايو ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته افضل کي پنج ڀائر آهن ۽ هارپو ڪندڙ پورهيت جو پٽ هو جيڪو ڪاليج ۾ پڙهائي دوران جساف ۾ شامل ٿي سياست جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پهچڻ کان پوءِ هن جسمم جساف ۾ شموليت ڪري سياسي جدوجهد تيز ڪئي، سندس مارجڻ جي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، ۽ وارثن تڏو پڻ وڇائي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته جسمم جساف اڳواڻ افضل پنهور جو مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ وارث ڪوٽڙي روانه ٿي ويا آهن سندس مڙهه دادو آندو ويندو، ڪوٽڙي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جسمم جساف اڳواڻ افضل پنهور جي مائٽن 26 جون 2013 تي پنهنجي سئوٽ سان لائون لڌيون هيون، افضل پنهور جي دردناڪ واقعي جي اطلاع تي سندس زال کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. دادو ۾ 14 آگسٽ تي ڪريڪرن جي ڌماڪن، هڙتال ۽ واپاري حنيف آرائين جي قتل کان پوءِ دادو پوليس جسمم جساف اڳواڻ افضل پنهور جي گرفتاري لاءِ موندر ناڪو ڀرسان سندس گهر تي ڇاپو پڻ هنيو هو هٿ نه اچڻ تي ايس ايس پي دادو اعتزاز احمد گورايو جي حڪم تي سندس چاچي اي ايس آءِ اصغر پنهور کي معطل ڪري حراست ۾ وٺڻ بعد ڪواٽر گهاٽ ڪيو ويو هو، جنهن کي جسمم جساف اڳواڻ افضل پنهور جي قتل واقعي کان پوءِ آزاد ڪيو ويو آهي، مڌو ڳوٺ ۾ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل جسمم اڳواڻ ضامن شاهه بڊاڻي شهر جي شهنشاهه پاڙي جو رهواسي هو، جڏهن ته اميد علي عرف صوبل ڏهر ڏهرڪي شهر ۽ امير بخش چاچڙ بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ صيفل چاچڙ جو رهواسي هو، سياسي تنظيم سان وابستگي سبب ٽئي ڄڻا ڪراچي ۾ رهندا هئا.
    14 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ تي رياست ڪارروائي ڪئي: اسلم پٺاڻ
    ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) جسمم جي سينيئر وائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته 14 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ تي رياست جسمم ڪارڪنن ضامن شاهه ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پوليس اهلڪارن کي به رياست قتل ڪيو.
    [​IMG]
    ڪوڊ:
    http://awamiawaz.net/
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن جي شهادت سچ ته گهڻو غمگين ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي
    آ رت ۾ خوشبوء مهندي جي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    هن سنڌ جي بهادر ماءُ کي سلام آهي جيڪا پنهنجي سپوت پٽ کي ڌرتي ماءُ تي قربان ڪري پنهنجو فرض ۽ قرض ادا ڪيو....
    [​IMG]


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو