سوال اعجاز منگي 2962 اٽيچمينٽ ڏسو جنهن وقت سنڌ جي چئن قومي ڪارڪنن جا لاش اسپتال جي پوسٽ مارٽم روم ۾ رکيل هُئا، تنهن وقت اسلام آباد جي مُک رستي تي هڪ هٿياربند شخص دادا گيري جو مظاهرو ڪندي دارالحڪومت معرفت پوري ملڪ کي يرغمال بڻائي ويٺو هو. اُها ميڊيا جيڪا هر ماڻهوءَ جي جان توڙي مال جي حفاظت ڪرڻ واري فرض کي پنهنجو بنيادي حق سمجهندي آهي، سا پڻ اُن شخص کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي سلسلي ۾ ان وقت بضد بڻجي وئي، جنهن وقت ڏينهن جو سج مرگلا پهاڙين جي پويان تيزي سان لهڻ لڳو. اسلام آباد جي بلو ايريا جا سمورا دڪان بند ٿي چُڪا هئا، نيري وردي واري پوليس گرين بيلٽ تي پنهنجا خيما کوڙي چُڪي هُئي. ملڪ جي سموري ميڊيا جون ڪيميرائون اُن شخص جي مٿان فوڪس ڪري رهيون هيون، جيڪو پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سميت عجيب غريب مطالبا ڪندو رهيو. اُن شام ملڪ جا سمورا مشهور اينڪر عالمي صورتحال توڙي ملڪي سياست کي وساري پنهنجا پروگرام اُن شخص جي حوالي سان نشر ڪري رهيا هئا، جيڪو فلمي اداڪارن وانگر ٻنهي هٿن ۾ هٿيار لهرائي پوري ملڪ جي قانون توڙي انصاف کي ڌمڪائي رهيو هو. اُن شام ته حڪومت جو هر اهم فرد ميڊيا سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ تيار نه هو، باقي ٽي وي اينڪرن پاران ڪيل ڪالن جي موٽ ڏيندي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا رٽائرڊ بيوروڪريٽ ان سڄي صورتحال کي به تماشو قرار ڏئي رهيا هُئا ۽ چئي رهيا هُئا ته اِن شخص کي 15 منٽن جي اندر منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو. ڇو ته پاڪستان وٽ اهڙا هٿيار ۽ هٿيار هلائيندڙ موجود آهن جيڪي مرگلا جي چوٽيءَ تي ويهي به اُن شخص کي آساني سان نشانو بڻائي سگهن ٿا جيڪو اغوا ڪيل ڪار جي چوڌاري ٽِلي رهيو هو. پر هُن تي هڪ گولي به نه هلائي وئي. جڏهن ته هو هر کڙڪي تي فائرنگ ڪندو رهيو. اسلام آباد جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو مجموعي انداز اِهو ئي هو ته ان شخص کي بنا ڪنهن نقصان پهچائڻ جي گرفتار ڪيو وڃي. اُهو شخص جيڪو جديد مواصلاتي نظام سبب پوري دنيا جي ميڊيا جو مرڪز بڻيل هو ۽ پاڪستان جي اندر توڙي ٻاهر ميڊيا تي ويٺل ماهر اِهو ئي چئي رهيا هُئا ته جيڪو ملڪ پنهنجي گاديءَ واري شهر جي حساس ترين هنڌ کي هڪ اڪيلي دادا گير کي قابو نٿو ڪري سگهي اُهو دهشتگردن ۽ دشمن ملڪن جو ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندو؟ پر اُن جي باوجود پوري ملڪ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي چپن تي پُراسرار خاموشي پسجي رهي هُئي. حڪومت انسان دوستيءَ ۽ انساني زندگيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هُئي. اُها ئي حڪومت وساري ويٺي ته اُن ڏينهن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مدو ڳوٺ جي مٿان پوليس گولين جو مينهن وسائي ٽن قومي ڪارڪنن کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري اُنهن کي ڌاڙيل ظاهر ڪري چُڪي هُئي. جڏهن ته صوبائي توڙي وفاقي گهرو وزير ڪنهن به قسم جي انڪوائري ڪرائڻ ۽ حقيقتن کي پڌرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوئي به ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هُئا. هن ملڪ جي صوبن ۾ جيڪا سياسي ۽ سماجي وِٿي موجود آهي، اُن جي حوالي سان ته سنڌ هڪ اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ پيدا ٿيندڙ گُمسان جو پتو پاڪستان جي پاڙي کي نه پوندو آهي، پر اِهي نيوز چينل جيڪي هر ننڍي خبر کي “بريڪنگ نيوز” بڻائي پيش ڪندا آهن، اُهي سنڌ جي اُنهن شهرن ۾ به رات دير تائين ڏٺا ٿي ويا جيڪي شهر هڪ ڏينهن اندر چئن قومي ڪارڪنن جي قتل تي سراپا احتجاج هُئا. هڪ پاسي اهڙو شخص جيڪو شاهراههِ دستور تي دادا گيري ڪندي قانون کي بي معنائتو بڻائي رهيو هو، تنهن جي پُرامن گرفتاري جي لاءِ هزارين قانون نافذ ڪندڙ اهلڪار ڪنهن به قسم جي تڪڙ ڪرڻ کان ڊنل هُئا ۽ ٻئي طرف مدو ڳوٺ مٿان ڪلاڪن تائين انڌاڌنڌ گوليون وسائيندڙ پوليس اهلڪارن کان ڪنهن به قسم جو پڇاڻو نه ٿي ڪيو ويو. جڏهن ته ڪراچي ۾ هلندڙ اِن گهمسان دوران ڪوٽڙي جهڙي سنڌوءَ جي ڪپ تي به موجود ننڍڙي شهر ۾ ٽرين مٿان فائرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ کنڀيل هڪ نوجوان افضل پنهور کي پنجن فُٽن جي فاصلي تان گوليون هنيون ٿي ويون. اُهو نوجوان جنهن ڪُجهه وقت اڳي مٿي تي موڙ ٻڌا هُئا. اُهو نوجوان جنهن جي دل ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي لاءِ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جو جذبو هو. اُن نوجوان کي جُڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪندڙ قانون اسلام آباد واري تماشي جي پسمنظر ۾ ڇا ثابت ڪري رهيو هو؟ جيڪڏهن اهڙي صورتحال سبب قومي اسٽيجن تي جذباتي تقريرون ڪندڙ اڳواڻ ۽ ڪارڪن اِهو چوندا آهن ته “هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ٻه اکيائي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي” ته اُنهن جي ڳالهه کي جائز اهميت سان نه ٻڌو ويندو آهي. جڏهن ته خميس واري ڏينهن ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين وهندڙ خون جي لڪير ثابت ڪري رهي آهي ته هن رياست اندر هڪڙن انسانن جي لاءِ هڪڙو قانون آهي ۽ ٻين انسانن لاءِ ٻيو قانون آهي. هن رياست جا ڪرتا ڌرتا اِها حقيقت ڇو نه ٿا سمجهن ته جڏهن قانون اهڙي ٻيائيءَ سان ٻيلهه ٿي ويندو آهي، تڏهن سماجي تلخي سياسي انتشار جي صورت اختيار ڪري اُن بغاوت جي باهه ڀڙڪائيندي آهي جنهن بغاوت جا اُلا هن وقت وچ اوڀر جي ڀونءِ تي ڀڙڪي رهيا آهن. هن وقت جڏهن مصر ۾ هٽايل حڪومت جا حامي مصري فوج پاران مظاهرو ڪندڙن مٿان ٽينڪون چاڙهڻ ۽ مسلسل مشينون هلائڻ جي باوجود پنهنجا پير پٺتي ورائڻ جي لاءِ تيار ناهن ۽ جڏهن مصر ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ اسپتالون ڀرجي وڃن ۽ گهايل انسان مسجدن ۾ آڻي بچايا وڃن پر اُن جي باوجود احتجاجي انسانن جا جوش ۽ ولولا ٿڌا ٿيڻ لاءِ تيار نه هُجن ته پوءِ اِن صورتحال ۾ هر ملڪ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن توڙي حڪومتن کي ممڪن نتيجن جي حوالي سان اک پٽڻ گهرجي. پر پاڪستان ۾ هن وقت تائين قانون کي هڪڙن انسانن جي حفاظت ۽ ٻين انسانن جي رتوڇاڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ مٿان ان قسم جا افسوسناڪ اظهار ٿي رهيا آهن ته آخر هن ملڪ ۾ لسانيت ۽ صوبائيت جي فضا ڇو وڌي ويجهي رهي آهي؟ جڏهن هڪ صوبي سان تعلق رکندڙ هڪ غنڊي ۽ بدمعاش قسم جي ماڻهو سان اهڙو مهذب انساني سلوڪ اختيار ڪيو وڃي جهڙو آمريڪا ۽ يورپ ۾ به قانون ٽوڙيندڙن سان اختيار نه ڪيو ويندو آهي ۽ ٻئي طرف سياسي ذهن رکندڙ نوجوانن جو رت بيدردي سان وهايو وڃي ته پوءِ اِهي ويڇا ڇو نه وڌندا؟ مدُو ڳوٺ ۾ شهيد ٿيل اِهي ٽيئي نوجوان سياسي سمجهه ۽ شعور سان لاڳاپيل هُئا. جنهن وقت اُنهن جي مٿان گوليون وسي رهيون هيون ته اُن وقت هو ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي فونون ڪري ٻڌائي رهيا هئا ته ورديون پاتل وحشي اُنهن کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. اُنهن اهڙيون فونون صرف شاهه لطيف جي ٻولي وارن ادارن ۾ نه ڪيون. پر نام نهاد قومي ميڊيا جا در به کڙڪايا پر اُنهن کي ڪٿان به انصاف نه مليو. نام نهاد قومي ميڊيا اُنهن کي پوليس جي موقف مطابق ڌاڙيل قرار ڏئي ڇڏيو. ڇا جسمم سان تعلق رکندڙ ضامن علي شاهه، جيئي سنڌ تحريڪ جو سوڀل علي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جو امير علي ڌاڙيل هُئا؟ اُنهن خلاف سنڌ جي ڪيترن ٿاڻن تي ڪيتريون ايف آءِ آرون داخل ٿيل هيون؟ هڪ طرف ڪراچي پوليس لياري ۾ ليئو پائي نٿي سگهي. وڏا آفيسر عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن. پر سنڌي ڳوٺن جي مٿان اُنهن جون چڙهايون اهڙو معمول ٿي ويون آهن جهڙو معمول سنڌ جي تاريخ ۾ اُنهن حملن جو هوندو هو جيڪي حملا هن پُرامن ديس جي مٿان ڌاريا ڪندا هُئا. جنهن وقت سنڌي ماڻهو ارغونن ۽ تُرخانن جي گهوڙن جا آواز ٻڌڻ جي لاءِ پٽ تي ڪُٽ جي وٽن مٿان پنهنجا ڪن رکي سُمهندا هُئا ته جيئن آڌي رات جو ايندڙ خوني لشڪرن کان پنهنجا ننگ ۽ ننڍڙا ٻار بچائي سگهن. هاڻي ايڪويهين صدي پنهنجي تيرهين سال ۾ تري رهي آهي ۽ عالمي برادري انسانن جو احترام ڪرڻ جي حوالي سان مسلسل دانهون ڪري رهي آهي، پر هن ڌرتي تي ٿيندڙ ظلمن جا آواز عالمي ادارن تائين ته ڇا پر ملڪ جي ادارن تائين به نٿا پهچن. هڪ نوجوان سنڌ يونيورسٽي جهڙي علامتي سرزمين تان کنڀيو وڃي ٿو ۽ ڪُجهه ڪلاڪن کانپوءِ ڪُجهه فُٽن جي فاصلي تان هلايل گولين ۾ پروڻ ٿي سندس لاش وارثن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. پر هُن جي لاءِ سندس مٽن مائٽن توڙي سياسي وارثن جو آواز اُن اسلام آباد جي ايوانن تائين نٿو پهچي جتي هڪ دادا گير ۽ دهشتگرد کي پنجن ڪلاڪن تائين پناهه جي پانڌ ۾ رکيو وڃي ٿو. ڇا انصاف جا اُهي عظيم ادارا جن جي سرگرمي ملڪي سياست جو مرڪز بڻجي وئي آهي، اُهي اهڙي انياءَ خلاف تحرڪ ۾ ايندا؟ ڇا اِنهن معصوم نوجوانن جا لاش جيڪي مٽي ماءُ جي هنج حوالي ٿي چُڪا آهن، تن سان انصاف ٿيندو؟ ڇا عدليا اهڙن قتلن جو ڪوئي نوٽيس نه وٺندي جيڪي عدالت کان مٿانهان قتل قرار ڏنا ويندا آهن؟ جيڪڏهن هن وقت رياست ۽ حڪومت جا ڌڻي سائين بلوچستان ۾ ٻرندڙ باهه جي حوالي سان پريشان آهن ۽ حڪومت بلوچ ويڙهاڪن سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته پوءِ بلوچستان جي باهه وسامڻ کان اڳ ۾ سنڌ کي گولين سان ساڙڻ واري روش ڇو پئي اختيار ڪئي وڃي؟ ڇا سنڌ هڪ اهڙي سرزمين آهي جتان جي رهواسين لاءِ ڪوئي قانون پنهنجا ڪتاب کڻي وِک نه وڌائيندو؟ هن دنيا جي موجوده دور ۾ ته جانورن ۽ پکي پکڙن جا به بنيادي حق بيان ڪيا وڃن ٿا. پر اهڙي ماحول ۾ سنڌ جي سپوتن کي گولين سان ڇاڻي ۽ مٿان ڏوهاري هجڻ جي تهمت مڙهي وڃي ٿي ۽ پورو ملڪ ماٺ جي مُورت بڻيو نظر اچي ٿو. اِها صورتحال گهڻي وقت تائين قائم رهي ته پوءِ قانون پنهنجو وجود ڪيئن برقرار رکي سگهندو ۽ انصاف پنهنجو درشن ڪيئن ڪرائي سگهندو؟ ۽ انسانيت سنڌ جي سرزمين تي ساهه ڪيئن کڻي سگهندي؟ جڏهن ٻيائيءَ جو ٻک ايترو شديد هُجي ته پوءِ ويڇا وڌڻ وارو عمل يقيني طور تي فطري بڻجي ويندو آهي ۽ فطرت جون سرڪش قوتون پنهنجا رستا پاڻ ٺاهينديون آهن. هڪ رستو شاهراهه دستور وارو آهي، جتي هڪ دادا گير کي پنجن ڪلاڪن جي منٿن ميڙن کانپوءِ جيئرو گرفتار ڪري پمز پهچايو ويو ۽ ٻئي طرف ڪوٽڙي کان وٺي ڪراچي تائين لهوءَ جي اُها لڪير به هڪ رستو ٺاهي رهي آهي، جيڪو رستو لازمي طور تي پنهنجي منزل جو پڇاڻو ڪندو. ڇا اهڙي ماحول ۾ مجرماڻي ماٺ اختيار ڪندڙ مسلم ليگ جي حڪومت سڀاڻي اِها دعويٰ ڪري سگهندي ته اسان مظلوم صوبن جي محڪوم ماڻهن کي انصاف ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪئي!!!؟؟