نئين مڪاني نظام جو مسودو بل جي صورت ۾ پڌرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    نئين مڪاني نظام جو مسودو بل جي صورت ۾ پڌرو


    سنڌ حڪومت پاران تجويز ڪيل نئين مڪاني نظام جو مسودو بل جي صورت ۾ پڌرو ڪيو ويو. جنهن تحت مڪاني حڪومتن کي سمورا ميونسپل سروسز وارا اختيار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته زمينن جي مالڪي سميت سنڌ حڪومت سمورا اختيار پاڻ وٽ رکيا آهن..نئين مڪاني نظام ۾ گهڻي ڀاڱي اهي سموريون شقون شامل آهن، جيڪي 1979 ع واري مڪاني نظام ۾ هيون، جڏهن ته ڪجهه شقون جنرل پرويز مشرف واري مڪاني نظام جون به شامل ڪيون ويون آهن..ڪالهه سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ويب سائيڊ تي جاري ڪيل سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع مطابق سنڌ ۾ فقط هڪ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪراچي ۾ 5 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ هڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ باقي ضلعن ۾ميونسپل ڪارپوريشن ، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل ڪميٽيون ٺاهيون وينديون.شهرن ۾ وارڊ سسٽم ۽ ٻهراڙين ۾ يونين ڪائونسلون هونديون.سنڌ سرڪار پاران پڌري ڪيل نئين مڪاني نظام ۾ 35 لک کان وڌيڪ آباديءَ تي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن 30کان 35 لک کان وڌيڪ آبادي تي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ 30 هزار کان 3 لکن تائين ميونسپل ڪميٽي، 5 هزار کان 30 هزار تائين ٽائون ڪميٽي قائم ڪئي ويندي..ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي اڳوڻا اهي سمورا اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪي جنرل پرويز مشرف واري نظام کان اڳ ڏنل هئا ۽ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪو به اختيار ڪي ايم سي کي منتقل نه ڪيو آهي.جڏهن ته ڪي ايم سي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽائون ڪميٽين کي صحت ۽ تعليم بابت اختيار منتقل ڪرڻ بجاءِ انهن ٻنهي ادارن جي غلطين جي نشاندهي بابت صوبائي حڪومت کي آگاهه ڪرڻ وارو ڪم ڏنو ويو آهي..يونين ڪائونسل هڪ چيئرمين، وائيس چيئرمين، چار جنرل ميمبر هڪ عورت ميمبر هڪ پورهيت، هاري ۽ هڪ مسلم تي ٻڌل هوندي، يونين ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ جنرل مشرف واري نظام تحت گڏيل جوڙي جي صورت ۾ ٿيندي.يونين ڪائونسل جا چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن يا ضلعي ڪائونسل ۽ وائيس چيئرمين ميونسپل يا ٽائون ڪميٽي جا ميمبر هوندا.نئين نظام تحت چونڊون جماعتي بنيادن تي ٿينديون ۽ ڪو به آزاد اميدوار پڻ چونڊ وڙهي سگهندو، چونڊون اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو