السلام عليڪم ورحمت الله دوستو اميد آهي خيريت سان هوندا۔۔۔ دوستو مونسان هڪڙو مسئلو درپيش آيو آهي مهرباني ڪري حل ڪندا۔۔۔مسئلو هئ آهي ته منهنجي ڪمپيوٽر ۾ 500 جي بي هارڊ ڊسڪ لڳل آهي جنهنجا 6 پارٽيشنس ٺهيل آهن۔۔۔هڪڙي پارٽيشن کي 100 جي بي اِسپيس ڏنل آهي ان ۾ مواد 60 يا 70 جي بي تائين پيل آهي پر اها تقريبن فُل پئي ڏسي ۔۔۔ مون سوچيم متان ڪٍجھ هِڊن فائيلز هجن پر اهي به ڪونه هئا ۔۔۔۔ ٻين پارٽيّشن ۾ به اهو مسئلو مليو دوستو آخر اها هروڀرو ميمري ڪاڏي ٿي وڃي ۔۔۔ مهرباني ڪري مسئلي جو حل ڏسيندا۔۔
ادا عمران۔۔هارڊ ڊسڪ کي ڪنهن اينٽي وائرس پروگرام ذريعي اسڪين ڪري ڏسو۔۔يا پنهنجي ڊيٽا ڪنهن ٻئي هنڌ محفوظ ڪري پو پوري هارڊ ڊسڪ فارميٽ ڪندؤ ته به مسئلو حل ٿي سگهي ٿو۔ وڌيڪ اسان جوپيارو ڀا ذيشان رشيد ضرور ان جو ڪو سُٺو حل ٻُڌائي سگهي ٿو۔
ادا ممتاز مان به ائين ئي ڪندو آهيان پر هاڻي هجي 3 ، 4 جي بي جا ڳالھ ته ڪيان به سهي هئ ڳالھ آهي 500 جي بي جي ايڏي ڊيٽا مان ڪاڏي ڪيان ۽ ٽرانسفر ڪرڻ ۾ به ڪافي وقت لڳي ويندو ضرور ان جو ڪو آسان حل هوندو۔۔۔۔
ادا انشاءَ الله توهان جو مسئلو سنڌ سلامت جا دوست جلد حل ڪري وٺندا۔ ادا سڀ کان پهرين توهان وٽ اگر ونڊوز ايڪس پي آهي ته ماءِ ڪمپيوٽر کولي اُن ۾ ليفٽ ڪلڪ ڪري پروپرٽيز کوليو تصوير هيٺ آهي ۔ 2974 اٽيچمينٽ ڏسو باقي هن تصوير کي ڏسو ۔ انشاءَ الله توهانجو مسئلو حل ٿي ويندو ۔ 2975 اٽيچمينٽ ڏسو اگر هن ذريعي مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ هن لنڪ کي فالوڪريو ۔ Start > Proograms > Accessories > Syestem tools > Disk Defargmenter.