مليريا ۽ مڇر انسان جا جاني دُشمن....!!

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    گرمين جي ايندي ئي مڇر به ڪُنڊن پاسن کان نڪري ايندا آهن ۽ نه صرف راتين جون ننڊون ۽ سڪون حرام ڪندا آهن پر مليريا جهيڙي مهلڪ بيماري جو به ڪارڻ بڻجندا آهن۔ هي بيماري ڪنهن به موسم ۾ ٿي سگهي ٿي پرعام طور تي آگسٽ کان ڊسمبرجو عرصو نهايت خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو۔ اسان سڀني کي هن بيماري بابت بنيادي ڄاڻ رکڻ گهرجي ته جيئن احتياطي قدم کڻي هن جان ليوا بيماري کان پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي بچائي سگهجي۔
    [​IMG]
    دنيا ۾ هر سال تقريبن 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مليريا جو شڪارٿيندا آهن ۔ جن مان 15 لک کان 27 لک پنهنجي جان کان به محروم ٿي ويندا آهن۔ پاڪستان ۾ هر سال 50 هزار اهڙا ڪيس سامهون اچن ٿا۔ مليريا جي بيماري جي شدت ۽ مهلڪ هئڻ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته صحت واري عالمي اداري (world Health Organization) پنهنجي قائم ٿيڻ بعد فوري طور تي مليريا جي خلاف جدوجهد کي پنهنجن بنيادي اصولن ۾ شامل ڪري ڇڏيوهو۔
    مليريا ڇا آهي۔۔؟
    مليريا (Malaria) ٻن لفظن Mal يعني خراب، ۽ Aria يعني هوا جو مرڪب آهي۔ قديم دور ۾ خيال ڪيو ويندو هو ته هي بيماري ڌُٻڻ ۽ بيٺل پاڻي جي آبي بخارن يا خراب هوا مان لڳي ٿي۔
    ڪافي عرصي بعد فرانس جي هڪ طبيب ليوران 1880ع ۾ اهو دريافت ڪيو ته هن بيماري جو اصل ڪارڻ هڪ پيراسائيٽ پلازموڊيم آهي۔ 9 سالن جي تحقيق کانپو هن اهو به معلوم ڪري ورتو ته اهي جراثيم مڇرن جي چڪ پائڻ سان انساني جسم ۾ منتقل ٿين ٿا۔
    [​IMG]
    ماده مڇر بيٺل پاڻي ۾ بيضا ڏيندي آهي، انهن مان لاروا نڪرندا آهن جيڪي پيوپا ٺهي ويندا آهن۔ پيوپا وري بالغ ٿي مڪمل مڇر بڻجي ويندا آهن۔ لاروا ۽ پيوپا پاڻي ۾ رهندا آهن جڏهن ته مڇر پاڻي مان اُڏري انساني رت چوسيندا آهن ۽ بيماريون ڦهلائيندا آهن۔
    [​IMG]
    بيٺل پاڻي کي مڇرن جي نرسري چئجي ته غلط ڪو نه ٿيندو۔ ان ڪري ڌُٻڻ يا بيٺل پاڻي جي آبي بخارن کي هن بيماري جو ڪارڻ سمجهندڙ قديم دور جا ماڻهو حقيقت جي ڪافي ويجهو هئا۔
    مليريا جا چا قسم آهن۔
    • پلازموڊيم مليري (Plasmodium malariae)
    • پلازموڊيم او ويل (Plasmodium ovale)
    • پلازموڊيم وائي ويڪس (Plasmodium vivax)
    • پلازموڊيم فيلسي پيرم (Plasmodium falciparum)
    اصل دشمن ماده مڇر (Anopheles mosquito)آهي۔۔۔
    ياد رهي ته مليريا هر مڇر جي چڪ پائڻ سان نه ٿيندي آهي پر مڇرن جي هڪ خاص نسل (Anopheles mosquito) هن بيماري کي انساني جسم ۾ داخل ڪري ٿي۔ اينافليز(Anopheles) هڪ يوناني لفظ آهي جنهن جي معنى آهي نقصانڪار، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مڇرن جي غذا صرف انساني رت آهي جڏهن ته پلازموڊيم مڇرن مان پنهنجي غذا حاصل ڪري ٿو۔ اهڙي طرح هن مرض جو جراثيم ٻن مرحلن ۾ انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿو۔
    جڏهن ماده مڇر (Anopheles mosquito) انسان کي چڪ پائي ٿي ته ان جا اسپوروزوئاٽس (sporozoites) انساني رت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا ۽ رت جي گردش جي ذريعي جگر تائين پهچن ٿا۔ جگر ۾ اهي اسپوروزوئاٽس (sporozoites) بالغ ٿي رت جي ڳاڙهن جزن (Red Blood Cells) کي متاثر ڪن ٿا ۽ اهي اسپوروزوئاٽس تبديل ٿي گيميٽوسائيٽ (Gametocyte) پڻ بڻجي وڃن ٿا۔
    [​IMG]
    جڏهن ڪا ٻي ماده مڇر ان ماڻهو کي چڪ پائيندي آهي ته رت پيئڻ سان گڏ اهي جراثيم به مڇر جي معدي ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ ان ماده مڇر جي ٿُڪ ٺاهيندڙ غدودن ۾ وڃي رهڻ لڳن ٿا۔ اهڙي طرح اها ماده مڇر جنهن کي به چڪ پائيندي ته مليريا جا جراثيم (sporozoites) به ان جي جسم ۾ داخل ڪريوڇڏي جنهن سان اهو انسان مليريا جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔

    مليريا جو علامتون۔۔۔۔۔
    مليريا هڪ موسمي بخار آهي جنهن ۾ انسان کي تيز بخار وقفي وقفي سان ٿئي ٿو يعني گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي۔
    • مريض کي سخت سردي ۽ ڏڪڻي ٿيندي آهي۔
    • ڏندن وڄندا آهن۔
    • ڏڪڻي ۽ بخار کانپو مريض کي گرمي لڳندي آهي ۽ ان جو بخار 104 يا 105 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي۔
    • مٿي ۾ سُور، دل خراب ۽ اُلٽيون ٿينديون آهن۔
    • مريض کي پگهر اچڻ کانپو بخار لهندو آهي۔
    ٻيون علامتون۔۔
    • نزلو، زڪام
    • سڄي جسم ۾ سور
    • کنگهه
    • دست
    پلازموڊيم فيلسي پيرم جراثيم سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي۔ ان جي موجودگي سان جسم جي مختلف حصن مان رت جاري ٿي سگهي ٿو، جگر ۽ گردا به خراب ٿي ويندا آهن۔ هي جراثيم سڀ کان شديد حملو دماغ تي ڪندو آهي۔ دماغي تڪليف ۾ انسان ڪوما ( تمام گهري ننڊ، بيهوشي) ۾ وڃي سگهي ٿو۔ مليريا جي ڪري جسم جو رت ٽٽڻ لڳندو آهي جنهن ڪري مختلف انفيڪشن لڳي ويندا آهن ۽ انسان جي زندگي کي خطرو لاحق ٿيو وڃي ۽ وقت سر علاج نه ٿئي ته انسان فوت به ٿي سگهي ٿو۔

    هلندڙ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مليريا جي سُڃاڻپ
    [​IMG]
    مريض ۾ مليريا جي مخصوص علامتن جو هجڻ ۽ سندس رهائش به اهڙي علائقي ۾ هجي جتي بيٺل پاڻي جا تلا موجود هجن ته مليريا جي بيماري جو امڪان وڌي وڃي ٿو۔ ڊاڪٽر اڪثر ڪري ان تفصيل مان ئي مليريا جي سُڃاڻپ ڪري وٺندا آهن۔ ان کان علاوه هر علائقي ۾ ڪو هڪ مخصوص قسم جو جراثيم (پلازموڊيم) حملو ڪندو آهي، ان جي ڄاڻ به ان علائقي جي ڊاڪٽر کي هوندي آهي تنهن ڪري مليريا جي ٽيسٽ ڪرائڻ هر ڪيس لا ضروري نه آهي ۽ ان کان بغير به مليريا جو علاج شروع ڪري سگهجي ٿو۔ پر ڊاڪٽر کي شڪ هجي ته پو ٽيسٽون ڪرائڻ ضروري آهن۔
    ترقي يافته ملڪن ۾ مليريا جي سُڃاڻپ لا هيٺيون ٽيسٽون ڪرايون وڃن ٿيون۔
    • آر ڊي ٽي (Rapid Diagnostic Test)
    • پي سي آر (Polymerase Chain Reaction)
    • بلڊ سميئر ايم پي (Blood smear MP)
    [​IMG][​IMG][​IMG]
    ترقي پذير ملڪن ۾ آر ڊي ٽي ۽ پي سي آر ٽيسٽون مهانگيون هجڻ ڪري تمام گهٽ ڪرايون وڃن ٿيون۔ بلڊ سميئر ٽيسٽ مان پلازموڊيم جي موجودگي جي پڪ ٿي ويندي آهي۔ هي مشڪل ٽيسٽ به نه آهي پر ان جي درست رزلٽ جو دارومدار سلائيڊون ٺاهيندڙ ۽ ان جو معائنو ڪندڙ ٽيڪنيشن تي آهي۔
    [​IMG]
    مليريا جي بيماري اينافليز مڇر جي چڪ پائڻ جي فورن بعد نه ٿيندي آهي۔ جسم ۾ جراثيم داخل ٿيڻ کان وٺي علامتون ظاهر ٿيڻ وارو عرصو اڪثر ڪري 7 ڏينهن کان 21 ڏينهن تائين ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته بيماري ظاهر ٿيڻ ۾ سال به لڳي ويندا آهن۔
    مليريا جو علاج
    مليريا جي علاج لا ٽن ڳالهين جو خاص طور تي خيال رکيو ويندو آهي۔
    • پلازموڊيم جو قسم۔
    • مريض جي ڄاڻ مثال طور: ٻار ، پوڙهو ، عورت (حامله آهي يا نه)
    • درست دوا جي چونڊ۔ ڊاڪٽر پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ مطابق دوا جي چونڊ ڪندو آهي۔ پلازموڊيم جي قسم ۽ ان علائقي جي جاگرافيائي گهرج مطابق دوا ڏني ويندي آهي۔ خاص طور تي پلازموڊيم فيلسي پيرم ۾ بنا دير جي دوا شروع ڪرڻ گهرجي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته انجيڪشنن جي به ضرورت پوندي آهي۔
    [​IMG]
    مليريا جو دوائون انساني جسم لا تمام گهڻيون نقصانڪار به ٿي سگهن ٿيون انڪري پنهنجي مرضي سان يا ڪنهن عطائي معالج جي تجويز ڪيل دوا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔
    [​IMG] [​IMG]
    مليريا جون دوائون حامله عورت ۽ ٻارن لا خاص طور تي خطرناڪ آهن۔ انهن جي غير ضروري استعمال سان ٻار جي ضايع ٿيڻ يا پيدائشي نقص ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو۔
    • پوري دنيا ۾ هر سال اٽڪل ڏهه کان ويهه لک ٻار مليريا جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿا۔
    • جيڪي حامله عورتون مليريا جي وبا وارن علائقن جو سفر ڪن، انهن لا سخت ضروري آهي ته اهي ڪنهن مستند ڊاڪٽر کان مليريا جي بچا جون هدايتون ۽ دوائون وٺي پو ان علائقي جو سفر ڪن۔
    [​IMG]

    مليريا کان بچا جون حفاظتي تدبيرون
    گهر جي گندگي ۽ پاڻي جي نڪاسي جي درست نظام کانسوا مليريا کان بچڻ ممڪن نه آهي۔ان کان علاوه هيٺين حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪرڻ سان پاڻ کي ۽ پنهنجي آس پاس رهندڙ پنهنجن پيارن کي مليريا جهيڙي موذي مرض کان محفوّظ رکي سگهجي ٿو۔
    [​IMG]
    • گهر ۽ پنهنجي علائقي جي آسپاس پاڻي جمع ٿيڻ نه ڏيو۔ڪنهن کڏي ۾ اگر پاڻي جمع ٿي ويو آهي ته ان مٿان گاسليٽ هاري مٽي وغيره سان ڍڪي ڇڏيو۔
    • گهر جي اندر خاص طور تي بورچي خاني ۾ گندگي جا ڍير جمع نه ڪريو، پنهنجي گهر کي هميشه صاف سٿرو رکڻ گهرجي۔
    • صبح جو سوير ۽ شام جي وقت مڇر گهرن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ ان وقت تمام گهڻي احتياط جي ضرورت آهي۔
    • اگر ممڪن هجي ته گهر جي سڀني در ۽ درين تي ڄاريون لڳرائي ڇڏيو۔
    • مڇر دانين جو استعمال ، جسم جي کليل حصن تي مڇر مار لوشن جو استعمال ۽ ڪمري ۾ مختلف ماسڪيٽو اسپري به فائيديمند آهن۔
    • مليريا ۽ مڇرن جي موسم ۾ اهڙي لباس جو استعمال ڪريو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ جسم ظاهر ٿئي۔
    (الشفا نيوز، نيٽ ۽ مختلف ميڊيڪل جي ڪتابن تان ورتل)
    صحت بابت ڄاڻ پاڻ به حاصل ڪريو ۽ ٻين تائين به پهچايو
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ماشاءِ الله جزاڪ الله بهترين ڄاڻ ۔
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    تمام سٺي ونڊ، سهڻو ڪم، ڀلي ڪاوش، وقتائتي ضرورت موجب مفيد معلومات، مولا اوهان کي ان جو اجورو عطا فرمائي۔ اميد ته اهڙيون ونڊون جاري رکندا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ۔۔۔ سچ ته بهترين مضمون آهي

    اڄڪلهه برسات کانپوء مڇرن ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي، تنهنڪري اسانکي پنهنجي صحت کي صحيح رکڻ لاء هن ليک کي پڙهي ان تي عمل ڪرڻ سان گڏ ٻين تائين به اها معلومات پڄائڻي آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام تفصيلي مضمون تصويرن سان مزين ڪري پيش ڪيو ويو آهي توهان کي جس هجي جو هيتري محنت ڪري دوستن جي فائدي لاء هي مضمون شيئر ڪيو اٿوَ الله تعالى توهان کي شاد و آباد رکي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين مضمون پاڻ ڳالهائي ٿو ، ڇا تعريف ڪري تعريف ڪجي ، الله اوهان کي هن جو سٺو اجورو ڏيندو ، خلق جي خدمت جو هڪ سٺو سلسلو جاري رکندا پيا اچو ، اڳتي به ساڳي اميد رکجي ٿي ، والسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. گل شير احمد ڀلائي

    گل شير احمد ڀلائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيبل آپريٽر
    ماڳ:
    جده سعودي عرب
    ماشاالله تمام خوبصورت سمجھاڻي آ الله سائين اوھان سميت سڀني مسلمانن ڀائرن کي اجر عظيم عطا ڪري آمين يارب ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو