((( لازمي نه آهي ته هڪ ئي دوست سڀ جواب ڏئي، جنهن کي جيتري ڄاڻ آهي ان مطابق پر خالص سنڌي ٻولي ۾ جواب ڏئي ته لک لائق ۔۔۔)))) سنڌ ۾ ڪيتريون ڊويزنون آهن، ڊويزنن جا نالا ڄاڻايو؟؟ جواب: سنڌ ۾ ڪيترا ضلعا آهن، ضلعن جا نالا ڄاڻايو؟؟ جواب: برائي مهرباني هر ڊويزن ۾ موجود ضلعن جا نالا ڏيندا؟ سنڌ اندر ٽوٽل ڪيترا تعلقا آهن؟؟ جواب؟؟
بس يار ڪي ڏينهن هئا جڏهن سڀ جواب ايندا هئا۔۔۔۔ هاڻي ته ضلعن جي ٽوڙ ڦوڙ کانپوء ڪجهه ياد ئي ناهي رهيو۔ پوء به لوڪل باڊيز سان لاڳاپيل دوست يا ڪنهن اهڙي دوست کي گهرجي ته مدد ڪري جيڪو ڪامپيٽيشن جي امتحانن جي تياري ڪندي سڀ جواب ڄاڻي پيو۔
ادا عمران سومرو صاحب توهان اسان سڀني دوستن کي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي هاڻي ڪوشش ڪري اوهان جي سڀني سوالن جو جواب ڪو نه ڪو دوست ضرور ڏيندو اسان ته بس ڪئي۔
سنڌ ۾ ڪل 5 ڊويزنون آهن 1۔ ڪراچي 2۔ حيدرآباد 3۔ ميرپور خاص 4۔ سکر 5۔ لاڙڪاڻو جيڪڏهن ڪراچي کي هڪ ضلعو سمجهجي ته پوء سنڌ ۾ 23 ضلعا ٿيندا ۽ جيڪڏهن ڪراچي کي پنجن ضلعن ۾ ورهايو ته پوء سنڌ ۾ 27 ضلعا ٿيندا ڪراچي ڊويزن 1۔ ڪراچي حيدرآباد ڊويزن 2۔ بدين 3۔ ٺٽو 4۔ حيدرآباد 5۔ ڄامشورو 6۔ دادو 7۔ ٽنڊو محمد خان 8۔ مٽياري 9۔ ٽنڊو الهيار ميرپور خاص ڊويزن 10۔ عمر ڪوٽ 11۔ ٿرپارڪر 12۔ سانگهڙ 13۔ عمر ڪوٽ سکر ڊويزن 14۔ نوشهرو فيروز 15۔ بينظير آباد (نوابشاهه) 16۔ خيرپور 17۔ سکر 18۔ گهوٽڪي لاڙڪاڻو ڊويزن 19۔ لاڙڪاڻو 20۔ قنمبر / شهدادڪوٽ 21۔ جيڪب آباد 22۔ ڪشمور 23۔ شڪارپور
لک لائق سائين سليمان وساڻ صاحب توهان تمام بهترين طريقي سان ضلعن ۽ ڊويزنس جي ڄاڻ ڏني آهي۔ دوستن جو انتظار آهي ته تعلقن جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ته مهرباني ٿيندي۔۔ ۔
ادا عمران هرڪو دوست پنهنجي پنهنجي ضلعي جي معلومات ڏيندو ته به ڪافي معلومات جمع ٿي ويندي۔ نوشهرو ضلع ۾ پنج تعلقا آهن 1۔مورو 2۔ڻوشهرو فيروز 3۔ڀريا 4۔ڪنڊيارو 5۔محراب پور هن ضلعي ۾ تقريبا 51 يوسيون آهن۔
تعلقن جا تفصيل وڪيپيڊيا جي هن لنڪ تي موجود آهن ۔۔۔۔ پر انهن ۾ شايد ڪجهه گهٽتايون آهن۔ پر پوء به 98 فيصد درست آهن۔
خيرپور ضلعو تاريخي رياست هجڻ ڪري ان جي جاگرافيائي حدن سان ڪابه ڦير گهير ناهي ٿي۔ خيرپور ضلعي ۾ اٺ تعلقا آهن۔ 1۔ خيرپور 2۔ نارو 3۔ ڪوٽڏجي 4۔ ڪنگري 5۔ گمبٽ 6۔ سوڀوديرو 7۔ فيض گنج 8۔ ٺري ميرواهه
ٺٽي ۾ منهنجي ڄاڻ موجب هيٺيان تعلقا آهن۔ ٺٽو تعلقو سجاول تعلقو ميرپور بٺورو جاتي شاهه بندر ڪيٽي بندر گهوڙا ٻاري ميرپور ساڪرو (مٿي ميرپور خاص ڊويزن ۾ عمر ڪوٽ ٻه دفعا لکجي ويو آهي ۽ ميرپور خاص لکڻ رهجي ويو آهي۔)
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ منهنجي ڄاڻ مطابق هيٺيان تعلقا آهن 1 تعلقو لاڙڪاڻو 2 قمبر علي خان 3 شهداد ڪوٽ 4 ڏوڪري 5 باڊھ 6 وارھ 7 نصير آباد
محترم سائين سليمان وساڻ ، ادا رحيم بخش، ممتاز قريشي ۽ عبدالغني جا اڻڳڻت ٿورا جن معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي۔۔ ادا رحيم بخش جي صلاح بهترين آهي ته پر يا مان ان کان رهجي ويس ڇاڪاڻ ته ادو سليمان منهنجي پاڙي جو آهي سو هن ضلعي خيرپور جا تفصيل ونڊ ڪري ڇڏيا آهن۔۔ ۔
ضلعي حيدرآباد ۾ هيٺيا تعلقه شامل آهن 1 حيدرآباد (سِٽي) 2 لطيف آباد 3 حيدرآباد (ريورل) 4 قاسم آباد ضلع بدين ۾ هيٺيان تعلقه آهن 1 بدين 2 شهيد فاضل راهو (گولاڙچي) 3 ماتلي 4 ٽنڊو باغو 5 تلهار ضعلي دادو ۾ هيٺيان تعلقه شامل آهن 1 دادو 2 ميهڙ 3 خيرپور ناٿن شاهه 4 جوهي ضلع ٺٽي ۾ هيٺيان تعلقه شامل آهن 1 ٺٽو 2 ميرپور ساڪرو 3 ڪيٽي بندر 4 گهوڙا ٻاڙي 5 سجاول 6 ميرپور بٺورو 7 جاتي 8 کارو ڇاڻ ضلع سانگهڙ ۾ هيٺيان تعلقه شامل آهن 1 سانگهڙ 2 سنجهورو 3 ڄام نواز علي 4 شهدادپور 5 ٽنڊو آدم 6 کپرو ضلع ميرپور خاص ۾ هيٺيان تعلقه شامل آهن 1 ميرپور خاص 2 ڊڳڙي 3 ڪوٽ غلام محمد (جيمس آباد) 4 جهڏو 5 سِنڌڙي 6 حسين بخش مري 7 شجاع آباد ضلع عمرڪوٽ ۾ هيٺيان تعلقه شامل آهن 1 عمرڪوٽ 2 سامارو 3 ڪنري 4 پِٿورو ضلع ٿرپارڪر ۾ هيٺيان تعلقه شامل آهن 1 مٺي (ضلعي هيڊ ڪوارٽر) 2 نگرپارڪر 3 ڏِيپلو 4 اسلام ڪوٽ 5 ڇاڇرو جاري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن مٿي ڏنل معلو مات ۾ ڪائي تبديلي گهربل آهي ته دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته ان جي نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي درستگي ٿي وڃي۔۔ مهرباني۔ ۔
نوابشاهه ضلعي ۾10 تعلقه آهن 1۔ بانڌي 2۔ دوڙ 3۔ بڇيري 4۔جام صاحب 5۔قاضي احمد 6۔دولت پور 7۔سڪرنڊ 8۔راڻيپور 9۔کدڙ 10۔مهيوال خان مري۔ ادا جيڪڏهن ڪا غلطي هجي ته معذرت ۔
[/quote] نوابشاهه ضلعي ۾10 تعلقه آهن1۔ بانڌي2۔ دوڙ3۔ بڇيري4۔جام صاحب5۔قاضي احمد6۔دولت پور7۔سڪرنڊ8۔راڻيپور9۔کدڙ10۔مهيوال خان مري۔ادا جيڪڏهن ڪا غلطي هجي ته معذرت ۔[/quote] سائين وڪيپيڊيا تي موجود معلومات موجب ضلعي نوابشاهه (شهيد بينظيرآباد) ۾ 4 تعلقه آهن۔ پهريون: نوابشاهه تعلقو جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر آهن۔ ٻيو: قاضي احمد تعلقو ٽيون: دوڙ تعلقو ۽ چوٿون : سڪرنڊ
نادرا جي رڪارڊ موجب سنڌ جون ڊويزنون انهن جا ضلعا ۽ تعلقا- ڪراچي :-1. ڪراچي ملير2. ڪراچي اوڀر3. ڪراچي اولھ4. ڪراچي ڏکڻ5. ڪراچي سينٽرل(وچولو)نوٽ:- مٿي ڄاڻايل ڪراچي جا 05 ضلعا ئي خود تعلقا به آهن-حيدرآباد :-1.بدين :-1. ٽنڊو باگو،2.ماتلي،3. تلهار4،.گولاڙچي.5.بدين2.ٺٽو:-1.سجاول،2.ميرپوربٺورو،3.جاتي،4.کارو ڇاڻ،5.شاھ بندر،6.ڪيٽي بندر،7.گھوڙاٻاري،8.ميرپورساڪرو،9. ٺٽو3. ڄامشورو:-1.ڪوٽڙي،2.ٿاڻو بولا خان،3.مانجھند،4.سيوهڻ شريف 4. ٽنڊو محمد خان:-1. بلڙي شاھ ڪريم،2. ٽنڊو غلام حيدر،3 .ٽنڊو محمد خان5. دادو:-1.جوهي،2.ميهڙ،3.خيرپور ناٿن شاھ،4. دادو6. حيدرآباد:- 1.لطيف آباد،2.قاسم آباد،3.حيدرآباد ٻهراڙي،4.حيدرآباد شهر7. مٽياري:-1.هالا،2.نيو سعيد آباد3. مٽياري8. ٽنڊو الهيار:-1.جھنڊومري،2.چمبڙ،3. ٽنڊو الهيارلاڙڪاڻو:-1.لاڙڪاڻو:-1.رتوديرو،2.ڏوڪري،3.باقراڻي ،4.لاڙڪاڻو2.قمبر شهدادڪوٽ:- 1.نصيرآباد،2.وارھ،3.قمبر،4.شهدادڪوٽ،5.قُبوسعيد خان،6.ميرو خان،7.سجاول جوڻيجو3.جيڪب آباد:-1.ٺل،2.ڳڙهي خيرو،3.جيڪب آباد4.ڪشمور:-1.ڪنڌڪوٽ،2.ڪشمور،3.تنگواڻي5.شڪارپور:-1.لکي غلام شاھ،2.ڳڙهي ياسين،3.شڪارپور،4.خانپورسکر :-1.سکر:-1.پنو عاقل،2.سکر،3.نيو سکر،4.صالح پٽ،5.روهڙي 2.خيرپور:-1.نارو،2.ڪنگري،3.خيرپور،4.سوڀوديرو،5.گمبٽ،6.ڪوٽڏيجي،7.فيض گنج،8.ٺري ميرواھ3.گھوٽڪي:- 1.خانڳڙھ،2.گھوٽڪي،3.ميرپورماٿيلو،4.ڏهرڪي،5.اوٻاوڙو4.نوشهروفيروز:-1.ڪنڊيارو،2.محرابپور،3.ڀريا،4.مورو،5.نوشهروفيروز5.شهيد بينظيرآباد:- 1. دوڙ،2.سڪرنڊ،3.نوابشاھ،4.قاضي احمدميرپورخاص:-1.ميرپورخاص:-1.ڪوٽ غلام محمد،2.ڊگھڙي،3.ميرپورخاص،4.جُھڏو ،5.حسين بخش مري،6.سنڌڙي،7.شجاع آباد2.ٿرپارڪر :- 1.مٺي،2.ننگر پارڪر،3.ڏيپلو،4.ڇاڇرو3.سانگھڙ:-1.شهداد پور،2.ٽنڊو آدم.3.کِپرو،4.سانگھڙ،5.ڄام نواز علي،6.سنجهورو4.عمرڪوٽ:-1.ڪُنري،2.سامارو،3.عمرڪوٽ،4.پِٿورو