رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
هڪ رنگي آڪاش هيٺان ست رنگي دنيا ڏٺم،
ڪڏهن اولهـ ڪڏهن اوڀر سج جا پاڇا ڏٺم،
بي خطا انسان تي الزام ٿا عائد ٿين،
ڏوه جا سڀ ڏوهاري الزام کان آجا ڏٺم،
زندگي تي ڪهڙو هوندو اعتبار اي بزمي،
چئن ڏينهن لاءِ ڪيڏا سور ۽ صدما ڏٺم۔