• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 18 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 18 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

18 آگسٽ 1822ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1828ع صوفي شاعر سيد محمد صالح اصغر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1932ع سياستدان ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1934ع هندستان جي ناليواري اردو شاعر گلزار جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1941ع ناليواري ليکڪ وليرام ولڀ (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1942ع شاعره نور شاهين (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1948ع مشهور نيوروسرجن ۽ هاڻي سياست سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر احمد علي شاهه (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1953ع ليکڪ ابراهيم صالح جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1960ع شاعر مختيار سمون (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1960ع مشهور راڳي برڪت علي ڀٽ (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1960ع شاعر شريف شاد سومرو (رستم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1967ع باليووڊ جي گلوڪار دلير مهدي جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1968ع صحافي چيتنداس (ٽنڊو الهيار) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آگسٽ 1980ع هندستان جي فلم ۽ ڊرامن جي سنڌي اداڪاره پريٽي جهانگياڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

18 آگسٽ 1926ع بزرگ پير محمد شاهه ذاڪري (سڪرنڊ) جي وفات ٿي.
18 آگسٽ 1988ع آرٽسٽ ميان اسدالله کونهارو جي وفات ٿي.
18 آگسٽ 1996ع لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه جو انتقال ٿيو.
18 آگسٽ 2021ع پاڪستان فشر فوڪ جو چيئرمين محمد علي شاھہ لاڏاڻو ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top