ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي
الله تعاله انسانن کي مختلف گروهن ۾ ۽ مختلف ذاتن ۾ پيدا ڪيو تاڪه توهان هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو، اسلام اسان کي اهيا تعليم ڏني آهي مگر هت ذات پات رنگ نسل ، ۽ زبان کي وري تعصب جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي.
اچو ته پهرين اهيو سمجهون ته ٻولي ڇا آهي ۽ ڇو لاء ضروري آهي .
ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ علائقو رهڻي ڪهڻي رسم رواج ۽ ثقافت هوندو آهي .
مگر دنيا جي وڏن ڏاهن ۽ عالمن ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ وري زبان ۽ ٻولي کي اهم نقطو يا اهم جز قرار ڏنو آهي .
ٻولي ان لاء ضروري آهي جو ٻولي اهو واحد ذريعو آهي جنهن سان انسان هڪٻئي جي ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو ۽ هڪٻئي سان رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي خيالن جو احساسن جو اظهار به ڪري سگهي ٿودنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پرائمري تعليم انهي علائقي جي مادري زبان ۾ ڏني ويندي آهي. اهو ان لاء ته جئين کيس پنهنجي مادري زبان پڙهڻ لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچڻ کپي. سنڌ جي عّظيم صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر حضرت شاه عبدللطيف ڀٽائي جي دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي مگر ڀٽائي صاحب فارسي کي اهميت نه ڏيندي پنهنجي شاعري پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ ڪئي ۽ سنڌي زبان کي مالا مال ڪري ڇڏيو، جيڪو شاه صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي وڏو ٿورو ۽ وڏو وڙ آهي.
منهنجا دوستو مان سڀني سنڌي ماڻهن کي اهيا درخواست ڪندس ته منهنجا ڀائرو خدا را پنهنجي ٻارن کي ڀلي انگريزي پڙهايو (اها به ضروري آهي ) مگر پنهنجي ٻارن کي سنڌي ضرور پڙهايو ۽ پاڻ پڙهو ۽ سنڌ، ۽ سنڌي ٻولي کي بچايو ۽ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪريو . ۽ پنهنجي ٻولي ۽ وطن (ساڻيهه) کي نه وساريو ڇاڪاڻ ته هڪ سڄڻ ۽ ٻيو ساڻيهه ڪو بيوقوف ئي وساري ٿو سگهي عقلمند ۽ سمجهدار ڪڏهن به ائين نه ڪندو بقول شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبللطيف ڀٽائي رح سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري. سو ان ڪري شاه صاحب جو چوڻ وٺو ۽ اڻاسي بڻجڻ کان بچو ڪٿي ائين نه پڙهيو وڃي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
سنڌ جي هڪ ڪمشنر سر بار فريئر جي جري ڪيل ان حڪم نامي جو عڪس جنهن ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو.
