”ملڪ پاڪستان ۾ جنگ جي صورتحال آهي۔۔۔“
اهي ڳالهيون روز روز سياستدانن کان ٻڌندا آهيون۔۔۔ جيڪي اهي به چوندا آهن ته ۔۔”هن دفعي اسان جو دشمن اسان منجهان ئي آهي۔۔۔۔ اسان جهڙو ئي آهي۔۔۔ جنهن کي ڳولڻ تمام مشڪل آهي۔۔۔“
انهي جنگ ۾ خاص طور ملڪ جي اترئين حصي ۾ خودڪش ڌماڪا يا بم ڌماڪا روز جا معمول ته بڻيل آهن پر ڪراچي سميت سموري سنڌ عرصي تائين محفوظ رهي آهي۔۔۔ پر 10 محرم تي ڪراچي ۾ ڌماڪي ۽ پوءِ امامن جي چاليهي جي موقعي تي لڳاتار ٻن ڌماڪن ڪراچي کي لوڏي وڌو۔۔۔ پر ڳالهه اڃان اتي ختم نه ٿي۔۔۔ هاڻي ته سنڌ جي مرڪزي حصي دادو شهر ۾ پڻ اڄ هڪ ڌماڪو ٿيو آهي۔۔۔
تازه ترين اطلاع مطابق 4 ماڻهن جي شهيد ۽ 20 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن۔۔۔
دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته دادو جنهن کي پيپلز پارٽي جو ڳڙه تصور ڪيو ويندو آهي ۔۔۔ ڇو ته هتان مرتضي ڀٽو پڻ پيپلز پارٽي جي پير مظهر الحق کان سيٽ کٽي نه سگهيو هڪ اهڙو شهر آهي جتي بنيادي سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن۔۔۔ هتي جي سرڪاري اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر ملندو آهي نه دوائون۔۔۔
ٻيو ته ٺهيو پر اسپتال ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي پڻ ميسر نه هوندو آهي ۔۔۔ جيڪڏهن اهڙا واقعا ٿيڻ لڳا ته اسان جي اٻوجهه ماروئڙن جي واهر ڪرڻ وارو ڪير هوندو۔۔۔۔
هتان پيپلز پارٽي جا نمائندا هميشه وزير به ٿيندا رهيا آهن۔۔۔ ۽ لياقت جتوئي پڻ سنڌ جو وزير اعلي پڻ رهي چڪو آهي پر دادوءَ وارن جي تقدير نه تبديل ٿيڻي هئي سا نه ٿي۔۔۔
دادو خطرناڪ ايريا ته مشهور آهي پر هتي پيپلز پارٽي سميت ڪنهن به پارٽي ڪو وڏو ڪم نه ڪيو۔۔۔
دعا آهي ته هن ڪڙي امتحان ۾ الله پاڪ اسان سنڌين کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔۔۔
تازه ترين اپڊيٽ لاءِ سنڌ ٽي وي لائيو ڏسو۔۔۔

[us]660271[/us]