غلام قاسم تسنيمي
سينيئر رڪن
اسلام ڀلي زندگي گذارڻ لاءِ هڪ مڪمل ۽ جامع نظام آهي. پاڪ پالڻهار انساني گهرجن کان تمام چڱي نموني باخبر آهي، تنهنڪري سندس بڻايل قانون ئي انساني معاشري جي سعادت جو موجب بڻجندو.
ڌڻي سڳوري سالم معاشري جي قيام لاءِ جتي نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڏنو اتي برائي ڪرڻ کان به روڪيو. ان بنياد جيڪو به ذري برابر به نيڪي ڪندو ته انجي کيس جزا ملندي جڏهن ته گنهگار کي به پنهنجي عمل جي سزا جو سامنو ڪرڻو پوندو(سورت زلزال،آيت 7 ۽ 8)
بلڪه معاشري کي نيڪ بڻائڻ خاطر نيڪي ڪرڻ وارن لاءِ خصوصي پيڪيج ۽ خاص مراعات جو اعلان فرمايو ته جيڪو به نيڪي آڻيندو، ان کي ڏھ برابر جزا ملندي جڏهن ته برائي جو بدلو هڪ جو هڪ تي ئي رکيائين.(سورت انعام، آيت 160)
ان کان هڪ مرحلو اڳتي هلي حڪم ڪيائين ته نيڪي جي ڪمن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏيو ۽ مدد ڪيو جڏهن ته گناھ ۾ مدد ڪرڻ کي حرام قرار ڏنائين(سورت مائده، آيت 2) ته جئين حقيقي اقدارن کي هٿي ملي ۽ سهڻي ثقافت جنم وٺي.
انسان ڇا ڪنهن جانور پکي پکاڻ جي سار سنڀال کي عبادت ڪوٺيائين ته ڪنهن جي پريشاني يا مونجهاري کي حل ڪرڻ تي مستحب نماز، روزي ايستائين جو حج ۽ اعتڪاف جيترو ثواب رکيائين. (باب قضاءِ حاجة المومن جون حديثون)
پر مان هڪ خاص مسئلي ڏانهن ڌيان ڏياريندس، اهو آهي غير شادي شده ڇڙن دوستن جي شادي ڪرائڻ. جيتوڻيڪ هي هڪ انساني خدمت آهي ته ان جو به ثواب ملندو پر ان حوالي سان مخصوص حديثون به آهن.
خاتم الانبياءِ والمرسلين احمد مجتبى محمد مصطفى صلي الله عليه و آله و سلم جن جو فرمان آهي:
جيڪو به مومن ڪنهن جي شادي ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ايستائين جو الله انهن کي ملائي ته رب پاڪ سندس کنيل هر وک ۽ ڳالهايل لفظ جي بدلي سال جي عبادت جيترو ثواب عطا ڪندو. (مفاتيح الحيات، ص502)
هن مختصر پر انتهائي مفيد تمهيد جو مقصد هي آهي ته اسان کي ان نيڪي ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جئين گناهن جي ثقافت کي روڪجي ۽ ان فطري جذبي جي شرعي ۽ جائز وسيلي سان تسڪين ٿئي.
سنگت کي عرض آهي ته ان حوالي سان پنهنجا رايا ڏين ۽ آخر ۾ جيڪڏهن سنڌ سلامت جي انتظاميه مناسب سمجهي ته اوطاق ۾ شادي سيڪشن جو اضافو ڪيو وڃي نه ته تڏهن به هي هڪ ڌيان جوڳي ڳالھ آهي.