سنڌو ماٿري سڀيتا جي بقا لاء اسانجو ڪردار. روزاني مهراڻ،روزاني جيجل

'مختلف موضوع' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2013۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    سنڌ صدين کان آباد آهي، جنهن جو اندازو سنڌو ماٿري سَڀيتا (Indus Valley Civilization) تي تحقيق ڪندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي محققن جي لکيل ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن مان آسانئ سان لڳائي سگھجي ٿو.برونز يا ڪاسيءَ واري دءور 3300-1300 BC جي هيءَ سنڌو ماٿري سَڀيتا جاگرافيائي لحاظ کان 1260000 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضئ تي پکڙيل هئي. جنهن کي اڄ دنيا جي قديم ترين سَڀيتا مڃيو وڃي ٿو. موئن جو دڙو، هڙپا ، ڍولاويرا ۽ مهر ڳڙهه هن سڀيتا جا اهم شهر ڳڻيا وڃن ٿا. جن مان موئن جي دڙي کي خاص اهميت حاصل آهي. مختلف تحقيقي ڪتابن ۾ لکيل تاريخ مطابق اهو تصور پڻ ڏنو وڃي ٿو ته هزارين سالن کان موجود موئن جو دڙو سنڌو ماٿريء جي تهذيب ، ثقافت ۽ وڻج واپار جو مرڪز هو. سنڌو ماٿري جي قديم رهاڪن ، خاص ڪري هٿرادو هنر ۽ مختلف ڌاتن جيئن ڪاپر،برونز، ليڊ ۽ ٽِن کي دريافت ڪرڻ جا نوان بنياد رکيا.
    موئن جي دڙي مان دريافت ٿِيَل نيڪال جي نظام تي هڪ تحقيق ۾ نيڪال جي نالِيُن ۾ چُن جي استعمال مان اهو اندازو لڳايو وڃي ٿو ته هزارين سال پهريان به انهن ماڻهن کي چُن جي استعمال جي ڄاڻ هئي. جيڪواڄ به Sewage Treatment۽ Water Purificationلاء ڪتب آندو وڃي ٿو.
    ٽيرا ڪوٽا مان ٺهيل رانديڪن ۾ ڦِيٿي واري ڍڳي گاڏيءَ جي دريافت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اُن دور ۾ به ڦيٿي جو استعمال هو. پر ڦيٿي جي اصل ايجاد جي باري ۾ آرڪيالوجي جا ماهر ۽ تاريخدان اڃا ان ڳالهه تي متفق ناهن ته ڦيٿو به ان ئي دور جي ايجاد هئي يا ان کان به اڳ جي.
    سندن اڏاوتي هنر جو ته موئن جو دڙو پاڻ ئي هڪ وڏو ثبوت آهي.گھٽين، نيڪال جي نظام ۽ ڪمرن ۾ بهترين رٿابندي سان استعمال ڪيل پڪين سرن جو ڪم به سندن هنرمندي جو مثال آهي.کوٽائيء مان هٿ آيل نرتڪي (Dancing Gir) جو مجسمو سندن ناچ گاني جي شوق کي ظاهر ڪري ٿو. ڪِنگ پِريسٽ کي پاتل شال تي اُڪريل اجرڪ جي نموني جي خاڪن مان اجرڪ جي تاريخ ۽ سندن ڪپڙي اُڻڻ جي هنر جو به پتو پئي ٿو.
    پٿر کي تراشي ٺاهيل مُهرُن جيڪي ماهرن جي راء مطابق واپار لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون جن تي اُڪريل مختلف جانورن جون شِڪلون موئن جي دڙي جي رهواسين جي ڪاريگريءَ ۽ فن جو مثال آهن.
    ايتري عظيم و شان قديم تاريخي ورثي ۽ ثقافت جي مالڪ سنڌ لاءِ تڏهن سوچيندي ڏک ٿئي ٿو جڏهن غير ملڪي آرڪيالوجي جا ماهر،سَياح ۽ مُحقق هِت اچي اسانجي تاريخي ماڳن جو کوٽايون ڪري ۽ تحقيق ڪري اسانکي ٻڌائن ٿا ته هيءَ آهي توهانجي تهذيب ۽ ثقافت. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو کوٽائيءَ وارو ڪم اسين پاڻ نه ٿا ڪري سگھون؟ڇا اسان وٽ پهنجا آرڪيالوجي جا ماهر ناهن؟ پر ان ڳالهه کان به قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مُحقِق انهئ ڪم ۾ رُڌل ضرور آهن، پر حڪومت جو سهڪار نه هجڻ ڪري هاڻ انهن جي به ڪا ايتري دلچسپي نه رهي آهي. پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي قديم ورثي ۽ ثقافت جي سنڀال واري ڪم کان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ته ڇا ٿيو؟ ڪا ته ذميواري اسان جي به آهي.
    سنڌو ماٿري مان دريافت ڪيل قديم ۽ قيمتي نوادرات سنڌ ميوزيم ۾ هجڻ جي بجاءِ بِرٽش ميوزيم جي زينت بڻيل آهن.انهئ جو ڪارڻ صرف حڪومت نه آهي پر اسانجي پنهنجي سُستي ۽ ڪاهلي پِڻ آهي.هجڻ ته ائين گھرجي ها ته حڪومت سان گڏ سنڌ جا سڀ تاريخدان،محقق ،آرڪيالوجي ۽ اينٿروپالوجي جا ماهر ملي ڪري تنظيمي بنيادن تي پهنجي قيمتي سرمايي کي ڌارين جي هٿ لڳڻ کان بچائين ها.
    اڄڪلهه ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، سيڪنڊن ۾ هِتان جي ڳالهه هُت پهچي ٿي وڃي. اِن ٽيڪنالوجي جو فائدو وٺندي ڪيترائي سنڌي نوجوان سوشل نيٽورڪس توڙي بلاگس ۽ ويب سائيٽس جي ذريعي پنهنجي سنڌي تهذيب کي پوري دنيا ۾ هٿي وٺرائي رهيا آهن، اهو به هڪ سٺو سوڻ آهي. هي ته اُهي نوجوان آهن جن جي دلين ۾ ڌرتئ لاء پيار ۽ پاٻوهه موجود آهي جيڪي ڀلا ٻيو ته ڪجھه نه ٿا ڪري سگھن پر سنڌ ڌرتئ لاء پنهنجي محبت جو اظهار سندن تهذيب ۽ تمَدُن کي دنيا آڏو اُجاگر ڪري پنهنجي حصي جي ذميواري نڀائي رهيا آهن.
    وقت اڃا به ناهي ويو، اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ کوٽائي جاري آهي. جن ۾ لاکين جي دڙي جي دريافت سان پڻ سنڌوءَ جي تهذيب جا ڪي نوان راز کليا آهن.۽ اڳتي به اميد ٿي ڪجي ته اسانجا ماهر آرڪيالوجسٽ ۽ محقق انهئَ ڪم کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاء ڪا تنظيم جوڙي ڪم کي اڳتي وڌائيندا.
    حڪومتي سهڪار يا ڪنهن ڌاريي جو انتظار ڪرڻ کان چڱو آهي ته هر سنڌي انفرادي طور تي ٻيو نه ته پنهنجي پنهنجي علائقي جي تاريخ سان واڳيل شين جو جائزو وٺي، پوء ڀلي کڻي ننڍي بنيادن تي پنهنجي وَسَ آهر تحقيق ڪري پنهنجي قديم تاريخ تان دَزُ لاهي دنيا آڏو پيش ڪري سنڌ ڌرتئ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاش ادارا ۽ هر سنڌي پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب کي جيارڻ لاء جتن ڪري۔ اوهان جو مضمون وقتائتو ۽ اهم مسئلي تي آهي۔
     
  3. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    پنهنجي پوئين مضمون ” سنڌ جي تاريخ جا هيڻا بنياد“ ۾ به اهي سور پِٽي آيو آهيان ادا۔۔ نه اسان وٽ ڪو تاريخ جو مستند ڪتاب، نه ڪو تاريخدان ۔۔ ڀلا جي لاڙڪاڻي ۾ اسانجي قديم تاريخ جا آثار ملي به ويا آهن ۽ اسانجي سامهون به آهن ته اسانجي جي مٿي جو سور ته ناهي نه اهو۔۔ باقي روڊن رستن تي رڙ پئي پوندي آهي ته جيئي سنڌ جيئي سنڌ۔۔ اهو نارو هڻڻ وارا ئي ڀلا منهنجي سوالن جو جواب ڏين۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو