ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
بسم الله الرحمن الرحيم

سلام عرض قبول پوي تمام سنڌي ساٿين، ڀائرن، ڀينرن کي
لکان ٿو زندگي جو سفر مهد کان لحد تائين سيلاني ممتاز
نه ڄاڻان زيست وفا ڪندي وگهئي سان ابتدا، انتها تائين
نه ڄاڻان زيست وفا ڪندي وگهئي سان ابتدا، انتها تائين
مان ممتاز علي وگهيو ولد غلام مصطفه وگهيو ڪراچي مان حاضر آهيان۔ اصل استاد بخاري جي شهر دادو جو رهواسي آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔ دادو سنڌ لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو۔ هي تعلقو پهرين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو 1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو آهي۔ دادو شهر لاء اهيو چيو وڃي ٿو ته هي شهر سورهين صدي جي وچ ڌاري آباد ٿيو هوندو، هن شهر تي نالو سيد دادو شاه عرف دادن شاه جي نالي تي رکيو ويو آهي، ۽ دادو کي پهرين دادن شاه جا ڀاڻ ڪري سڏيندا هئا۔ ۽ دادو شهر جي آدمشماري تقريبن 140000 ٻڌائي وڃي ٿي، ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ ۔۔۔ علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد ، تاج محمد صحرائي، علڻ فقير محسن ڪڪڙائي ، احمد ّخان مدهوش، ڪماالدين سولنگي، عبدالله شاه ، لياقت جتوئي، عبدالحميد جتوئي، منظور سخيراڻي، پير الاهي بخش، پير مظهرالحق، ڊاڪٽر قربان جهتيال، سڪينه سمون ٽي وي اداڪارا ، محمد سليم سولنگي، ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير ، نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار ، سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر، عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري (بقول ممتاز علي وگهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ دادو سان آ دل منهنجي دادو ۾ آ منهنجو ساه ، جنهن ۾ جيترو رکان چاه آ اوترو اڌورو ارواح ۾ )
دادو هڪ خوبصورت ۽ ٿڌي تفريحي۽ تاريخي ماڳ ( گورک ) سان پڻ مالا مال آهي۔ مان هت ڪراچي ۾ هڪ ڪمپني ۾ اڪائونٽس جي نوڪري ڪري رهيو آهيان۔ ( ڪراچي به ڪمال جو شهر آهي هن شهر ۾ هر نئون ايندڙ ماڻهون گهڻو ڪجهه وڄائي تنهن کان پوء گهڻو ڪجهه گهڻو ڪجهه سکي ٿو ۽ حاصل ڪري ٿو.۔۔۔۔ڪراچي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ڪراچيءَ جي رهواسيءَ کي ڪراچيائيٽ سڏيو ويندو آهي.
ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر خطي ۾ هڪ اهم بندر پڻ آهي. ڪراچي شهر وڏي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. 1947ع ۾ پاڪستان بيٺڪيت قائم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ جو درجو ڏنو ويوجنهن کي پوء ختم ڪري پاڪستان جو گادي هنڌ اسلام آباد کي بڻايو ويو۔ )۔۔۔۔۔۔ ڪراچي جي ڪن ۾ ٿيا ڪئين چڪنا چور ، جي ها نه ڏسڻ جهڙا سي به انهن ڏٺا سور ، ممتاز اهي محبت جا مذ ڪور نه ته ڪير اچي هن ڪڙڪاٽ ۾۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ، سنڌي زبان سنڌي ماڻهون سان منهنجو ساه ، چاه ، ۽ ارواح آهي۔ ( سنڌ ساري سونهاري آ هر شي ءَ کان ممتاز پياري ، ٿا وسن جنهن ۾ شاه سچل سامي اياز مد هوش ۽ بخاري )
منهنجو تفصيلي تعارف هن ريت آهي.
ولد؛.......... غلام مصطفه وگهيو
ذات؛........ وگهيو
تخلص؛........ سيلاني، وگهيو، لطيفي
پيدائش جي تاريخ؛ 18-12-1976
پيدائش جو هنڌ؛..... دادو شهر( محله مزدورآباد ڪاليج روڊ )
پرائمري تعليم؛..... مزدورآباد پرائمري اسڪول دادو سنڌ
مئٽرڪ؛ پرمانند هرداس پائليٽ اسڪول دادو سنڌ
انٽر؛...... استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سنڌ
گريجوئيشن؛..... سنڌ يونيورسٽي جامشورو سنڌ
موجوده رهائش؛.... گلشن اقبال ڪراچي سنڌ.
نوڪريون ،دنڌا ۽ تجرنه
ڪاليج روڊ دادو وٽ جنرل اسٽور هلائڻ
پرائمري استاد رهڻ
گارمينٽس ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ
اسٽيل مل ۾ اسٽور انچارج رهڻ
سٽي انٽرنيشنل ڪمپني ۾ اسسٽنٽ مينيجر رهڻ
ميفيئر ڪمپني ۾ ويئر هائوس انچارج رهڻ
ڊسبرسمينٽ آفيسر Disbursement Officer ( موجوده نوڪري جاري آهي )
پسند جا يار دوست؛... مرحوم سائين استاد حافظ خليل احمد ملاح رح ، اشفاق احمد وگهيو، علي شير مستوئي، لعل بخش زنئور، سلطان سالڪ ڀٽي، احمد خان شينوعرف ڏاڏل شينو،نويد اشرف، عبدالرزاق وگهيو، محمد عرس وگهيو، عبدالغفار وگهيو لياقت ٿهيم، قمر الدين شمس الدين ڀٽي، فضل الله لنڊ بلوچ، محمد ذڪريه قريشي، فاروق احمد قريشي، رياض ملڪاڻي، امتياز علي ٻٻر، محمد اسلم قمبراڻي، علي حيدر قمبراڻي، ڊاڪٽر قربان جهتيال،
پسند جا شاعر؛... شاعرن جو سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح، بلهي شاه، خواجه غلام فريد رح، شيخ اياز، استاد بخاري، ادل سومرو، ابراهيم منشي، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم،
پسندجا عالم، ۔۔۔۔۔۔ امام محمد غزالي رح، مولانه جلالالدين رومي رح،، شيخ سعدي رح، حافظ شيرازي رح، علامه مخدوم محمد هاشم رح ، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي رح، مولانه عبيدالله سنڌي، رح مولانه تاج محمد امروٽي رح، بزرگ هاليجوي رح، مولانه عبدالڪريم ٻيروارا بزرگ رح، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب، مولانه منظور احمد سومرو صاحب۔
پسند جا ليکڪ ۽ اديب۔۔۔۔ مرزاقليچ بيگ، علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم سائين جي ايم سيد، بشير احمد شاد، علامه غلام مصطفه قاسمي، مولانه غلام مصطفه دادوي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فهميده مرزا، محمود مغل، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،آغا سليم، امر جليل، امر سنڌو، جامي چانڊيو، قادر جوڻيجو، نورالهدا شاه، رحمت الله ماڃونٽي،
پسند جا فنڪار ۔۔۔۔۔ استاد منظور علي خان، سودل فقير، سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، هميرا چنه، عابده پروين، استاد محمد يوسف، استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، علڻ فقير، نصرت فتح علي خان، محمد رفيع، لتا ، مڪيش، شڪريلا،
پسند جا اداڪار۔۔۔ نور محمد شاه لاشاري، شفيع محمد شاه، گلاب چانڊيو، محمود صديقي، سڪينه سمون، صلاح الدين تنيو، ڪيسر نظاماڻي،
پسند جو پروڊيوسر ۔۔۔ محمد بخش سميجو، فيض ٻگهيو،
پسند جا ڊرامه۔۔۔ راڻي جي ڪهاڻي، ڪاروان، ڌوپ ڪناري، جهنگل، مٽي جا ماڻهون، وقت، تنهايان، وعيره ۔
پسن جا ڪتاب۔۔۔۔ قرآن پاڪ، ڪتاب ڪيمياء سعادت، جلال الدين رومي جي مثنوي، شاه جو رسالو،
پسند جي صنف۔۔۔ سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، بهترين شاعري،
لکڻ جي شروعات۔۔۔ ٻاراڻي رسالي گل ڦل سان۔
وندر۔۔۔۔۔۔۔۔ مطالعو، مشاهدو ڪرڻ، لکڻ ۽ موسيقي ٻڌڻ۔
پسند جو شعر ۔۔۔ جڏا جڏوئي رهيين، هئين به حڪيمن وٽ ، دوا تنهنجي دردن جي هئي به انهن وٽ ، اڃان به تو ۾ ڪا گهٽ، جو ڦڪين فرق نه ڪيو۔ ( شاهه)
اڻ ڇپيل ڪتاب
ممتاز تنهنجا خط۔۔۔۔۔۔ دوستن ڏانهن لکيل خط۔
خطن جو خزانو۔۔۔۔۔۔۔ دوستن، اديبن، عالمن جا خط۔
انمول اي ميل۔۔۔۔۔۔ چونڊ اي ميل
اندر روح رهيام۔۔۔۔۔۔ دوستن، عالمن اديبن جا خاڪا
ممتاز مقالات۔۔۔۔۔ مضمون، نوٽ ۽ مقالا
سنڌ سلامت تي لکيل پنهنجا چونڊ مضمون مقالا
سنڌي ٻولي شاه سچل سامي جي ٻولي .
واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي
دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاريٌء
سنڌ ۾ ماتم جي شروعات ۽ تاريخ وڊيوز رپورٽ
قرآن ترجمو ۽ مختصر تفسير سنڌي آواز ۾ حصو پهريون
جاپاني به سنڌي ڳالهائڻ لڳا
خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو
نادرا جي ڊپٽي چيئر مين طارق ملڪ سان ڳالهه ٻولهه
پنهنجي ڌرتي سان عشق، محبت ،جذبات ۽ ان لاء پاڻ پتوڙڻ
شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو
شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾
شاه جو رسالو هڪ تحقيقي وڊيو رپورٽ
سنڌي عالم اديب ۽ انهن جون تصويرون
( ناري جاڳرته پروگرم حيدرآباد سنڌ )
ڪي ٽي اين اپڊيٽ۔۔۔۔ 22۔۔۔12۔۔۔1210
هڪ تحقيق (وڊيوز ) شهيد جنرل هوش محمد شيدي
سنڌ جي شهر سعيد آباد جا مسئلا ( هڪ وڊيو رپورٽ )
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانًح عمري
روڊ حادثه ۽ ڪراچي شهر جي ٽريفڪ (هڪ جائزو)
سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار
عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون }
سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي
مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا
سنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيدي
ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني
خيرپور رياست جو" ڪمال ۽ زوال
محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي
دلربا ماڻهون دلربا شاعر دادن فقير جويو
غريب ۽ امير جو موت ، ۽ ان جي اهميت
سنڌي عالم اديب ۽ انهن جون تصويرون
عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح)
پنهنجي شهر جو موسم ( گرمي درجو ) معلوم ڪريو۔
عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو
بشير احمد صاحب جو حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شخصيت۽ شاعري تي
اعتراض ۽ ان جو جواب
گورک هل اسٽيشن ضلعه دادو
سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف
نوٽ توهان نيري لکيل عنوان وارا مضمون ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔
جيئڻ ڪاڻ جيڏيون۔۔۔۔۔۔۔۔ آتم ڪهاڻي، يادگيريون تجربه









۔۔
نوٽ نمبر هڪ منهنجا ،منهنجي دوستن جا ۽ مٽ مائٽن جون تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
نوٽ نمبر ٻه منهنجا ،منهنجي دوستن جا ۽ مٽ مائٽن جون تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
موبائل نمبر 03343012050
ميل ائڊريس۔۔۔۔ Ma.vighio@yahoo.com
منهنجوپن تصويرون ڏسڻ لاء هيٺ ڏنل لنڪس تي ڪلڪ
ڪريو۔
ابن سينا هاسپيٽل ڪراچي ۾ ممتاز وگهيو جون يادگار ڪجهه تصويرون
پرائمري اسڪول دادو ۾ يادگار هڪ تصوير 1988ع
سنڌ سلامت جي هيرو ممتاز علي وگهيو کي پوري سنڌ سلامت سٿ پاران سلام۔۔۔
پاران سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين جي
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: