• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي لنڪ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي جي شاعري





ممتاز محبت دل ۾ هجي لفظن ۾ نه
نفرت لفظن ۾ هجي دل ۾ نه

..................................................

ماڻهون محبت وارا ۽ سٺي صحبت وارا
دلبر دل وارا سهڻي سنڌ وارا
سڀ جا سڀ سارا رهيا آهن روح ۾

..............................................................

دل جا درد هزار پر وڇوڙي جو درد آ الڳ
دنيا ۾ آهن هزار پيارا پر پيارو ماڻهون آ الڳ
آهي هر ڪو الڳ تلڳ پر ڪو ڪو آ سڀني کان الڳ

..........................................................................


الائي ڇو زمانه ايڏو ڏکيو ٿيو آهين
بدلائي رخ پنهنجا ٿو سهسين سور سهائين
ٿو ڪيتريون زندگيون ڳڙڪائين زمانه هرهر هڪ پل ۾
.........................................................
آهي ارمان ء افسوس زندگي جو
جو ناهي گذري زندگي بندگي ۾ ڇو
.....................................
ماڻهون سڏين شوق مان ممتاز کي ممتاز ..
پر افسوس جو ممتاز نه بڻيو ڪڏهن ممتاز
.........................................
وهي منهنجي وه ٿئي سڄڻ تنهنجي سار ۾
نه ٿيو ڪو همدرد ساٿي هيڏي ساري سنسار ۾
وئي اڻ کٽ عمر گذري تنهنجي وڏي انتظار ۾
بس سار ٫ٌء انتظار ۾ ويو وقت ڪٽجي وگهيه ورهن جو

............................................
ٿا ڏکيو ڪن ڏيل کي ڏک ڏهاڙي ڏيه جا
ڇا هن جا ڇا هن جا ڏک ته مڙوئي آهن ڏک
.....................................................................
ورائي واڳ پنهنجي وگهيه کڻ وکر ولايت جو
ممتاز ماڻيندو سو جو رکي پاڪ پريت ٿو
.........................................
نانگ نه آ نوڙي ، توڙي هجن جوڙي جوڙي
نه سمجه دوست ان کي ممتاز جو آ وطن جو ويري
.........................................
زندگي زندان ۾ پر پوٌء به آ برف مثل
هر روز هر وقت اهيو ئي وسل ته زندگي مختصر
.........................................
ڪري پنڌ پيار جو اچين جي هيڪر
وگهيه ور ور پيو ورجايان انهئ واٽ کي
.........................................

ديکيندي دلبر وگهيه ڪئين گذريا سال
سواء سڄڻن جي برا ٿيا هت منهنجا حال
ممتاز هي مڏيون ۽ مال ڪهڙي ڪم جا سواء سڄڻن جي
..................................................................
دوستي جو ٿو هڻي دم هر هر ممتاز
رک هميشه سياڻن جو اهيو قول قرار
جو نه وڄي مهل تي اهو ڪهڙي ڪم جو ساز


..................................................................
درياٌء تنهنجا دڌڪا ٿا وري ياد اچن هر هر
وگهيه ور ور ٿو تنهنجو پيٽ خشڪ ڏکويو وجهي ڏيل کي.
.......................................................
نفرتون ايڏون وڏيون ۽ زندگي مختصر مختصر
آهي گهڙي کن جو سفر پوء به نفرتن جو ايڏو وڏو ااثر
...............................................................
هي غريب جو ٻار آ
جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ
نه هن وٽ ڪو آ رانديڪو
نه هن لاء آ ڪو ماندو
نه هن وٽ آ ماني ڳڀو
نه هن جو آ امي ابو
هي غريب جو ٻار آ
جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ
هر ڪنهنجو هن مٿان هر وقت وڏو وار آ
هي نه ڪڏهن ٿيو ڪنهن تي هرو ڀرو سوار آ
ڇوته هي غريب جو ٻار آ
جيڪو جيئڻ لاء لاچار آ
هت کليو بازار مٿان بازار آ
پر هي ڪجهه وٺڻ کان لاچار آ
ڇو ته هي غريب جو ٻار آ
جيئڻ لاء لاچار آ
هي ته هر ڪنهن جو يار آ
پر هن جو نه ڪو مددگار آ
توڻي جو وگهيه هي وڏو وفادار آ
پر پوء به هميشه خوار آ
ڇو ته هي غريب جو ٻار آ

........llllllllll...........................................................//////llllllllll
ڪيل قرب ڪچهريون ٌء روح رهاڻيون مان ڪئين وساريان
مان به ته تو جهڙو انسان آهيان ممتاز تنهنجي محفل جو

.....................................................................................................

تنهنجي محبت جو ڏيئو ڪڏهن وسائي نه سگهياسين
گفتگو جنهن سان به ڪئي پر خيالن ۾ تو سان رهياسين





ممتاز مصطفه وگهيو لطيفي
 
جواب: سنڌي لنڪ

ماڻهون سڏين شوق مان ممتاز کي ممتاز ..
پر افسوس جو ممتاز نه بڻيو ڪڏهن ممتاز

سائين منهنجا! پنهنجيون دعائون آهن ته اوهين پنهنجي هر نيڪ عمل ۾ ممتاز رهو، ۽ اميد آهي ته جهڙي نموني سنڌي ادب، شاعري ۽ ٻوليءَ سان چاهه رکوٿا ته ان عمل ۾ به ممتازن واري فهرست ۾ پڻ اچي ويندا ۔۔۔

همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي ۔۔۔

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top