آرٽيڪل وزير اعظم جي خطاب مان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2013۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    ميان صاحب جي خطاب مان...




    وزير اعظم اسلامي جمهوريه پاڪستان ميان محمد نواز شريف جو پهريون خطاب جنهن جو پاڪستان جي عام ماڻهون سياسي، سماجي توڙي مذهبي ۽ ڪاروباري حلقن ۾ بي چينيءَ سان انتظار ٿي رهيو هيو اهو خطاب پاڪستاني قوم لاءِ ڪهڙي نواڻ کڻي آيو؟؟ اهو سوال ميڊيا جي تمام سياسي ٺيڪيدارن ۽ سياسي اداڪارن جي پروگرامن جو مرڪز بڻيل آهي. مختلف ٽاڪ شوز ۾ سياسي اڳواڻ اچن ٻن وقفن ۽ 35 منٽن جي مٿي ماري کانپوءِ ڪلاڪ پورو ڪري اجازت وٺن. شايد هر وڏي واقعي کانپوءِ اهو پاڪستان جي سياست جو معمول آهي. ميان صاحب جي تقرير ۾ ڇا هيو ان جو ذڪر شايد ڪجهه لفظن ۾ ڪري سگهجي پر ڇا نه هيو ان جو ذڪر ڪندي ڪندي وقت لڳي ويندو. وزير اعظم ملڪ سان وابسطه هر طبقي جي ماڻهن جو اڳواڻ هوندو آهي خواهه اهو ملڪ ۾ هجي يا ملڪ کان ٻاهر هجي ، وزير اعظم هر ان منصوبي ۽ پراجيڪٽ جو ذميوار هوندو آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ يا ڪمپنيءَ سان ڪيل هجي. مٿي ڄاڻايل ٻنهي نقطن جو ذڪر ان لاءِ ڪيو ڇالاءِ ته ميان صاحب پنهنجي تقرير ۾ عوام اندر نئين اميد جاڳائڻ بدران پنجن سالن تائين توانائيءَ جو انتظار ڪرڻ لاءِ چيو شايد هي اهو نواز شريف آهي جيڪو گذريل حڪومت کي هميشه پنج سالن جوطعنو هڻندي نظر ايندو هو. پنهنجي اليڪشن مهم جي تقريرن ۾ وڏي واڪي لوڊشيڊنگ کي ڪجهه مهينن ۾ ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ميان نواز شريف پنهنجي بطور وزير اعظم پهرئين ئي خطاب ۾ عوام کي پنج سال تائين عوام کي بجليءَ جي انتظار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ماضيءَ ۾ سياسي وير خاطر ٿر ڪول پراجيڪٽ تي ڪم بند ڪرائي اتي ڪم ڪندڙ ٻاهرئين ملڪن جي انجنيئز کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ ميان نواز شريف اڄ ٿر ڪول پراجيڪٽ کي اهم منصوبي جو نالو ڏئي رهيو آهي، هاڻي ميان صاحب جي خطاب مان هڪ ڳالهه واضع ٿي ويئي آهي ته کين به پنج سال پورا ڪرڻا آهن جيڪڏهن سندن حڪومت ٻه ٽي سال ۾ ڪنهن وجهه سان ختم تي وڃي ۽ بجليءَ جو بحران ساڳيو ئي رهي ته پوءِ (اسلام آباد ۾ ملڪ سڪندر جي ايڪشن فلم جي ڊرامائي اختتام ٿيڻ کان پوءِ وانگر) سندن اهو موقف هوندو ته اسان پهريان ئي چيو هو ته اسان هڪ مڪمل Long Term Strategy پلان تيار ڪيو هو جنهن سان پنجن سالن اندر بجليءَ جو بحران ختم ٿي وڃي ها !! پر اسان کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو!!! ميان صاحب شايد هاڻي حالات اهڙا ناهن رهيا ته هاڻي ميڊيا وٽ سڀ ويڊيوز ۽ اخبارن جي ڪلپنگ محفوظ پيل آهي. جنهن موجب اوهان پهريان بجليءَ بحران 3 مهينن ۾ پوءِ 6 مهينا ، اليڪشن وارءِ آخري جلسي ۾ 1 سال ۽ الڪشن کٽن کانپوءِ 2 سالن ۾ بجلي بحران جي خاتمي جو وقت ڏنو هيو !!! ۽ هاڻي وازير اعظم ٿيڻ کان پوءِ سندس پهرئين ئي خطاب ۾ هن پنج سالن جو طويل انتظار ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي . شايد سابق حڪومت تي تنقيد ڪندي ميان صاحب سوچيو هيو ته سندس وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويهندي ئي هو هنگائي بنيادن تي لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندو!!! پر چوندا آهن ته جتي باهه لڳندي آهي اهو هنڌ سڙندو آهي.. خبر هاڻي پئي آهي جڏهن ذميواري ڪلهن تي آئي آهي. هڪ ٻئي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته ميان صاحب جي تقرير مان جيڪڏهن اهو اندازو لڳائجي ته سندس خطاب امريڪا جي فرمانبرداريءَ سان ڀرپور ۽ امريڪا کي خوش ڪندڙ هيو. ڇاڪاڻ ته ميان نواز شريف طالبان جي حوالي سان امريڪي پالسيءَ تي پورو پورو لهندي اها ڳالهه ڪئي تي if the Dialogue foils action will be started مطلب جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ويون ته ڀرپور رياستي طاقت جو استعمال ڪيو ويندو، اهو امريڪي پاليسيءَ جو حصو آهي ۽ امريڪا جو پاڪستاني حڪومت کان وڏي واڪي مطالبو پڻ رهيو آهي، ميان صاحب جي خطاب ۾ امريڪا جي وڏي ۾ وڏي خواهش ته پاڪستاني حڪومت پاڪ ، ايران گئس پائيپ لائين منصوبي کي پورو نه ڪري ، امريڪا جي ان خواهش تي پورو پورو لهندي ميان صاحب سندس تقرير ۾ توانائي بحران ۾ تڪڙي حل يعني پاڪ ايران گئس پائيپ لائين جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو. ميان صاحب جي تقرير جو مڪمل منظرنامو جي بيان ڪجي ته وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ بي وس انسان جيڪو روايتي موجب سابق حڪومت تي ڀرپور تنقيد ڪندي پوري قوم کي ملڪ جا مسئلا ڳڻائي رهيو هيو ۽ ميڊيا کان انهن مسئلن جي حل لاءِ تجويزون وٺي رهيو هيو، ۽ ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ 5 سالن جي غير مداخلتي ٽڪيٽ طلب ڪري هيو هيو.

    عمران درويش سومرو
    I_darvesh@yahoo.com

    هلال پاڪستان​
    [​IMG]

    عوامي آواز​
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو لکيو اٿو ۔۔۔۔ ميان صاحب جي حڪومت آئي ته سنڌ ۾ لوڊ شيڊنگ جو آزار پهريان کان وڌي ويو، سي اين جي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي، سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو ۔۔۔۔ صورتحال ساڳي آهي۔ اهي ماڻهو جيڪي مشرف سان هيا اهي ئي زرداري صاحب سان به رهيا ته وري ساڳيا ماڻهو نواز شريف سان به آهن۔

    پهريان تيل جون قيمتون وڌيون، پوء ڊالر وڌيو، پوء بجلي جا ريٽ وڌيا ۽ هاڻ گئس جا ريٽ وڌائڻ جو ارادو پيا ڪن ۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪا شيء گهٽ ٿي آهي ته اها آهي اسان عوام جي لڳايل اميد۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان موضوع تي گهڻو لکي سگهجي ٿو پر جن کي سمجهڻو هو سي اڳ ئي سمجهي ويا آهن۔۔۔ بحرحال سياستدان ڪهڙا به هجن سندن قول ۽ فعل جا تضاد لڪيل ناهن هوندا۔۔۔ خادمِ پنجاب جا اليڪشن کان اڳ جا واعدا ۽ بعد جا بيان ڪنهن کان ڍڪيل ناهن۔۔ جڏهن ته وزيرِ اعظم جا واعدا ۽ بعد جا بيان هن وڊيو ۾ ثبوت سان موجود آهن۔۔۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پاڻ ڪجهه چونداسون ته اوهان ئي چوندا ته چوي ٿو ۔۔۔ پر صرف ايترو ئي چئبو ته پاڪستان جي موجوده نظام ۾ چاهي الف هجي يا ب ۔۔۔ سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون ۔۔۔ اوهانکي ڪا اميد ڪنهن مان آهي ته بسم الله پر پاڻ کي نه ته پاڪستان مان ڪا اميد آهي ۽ نه ئي ڪو آسرو ۔۔۔ بس الله تعالا سنڌ جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔

    سنڌي ۾ چوندا آهن ته: سياڻو ڪان ٻه ٽنگو ڦاسي ۔۔۔” سنڌ به انگريزن کان جان ڇڏائڻ خاطر اچي پاڪستان ۾ ڦاٿي ۔۔۔ انگريزن وٽ وري به ڪي اصول هيا پر هن ملڪ ۾ اصول ۽ عقل جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي ڄڻ آسمان ڏانهن منهن ڪري ٿڪون اڇلائڻ۔

    بس ڙي سهڻا سائين ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ رب ۾ آسرو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو