ڊيٽا کي ڪمپريس ڪريو۔۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    پنهنجي فائيلز کي ڪمپريس ڪري توهان آساني سان ڊيٽا کي ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ به ڪري سگهاو ٿا ۽ تيز رفتاري سان اي ميل پڻ ڪري سگهو ٿا نه صرف ايترو پر پنهنجي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جو سپيس بچائيندي ان جي رفتار پڻ تيز ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
    جيڪڏهن توهان کي ڪنهن دوست ڏانهن 12 فوٽو اي ميل ڪرڻا آهن ته بجاءِ توهان هڪ هڪ ڦوٽو اٽيچ ڪرڻ جي 12 ئي ڦوٽن کي زپ فولڊر ۾ رکي هڪ ئي دفعو اٽيچ ڪريو ۽ موڪلي ڏيو۔۔۔
    ان لاءِ سڀ کان پهريان سمورن ڦوٽن کي سليڪٽ ڪري مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ send to اختيار استعمال ڪندي سمورن ڦوٽن کي زپ فولڊر ۾ منتقل ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    زپ سافٽويئر دراصل اڳ ئي ونڊوز ايڪس پي ۾ موجود هوندو آهي ۔۔۔۔ جڏهن ته وڌيڪ هيٺيان سافٽويئر پڻ ڊيٽا کي ڪمپريس ڪري موڪلڻ لاءِ بهترين ڪم انجام ڏيندا آهن۔۔۔

    ون رار هڪ طاقتور ٽول آهي جنهن جي ذريعي وزني فائيلز کي نه صرف ٽڪڙن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو بلڪ ڊيٽا کي هلڪو ۽ اپلوڊ ڪرڻ ۾ آسان بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔۔


    ZipItFree هڪ بهترين ٽول آهي جنهن جي ذريعي توهان ڊيٽا کي ڪمپريس ڪندي 15 فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔


    PeaZip هڪ پورٽيبل سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي تڪڙي رفتار سان ڊيٽا کي مختلف فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ جهڙوڪ۔۔ 7z, ZIP, GZIP, BZIP2, TAR, RAR


    Free Compressor جو نعرو آهي ته هن سافٽويئر ذريعي ڊيٽا کي 56 سيڪڙو ڪمپريس ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ڊريگ ڊراپ استعمال ڪندي پنهنا گيت گانا ۽ فائيلز هن ذريعي ڪمپريس ڪريو۔۔۔

    Zip Files Opener سادي انٽرفيس ذريعي آرام سان ڊيٽا کي ڪمپريس ڪندو آهي۔۔۔ مفت جي هن سافٽويئر جون خوبيون پڻ ڀليون آهن۔۔۔


    ezyZip هڪ سادو ۽ جاوا بيسڊ سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي آن لائين پٽ فائيلز کي زپ ۽ انزپ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته اهو سڀ ڪجهه هو ڪنهن ٻئي سرور تي ڪرڻ بجاءِ توهان جي ڪمپيوٽر تي ئي برائوزر ۾ رهي ڪري ڪندو آهي۔۔۔ جنهن سان ڊيٽا کي ڪمپريس ۽ ڊي ڪمپريس ڪرڻ جي رفتار پڻ تيز هوندي آهي۔۔۔


    ان کانسواءِ ڪجهه ٻيا سافٽويئر جهڙوڪ 7-zip, Tugzip ۽Bitser. وغيره پڻ بهترين سافٽويئرن ۾ ليکيا ويندا آهن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڊيٽا کي ڪمپريس ڪريو۔۔۔

    ادا صفا اصل جادوگر لڳو پيو آهين

    بهترين سافٽ ويئرس آهن ادا پر سافٽ ويئرس ته پنهنجي جا۽ تي توهان جي سمجهائڻ جو انداز مان مون کي لڳي ٿو ته توهان پهريائين استاد هئا

    لاجواب ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو