• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 9 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 9 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 آگسٽ 1884ع شاعر ۽ خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير علي نواز ناز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1933ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر غازي محمد ايوب شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1941ع ليکڪ بدرالدين لاڙڪ (نوشهرو فيروز) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1951ع شاعر محمد بخش شاد جو جنم ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1953ع اديب، شاعر، صحافي ۽ ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي جو جنم ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1953ع ليکڪ محمد قاسم ملاح جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1954ع ليکڪ، ڪالم نگار ۽ صحافي نصير اعجاز (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1963ع شاعر رحمت الله جوڻي جو جنم ڏينهن آهي.
9 آگسٽ 1991ع باليووڊ جي سنڌي اداڪاره هنسيڪا موٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

9 آگسٽ 1980ع نامياري سياسي اڳواڻ شهيد نذير عباسي کي پاڪستان جي ڳجھين ايجنسين تشدد ذريعي شھيد ڪيو ويو.
9 آگسٽ 1980ع اڳوڻي فوجي آمر ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان يحيى خان جي وفات ٿي.
9 آگسٽ 2017ع شاعر ۽ اديب ناطق ڳيريلائي [ محمد صالح چنا] جي وفات ٿي.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آمريڪا پاران 9 آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ”نئٽ بواءِ“ معنيٰ ”ٿلهي ڇوڪري“ جي نالي سان ائٽم بم اڇليو ويو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا هئا.
 
Back
Top